Wednesday , April 17 2024

سنڌ جي چيڪي مٽي ۽ جامِ قلندر – انعام شيخ

انعام شيخInam Sheikh

شاعريءَ، ادب، فن، علم ۽ موسيقي، حڪمراني ۽ واپار کان وٺي چونڊ جي آزادي تائين، سومرن جو دور هڪ حيرتناڪ دور آهي، جنهن ۾ عورتن کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ مردن سان تمام وڏي پيماني تي ڀاڱي ڀائيوار ڪيو ويو، سندن راءِ جو احترام ڪندي کين سماج جي هر ڏسا ۾ اڳتي آندو ويو. سڀ کان اهم پهلو ته سومرا دور ۾ نه رڳو تدريس ۽ تعليم جي شعبي ۾ عربيءَ سان گڏوگڏ سنڌي ٻولي کي لاڳو ڪيو ويو، پر هڪڙو اهڙو علمي ماحول پيدا ڪيو ويو، جنهن جي ڪري افغانستان، خراسان، ايران، ڀارت وچ ايشيا، عرب دنيا ۽ پري پري کان طالب هتي اچي تعليم پرائين ٿا ۽ تعليمي ادارن ۾ وڏي مرتبي جا اُستاد پنهنجو علمي ڪم جاري ٿا رکن. هي اهو دور آهي، جنهن ۾ پير پَٺو به آهي ته شاهه جميعل گرناري به آهي، پير ڀرڪيو، شاهه ڏاتار، شاهه حسن، شاهه آري، شاهه لال ڇَتو، سيد فتح شاهه، شيخ ذڪريا، ڪريم قتال گريا، جهڙا عالم به آهن، ته تصوف جي دنيا ۾ ننڍي کنڊ جي وڏن صوفين، حضرت داتا گنج بخش رحه، حضرت خواجا اجمير رحه سميت ڪيترن ئي بزرگن جي تعليم سنڌ ۾ عام آهي.

مطلب ته هڪ رنگين ۽ وڻندڙ ماحول آهي، جنهن ۾ ڪنهن وڏي مجدد، قلندر، استاد ۽ عالم جو پيدا ٿيڻ اڻٽر آهي. اهڙي ماحول ۾ حضرت عثمان مروندي عرف شهباز قلندر جي سنڌ ۾ آمد ڪا غيرمعمولي ڳالهه ان ڪري ناهي، جو هن خطي جا سنڌ ڏانهن سفر وڏي عرصي کان معمول بڻيل آهن. قلندر سائين به هڪڙي اهڙي ڪٽنب سان تعلق ٿو رکي، جيڪو خود آلِ علي عه ۽ آلِ رسول صه جو تسلسل آهي ۽ انهن مقدس گهراڻن سان محبت کيس ورثي ۾ مليل آهي. سندن والد حضرت ڪبيرالدين صاحب، حضرت امام حسين عه جي مزار جو سنڀاليندڙ، ٻُهاريدار ۽ ”مُجاب“ آهي. (مجاب اهڙي اُتاهين رُوحاني منزل تي پهتل شخص کي چئبو، جيڪو اهلِ مماتي سان ڳالهائي سگهي ۽ اتان کيس سندس ڳالهه جو جواب ملي سگهي آهي، ۽ والده  مقامي امير جي نياڻي آهي. روايتن موجب، سيد ڪبيرالدين کي ان امير زاديءَ سان 75 سالن جي عمر ۾ شاديءَ جو حڪنامو به مزار مقدس منجهان ان خاطريءَ سان مليو، ته کيس جيڪو پٽ ڄمندو، اهو پنهنجي دور جو وڏو عالم ۽ قلندر هوندو. ستت ئي اهو سدورو ٻار پيدا ٿو ٿئي، جنهن کي پنهنجي نيڪ سيرت والده جي طرف کان تمام سٺي تعليم ۽ تربيت ٿي ملي. آسپاس جي عالمن کان فيضياب ٿيڻ بعد اهو ٻار، هڪ جوان جي صورت ۾ عرب ۽ عجم سان گڏ هندستان ۽ وچ ايشيا جي هر علمي مرڪز ۾ موجود آهي. انهن علائقن جو شايد ئي ڪو اهڙو علمي آستانو هُجي، جتان هڪ جوان مان بزرگ ٿيل ان هستيءَ جو سفر نٿو ٿئي. سيلاني طبيعت جو قلندر، اڌ دنيا گهمندو، همعصر روميءَ جي شاعريءَ مان تصوف جي پُرڪيف پيالن جون سُرڪيون ڀريندو، جڏهن هندستان ۾ اچي ٿو، ته سندس حلقي، بلڪه عزيز ترين دوستن مان هڪڙو حضرت بهاءُ الدين ذڪريا رحمت الله عليه، ٻيو بابا فريد گنج شڪر رحه، ٽيون سيد جلال سرخ پوش بخاري، جڏهن ته چوٿون پاڻ حضرت عثمان مروندي آهي. ”چئن يارن“ جي نالن سان مشهور انهيءَ سنگت مان حضرت عثمان مرونديءَ جو علمي توڙي ادبي مرتبو اهو آهي، جو کيس نه رڳو پشتو، فارسي، ترڪي، عربي، سنڌي ۽ سنسڪرتي ڳالهائڻ ٿي اچي، پر شاعريءَ جو شاندار شعور پڻ حاصل آهي. تصوف جي دنيا ۾ ”قلندر“ جو مقام مليل ۽ روحانيت جي ماڳ تي کين حضرت علي مرتضيٰ عه جي سرپرستي حاصل آهي.

اها شخصيت، جيئن عام طور چيو ويندو آهي، ته سنڌ ۾ رڳو مذهبي تبليغ ڪرڻ يا مُبينه طور اتي موجود ظلم ۽ ڏاڍ جي حڪومت ختم ڪرڻ يا جهالت ۽ بدڪاريءَ کي بند ڪرڻ جي لاءِ آئي هئي…سا ڳالهه دل کي آئُڙي نٿي، ڇاڪاڻ ته حضرت قلندر شهباز رڳو هڪڙو مسافر، فقير، مست، عاشق يا شاندار شاعري ڪندڙ روايتي ”عظيم شخص“ ته نه آهي، بلڪه هُو هڪ صاحبِ مرتبه عالم ۽ عارف به آهي. وڏي ڳالهه ته سنڌ ۾ سندس آمد وقت حڪمراني بهتر صورت ۾ آهي، ملڪ ۾ امن سڪون جي ماحول سبب علم ۽ فن جا ڏيئا روشن آهن، آباديءَ ۾ مذهبي يا ڪو ٻيو وڏو متڀيد ڪونهي ۽ عوام خوش خير عافيت سان رهن ٿا. اسلام جا وڏا وڏا پرچارڪ ۽ بزرگ سنڌ ۾ متحرڪ ۽ موجود آهن. ڏاکڻي سنڌ ۾ اسماعيلي داعي متحرڪ ۽ بکر ۾ شيخ نُوح بکريءَ جهڙي عالم جي سهروردي خانقاه آباد آهي، اگهم ڪوٽ، مهتم طُور ۽ جنهاڻ سومرو ۾ علمي مرڪز موجود آهن. جڏهن ته خود سيوهڻ ۾ قائم ٿيل ”مدرسه  فقهئه اسلام“ جهڙي وڏي اداري ۾ آسپاس جي ملڪن سميت عرب دنيا جا شاگرد به تعليم ٿا پرائين. مدرسي جي معلمن ۾ مخدوم نور الله، شاهه عبدالله، عبدالرحمان ۽ ٻيا بزرگ استاد طور پڙهائي رهيا آهن. ساڳئي جاءِ تي  قلندر سائين پاڻ به معلم طور نه رڳو تدريس ۽ تعليم جو سلسلو شروع ڪيو، پر ان شاندار مدرسي جي نصاب ۾ پنهنجا پنج ڪتاب (1) ميزانِ صرف (2) اجناس (3) قسمِ دوئم (4) عقد ۽ (5) ضبدات شامل ڪري درس ۽ تدريس جو سلسلو شروع ڪيو. ان ڪري تمام گهڻي اعتماد سان چئي سگهجي ٿو ته قلندر سائينءَ جي سنڌ ۾ اچڻ جو اصل محرڪ علمي ۽ صوفياڻي ماحول جي ڪشش آهي. جنهن ماحول ۾ عارفن، صوفين، عالمن، لائق استادن ۽ شاگردن جو هڪڙو وسيع حلقو موجود آهي ۽ اسلامي مُبلغ، مُفسر، مُحدث، مُقرر، مُدبر ۽ مُعلم قرآني ۽ رباني پيغام ڦهلائڻ ۽ پنهنجن علمي توڙي عرفاني خيالن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ متحرڪ آهن. اتي قلندر سائين جي باربار اچڻ جو سبب بالڪل سمجهه ۾ اچڻ جوڳو آهي.

عام طور محققن ۽ کوجين سندن سنڌ ۾ اچڻ جا  ٽي  مُک جواز ڄاڻايا آهن: (1) کين حضرت امام حسين عه جي مزار تان ان قسم جو اشارو مليو ته سنڌ ۾، خاص شهر ”سيوهڻ“ ۾ کين پنهنجو ديرو قائم ڪرڻو آهي. (2) سيوهڻ ۽ ان جي آسپاس زبردست قسم جي علمي سرگرمي ۽ وڏن عالمن جي موجودگيءَ جي ڪشش ۽ ڇڪ سبب پاڻ 1196ع ۾ سيڙجي حاجي پير اسماعيل پنهور وٽ پاٽ شريف ۾ اچي ساڻن ملاقات ڪئي اٿن. (3) اهو به خيال غلط آهي ته قلندر سائين پنهنجي آخري عمر ۾ سنڌ ۾ آيا ۽ ڪجهه سالن ۾ سندن رحلت ٿي. جڏهن ته قلندر سائينءَ جي زندگي ۽ فڪر تي ڪم ڪندڙ مختلف محققن جو خيال آهي ته پاڻ هڪ دفعو نه، پر بار بار سنڌ ۾ آيا آهن ۽ آخري دوري ۾ پاڻ اتي مستقل رهڻ جو فيصلو ڪري، آستانو ٺاهي، پنهنجي فڪر ۽ خيالن کي اڳتي وڌائڻ جي باضابطه ڪوشش ڪئي اٿن. هيءَ پڻ هڪ اهم ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ ايندڙ ولين، بزرگن ۽ عالمن جي آمد جا ٻه روايتي رستا آهن. اهي يا ته افغانستان کان پنجاب لتاڙيندا هتي ايندا هئا، يا قنڌار کان نڪري بولان لڪ لتاڙي پهچندا هُئا. جڏهن ته قلندر سائين عراق ۽ ايران جي مختلف علائقن جا سير سفر ڪندي، علم ۽ عرفان جون منزلون ووڙيندي، سنڌ ۾ مڪران جي طرف کان آيا آهن، جيڪو عرب مبلغن جي اچڻ وڃڻ جو روايتي رستو رهيو آهي. بهرحال اهم خيال اهو آهي ته سنڌ ۾ کين مٿي ٻڌايل علمي ادبي ماحول کانسواءِ سماجي جوڙجڪ ۽ اتان جي ثقافت بيحد متحرڪ ۽ متاثر ڪيو. ان سان گڏوگڏ سيوهڻ جي جاگرافيائي بيهڪ به نهايت ئي پرڪشش هئي. جنهن علائقي کي هڪ پاسي کان کير ٿر جا پهاڙ هجن، ٻئي پاسي کان درياهه وهندو هجي، ٽئين پاسي کان وسيع سرسبز ميداني علائقو هجي، آسپاس ٽلٽي، بوبڪ ۽ پاٽ جهڙا وڏا علمي ادبي مرڪز موجود هجن ۽ ڪنهن به قسم جي مذهبي پابندين کان آزاد زندگي سڪون ۾ هلندي رهي هجي….دل چاهي ته رقص ڪيو، داستان لکو، شعر چئو ۽ وجد ۾ وڃو- مطلب ته پنهنجي پسند جي زندگي گذاري سگهو، ته هڪ آزاد شخص ۽ قلندر لاءِ ان کان وڌيڪ ڪهڙي ڪشش ٿي سگهي ٿي!

ان دلڪش صورتحال سان گڏ مقامي آباديءَ جي مهذب روش، شاندار ريتن، رسمن، مهمان نوازي، انسان دوستي، عورت-دوست ماحول جي موجودگي، اقليتن سان انصاف ڀريي ورتاءَ حضرت لال شهباز قلندر کي سيوهڻ جي ڌرتيءَ تي پنهنجا پکا مستقل طور اڏڻ تي اُتساهيو هوندو. اها دراصل سنڌ جي ثقافت ۽ ان جو سڀيتائي ورثو هئو، جنهن سندن دل ۾ گهر ڪيو…۽ پوءِ قلندر ۽ سنڌ هڪ ئي ڳالهه ٿي ويا، ٻنهي جي وچ ۾ ڪو به فرق نه رهيو. ”شِو-واهڻ“ نالي هڪ وستيءَ کان شروع ٿيل هن سفر ۽ سڪندر اعظم جي دور کان به پراڻي سيوهڻ جي تاريخي اهميت تي جڏهن سندن نظر پئي، سنڌي عوام جي نماڻي ۽ نهٺي مزاج سان سندن اندرُ هم- آهنگ ٿيو ته حضرت عثمان مروندي رحمت الله عليه انهيءَ پنهنجي صوفياڻي فڪر جا رنگ ڀريندي، سنڌ سان محبت جو هڪڙو نئون گلدستو متعارف ڪرايو. هُن سنڌ جي هوائن ۾ وڏي آواز ”حيدريم قلندرم مستم“ جي صدا بلند ڪندي ۽ پنهنجو پاڻ کي ”بندءِ مرتضيٰ علي هستم“ ڄاڻائيندي، حضرت علي عه ۽ ان جي اولاد سان سنڌ واسين جي پراڻي محبت کي ٻيهر جيئاريندي، سنڌ جي سرسبز ثقافت ۾ ڳاڙهو حسيني رنگ ڀري، علي عه جي اولاد سان محبت جو نئون داستان رقم ڪيو. ڏسندي ئي ڏسندي، آلِ رسول صه جا ديوانا سندن چوڌاري مِڙندا ويا. انهن ديوانن مان هندومت جي مڃيندڙن کين ”جهولي لال“ سڏي ورون ديوتا جو نئون روپ قرار ڏنو. مسلمانن کين تصوف جي هڪ وڏي قلندر طور تسليم ڪيو. اهڙي طرح سنڌ جي سيڪيولر مزاج ماڻهن حضرت عُثمان مرونديءَ کي پنهنجو لائق فرزند تسليم ڪندي، هڪ عظيم انسان طور تي مڃتا ڏني- ۽ پوءِ شِو-واهڻ کان سيوهڻ تائين هزارين سالن جي سفر ۾، شهر قلندر جي روپ ۾ هڪ نئين منزل جو قيام عمل ۾ آيو، جيڪو ڦهلبو سنڌ جي علم، ادب ۽ مجموعي سماجي زندگيءَ جو اڻ ٽُٽ حصو بڻجي ”سيوهڻ دا، سنڌڙي دا شهباز قلندر“ جي صدا ۾ تبديل ٿي ويو. ايئن هڪ شاندار سماج شاندار انسان کي پنهنجي اندر ۾ مستقل جاءِ ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اُتم شخص ۽ سُجاڳ سماج هڪٻئي کي ٺاهڻ، ترتيبڻ ۽ اڳتي وڌائڻ ۾ گهربل ڪردار ادا ڪيو. موسيقي، رقص ۽ وجد جيڪي ايامن کان سنڌي سماجي ۽ ان جي سڀيتا جو حصو رهيا آهن، تن ”ڌمال“ جي ذريعي انساني اُڌمن جي اظهار جي هڪ نئين واٽ ڳولي لڌي ۽ ”قلندري اوتاري“ کي دردن جي درمان طور تسليمي ڏني. اڄ جڏهن هزارين ماڻهو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڪهي، سيوهڻ پهچي ڪنهن افغاني شدت پسند مذهب کان متاثر ٿي نٿا اچن، نه ئي اهي انتها پسند مذهبي ضابطن ۽ قانونن کان مرعوب ٿي ٿا اچن، نه اهي تشدد يا ڏاڍ ذريعي پنهنجي ڳالهه مڃائڻ واري خيال کان مغرور ٿي سيوهاڻي آستاني تي ٿا پهچن. اهي ته سنڌ جي سٻاجهي، نماڻي، معصوم ۽ مهمان نواز انسان دوست سماج طرفان اختيار ڪيل دنيا جي هر انسان کي پاڻ ۾ سمائڻ واري رويي کان متاثر ٿي ٿا اچن، ۽ اهي سيوهڻ جي سرزمين تي پهچي، جڏهن سينگار علي سليم جي ٻولن ۾ ”طلوعِ سحر هي شامِ قلندر، اُٺو رندو پيئو جامِ قلندر“ واري صدا هڻن ٿا، ته ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ ڪا منزل ۽ ڪو مسافر ٻئي گڏجي هڪ ڳالهه ٿي ويا آهن. هڪ عظيم انسان ۽ هڪ شاندار سماج: ”تون سيوهڻ جي چِيڪي مِٽي، آئون قلندر جهڙو آهيان“ جي عملي تصوير بڻجي هڪ ٻئي سان گڏجي امر ٿي ويا آهن.

ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته شهباز قلندر جي شخصيت جيڪڏهن سنڌ جي صُوفي چهري جي سڃاڻپ آهي، ته جُڳن کان امن ۽ آشتيءَ جو پيغام ڏيندڙ سنڌي سماج به قلندر سائينءَ جي صوفي جذبن، اُڌمن ۽ اُتم آدرشن جي ترجماني ڪري ٿو. اهڙي طرح اڄوڪي دور ۾ هڪ عظيم شخصيت ۽ هڪ مهذب سماج امن، سلامتي سهپ، بقاءِ باهمي جي جنهن گڏيل ورثي جو درس ڏين ٿا، اهو درس اڄوڪي جديد ۽ گلوبل سماج سان بلڪل برابر جو برُ ميچي ٿو. سيڪيولرزم، لبرل ازم ۽ هيومنزم سميت مغربي سماج ۾ رائج سمورا جديد نظريا سنڌ جي ڪلاسيڪل سماجي شعور سان بلڪل ميل کائين ٿا. ان تاريخي ۽ اساسي شعور ۾ جمهوريت به آهي، انسان دوستي به آهي ته وطن پرستي به آهي. تنهن جي ڪري قلندر سائينءَ جي صوفياڻي فڪر کي سنڌي سماج جي تاريخي سڀيتائي ورثي کان جدا ڪري سيوهڻ، سنڌ ۽ سخي لال قلندر جي رشتي کي ڪڏهن به سمجهي نه ٿو سگهجي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *