Sunday , May 26 2024

سنڌ جي ناليواري شاعر، دانشور، عالم ۽ حضرت سچل سرمست رح جي شارح مقصود گل جي وڇوڙي کي پنج ورهيه وهامي ويا

ڪراچي پريس ڪلب ۾ مقصُودگل اڪيڊمي سنڌ پاران منعقد ڪيل پنجين ورسي –  رپورٽ ياسر قاضي

ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي پريس ڪلب پاران، مقصُودگل اڪيڊمِي سنڌ جِي سهڪار سان، سنڌ جي ناليواري شاعر، دانشور، عالم ۽ حضرت سچل سرمست رح جي شارح، مقصُود گل جي پنجين ورِسِيءَ جي موقعي تي، کيس عقيدت جو خراج پيش ڪرڻ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب جي ڪانفرنس هال ۾، هڪ پُروقار ادبي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جي صدارت سنڌ جي نامياري شاعر، صحافيءَ ۽ تاريخدان يُوسف شاهين ڪئي، جڏهن ته تقريب جِي خاص مهمان، ناميارِي لطيف شناس محقق، ڪهاڻيڪار، ٻوليءَ جي ماهر، استاد، تعليمدان ۽ لغت نويس، پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين هئي. مُک مهمانن ۾ سينيئر صحافي، مترجم، سفرنامه نويس ۽ دانشور، نصير اعجاز، ناميارو براڊڪاسٽر ۽ سنڌي نشرياتي ادب جو سرواڻ، نثار ميمڻ ۽ ناميارو انقلابي راڳي ۽ ٽيليويزن پيشڪار، بيدل مسرُور بدوي ۽ قديم آثارن جو ماهر، سچل شناس مُحقق ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپُور ۾ قائم، سچل چيئر جو اڳُوڻو ڊائريڪٽر، پروفيسر الطاف اثيم هو. جڏهن ته هن ادبي ميڙاڪي جي سمُوري ڪارروائي، مقصُود گل اڪيڊمي سنڌ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ مُون هلائي.

سينيئر صحافيءَ، الطاف مجاهد، الله سائينءَ جي ڪلام جي تلاوت سان هن ورسيءَ جي تقريب جو باضابطه آغاز ڪيو. ڪراچي پريس ڪلب جي صدر ۽ سينيئر صحافيءَ، محمّد امتياز خان فاران، ميزبان جي حيثيت سان سمُورن آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ڪراچي پريس ڪلب پنهنجيءَ روايت کي برقرار رکندي، عظيم شخصيتن کي ياد ڪرڻ جي سلسلي کي جاري رکندي، مقصُود گل جي حيات ۽ خدمتن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ هي ميڙاڪو ڪوٺائيندي خوشي محسُوس ڪري رهي آهي ۽ هيڏن وڏن عالمن، اديبن ۽ دانشورن کي پنهنجي اڱڻ تي ڏسي سرهائي ٿي رهي آهي. هن مستقبل ۾ پڻ ڪراچي پريس ڪلب پاران اهڙن ميڙاڪن جي انعقاد جي خوشخبري ٻڌائي. سينيئر صحافي، ليکڪ ۽ روزاني ”عوامي آواز“ جي اسسٽنٽ ايڊيٽر، زرار پيرزادي، ”مقصُود گل جي ڪالم نگاري ۽ قطعه نگاريءَ“ جي موضُوع تي پنهنجن خيالن جو تفصيلي اظهار ڪندي ٻڌايو ته: ”جيتوڻيڪ مقصُود صاحب کان سنڌي اخبارن ۾ حالاتِ حاضره جي مناسبت سان قطعي لکرائڻ جي ڪرت جو آغاز بدر ابڙي ڪرايو، جڏهن هُو روزاني ”پُڪار“ سکر جو ايڊيٽر هو، پر اهو ”عوامي آواز“ جو اعزاز آهي ته مقصُود صاحب، وڌ  ۾ وڌ وقت قطعو ”عوامي آواز“ لاءِ لکيو. جيڪو عرصو لڳ ڀڳ 10 سالن جي برابر آهي. ان وچ ۾ ڪجهه سال مقصُود صاحب سنڌ جي ڪلاسيڪي صنف ”بيت“ ۾ به حالاتِ حاضره کي قلمبند ڪري ايڊيٽوريل صفحي جي زينت وڌائي. ”ڪجهه سچ، ڪُجهه ڪُوڙ“ جي عنوان سان لکيل سندن ڪالم نه رڳو ”ڪالم ڪهاڻيءَ“ جي صنف ۾ گذرندڙ دؤر جي چٽِي تنقيدي تصوير هوندي هئي، پر اهو ڪالم ان ڳالهه جو بيان به هوندو هو ته اسان جي رهبرن ۾ به ڪي سچا آهن، ته ڪي ڪُوڙا…“

سينيئر صحافي، ليکڪ ۽ استاد، طارق عزيز شيخ، مقصُود گل سان پنهنجي رفاقت جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته: ”منهنجي اها خوشقسمتي رهي ته مقصودگل صاحب پاران ڪيل سچل سرمست جي فارسي مثنوين جي اردو ترجمي واري ڪتاب ”عشق سمندر“ جي پهرين ڇاپي جا پرُوف مون کي پڙهڻ جو موقعو مليو، جنهن ڪري سائينءَ سان نيازمندي شرُوع ٿي ۽ سائينءَ جي وفات کان هڪ هفتو اڳ سندن زندگيءَ جي آخري ڪانفرنس ۾ به منهنجي نه رڳو ساڻن ملاقات ٿي، بلڪه انهن جي هٿان مون کي شيلڊ وصول ڪرڻ جو اعزاز پڻ نصيب ٿيو، جيڪا هڪ ئي وقت مون لاءِ خوشيءَ توڙي غم جي ڳالهه آهي.“ طارق، مقصود گل جي ادبي سفر تي طائرانه نگاهه وجهندي، سندس خاص قلمي ڪارنامن جو ذڪر به ڪيو.نامياري دانشور ۽ مترجم ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ پنهنجي پاران سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل مقصودگل جي شاعريءَ مان چونڊ سٽُون پڙهيون، جنهن انتخاب مان گل صاحب جي ترائيل ”انب جي وڻ تي ٻه ويٺلَ ڳيرڙا…“ جي ترجمي کي بيحد پسند ڪيو ويو. ان موقعي تي وچ وچ ۾ بيدل مسرُور، مقصودگل جي ڪلام جي جُهونگار سان محفل مهڪائِي. هن جڏهن سندس غزل ”نظر جي تير سان ڦٽي لُڇڻ به ڪونه ٿو ڏئي…“ ۽ سندس گيڙُوءَ ـ رنگ غزل ”وري مؤج مقتل ڏي ايندي ڏسان ٿو“ کي راڻي (راڳ) ۾ ڪمپوز ٿيل ڌُن ۾ جهُونگاريو ته حاضرين تي ڪيف طاري ٿي ويو. محفل دؤران سينيئر شاعر اقبال شاهين، مقصُود سائينءَ کي پنهنجو لکيل منظُوم خراج پيش ڪيو، جڏهن ته ساڀيان سانگيءَ، مقصُود گل جي ڪلام منجهان چونڊ غزل پيش ڪيا.

سينيئر محقق، لوڪ ادب جي ماهر، براڊڪاسٽر ۽ وفاقي اردُو يونيورسٽي ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي جي سربراهه، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ٻڌايو ته: ”مقصُود گل صاحب سان منهنجي شناسائيءَ جو آغاز 2006ع ۾ ٿيو، جڏهن هنن کي مُون پهريون ڀيرو ريڊيي ڪراچيءَ جي ادبي پروگرام ”رسالو“ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. تڏهن ان پروگرام جو پيشڪار مان هئس. پر منهنجي اها خوشقسمتي به رهي ته سائين مقصودگل فيبروري 2015ع ۾ منهنجي پاران ڪوٺايل لوڪ ادب جي ان قومي ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿيا، جيڪا سندن وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچيءَ جي هڪ خانگي هوٽل ۾ منعقد ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ سائينءَ سنڌي لوڪ ادب بابت تفصيل سان پنهنجا ويچار به ونڊيا ۽ پنهنجي لکيل لوڪ ادب جي صنفن جا نمُونا پڻ پيش ڪيا.“

نامياري محقق، ٻارن جي اديب ۽ ٽيليويزن پروڊيوسر، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگيءَ ”مقصود گل جو ٻارن جي ادب ۾ حصّو“ جي موضوع تي پنهنجو مقالو پيش ڪيو، جنهن ۾ هن پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز جي حوالي سان ٻڌايو ته:”ان جو موضوع ”ٻارن جي رسالي گل ڦل جو سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ حصّو“ آهي، جنهن ۾ مقصُود صاحب جُون لکڻيُون نثر توڙي نظم ۾ 1979ع کان وٺي نظر اچن ٿيو ۽ 2015ع تائين (سندن وفات تائين) سندن ڪهاڻيون، نظم توڙي ڪالم ٻارن سان سندس پيار جُون مظهر آهن. ان کان سواءِ ”هلال پاڪستان“ اخبار ۾ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ٻارن لاءِ لکيل سندن ڪالمن جو سلسلو ”ٽمُون شرارتي“ به پنهنجي وقت جو مقبُول سلسلو هو. مقصود صاحب پاڻ چوندو هو ته پالڻهار جو مجسّم رُوپ ڏسڻو آ ته ٻار کي ڏسجي. اهو ئي سبب آهي جو مقصُودگل صاحب پنهنجي عمر جا آخري ٻه ڏهاڪا ٻارن لاءِ اسڪول قائم ڪري علم جُون ڏياٽيون روشن ڪيُون ۽ ”گلدستو “ نالي ٻارن جو ادبي رسالو پڻ جاري ڪيو.“

ناميارِي فارسي محقق ۽ اسڪالر ۽ مرزا قليچ بيگ جي پَڙ پوٽِي، ڊاڪٽر فائزه زهرا مرزا، مقصود گل پاران ڪيل سچل سرمست جي ڪلام جي منظُوم اردُو ترجمي بابت پنهنجو تفصيلي مقالو پيش ڪيو، جنهن ۾ هن مقصود صاحب جي ترجمي جي سلاست، روانيءَ ۽ ترجمي نگار جي فصاحت توڙي بلاغت جي واکاڻ ڪئي.اردُوءَ جي معرُوف شاعر ـ راشد نُور، مقصود گل جي اردو شاعريءَ بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته: ”مقصُودگل جو غزل، تغزل جي اصل رنگ سان ڀرپُور آهي. وٽس هر اظهار پنهنجي پُوري آب ۽ تاب سان اچي مڪمّل طرح اظهارجِي وڃي ٿو ۽ پڙهندڙ وٽ ان کي پڙهڻ کان پوءِ ڪا تشنگي نه ٿي بچي. هن پنهنجي غزلن ۾ ڪي ڪي انوکا بحر به استعمال ڪيا آهن، جن جو استعمال هر شاعر ناهي ڪري سگهندو.“راشد نُور، مقصودگل جي سانيٽ، نظم ۽ ٻين اردُو صنفن جي ساراهه به ڪئي ۽ سندس اردُوءَ شاعريءَ منجهان سندس خوبصورت سٽن جا مثال پيش ڪندي، ان ڳالهه جي ضرورت تي زور ڏنو ته سندس اردو ڪلام شايع ٿيڻ گهرجي.

ينيئر صحافيءَ ۽ ليکڪ، همسفر گاڏهيءَ، مقصُودگل جي شاعريءَ بابت پنهنجي مقالي ۾ گل صاحب کي قادرالڪلام شاعر ڪوٺيو ۽ چيو ته:”سندس شاعريءَ تي سندس اُستاد، ڊاڪٽر عطا محمّد ”حاميءَ“ جو اثر نمايان طور تي نظر اچڻ جي باوجُود سندس شاعريءَ جي انفراديت قائم آهي، جيڪا سندس ڪلام کي دُوام بخشي ٿي. هُو پنهنجي شاعريءَ جي سٽ سٽ ۾ وطن دوستيءَ، انسان دوستيءَ، سچ پرستيءَ، سنڌ پرستيءَ، مساوات جي نظام جو حامي نظر اچي ٿو ۽ اڻ برابريءَ جي خلاف آواز بلند ڪندي نظر ٿو اچي. سندس شاعري انهن ديرپا خوبين سبب هر دؤر جو آواز بڻبي.“ڄاتل سُڃاتلصحافيءَ، عرفان عبّاسيءَ، مقصود گل سان گهاريل پنهنجي زندگيءَ جي املهه گهڙين جو ذڪر ڪندي چيو ته هو گل صاحب کي پنهنجي پيءُ وانگر سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته مقصُود صاحب به کيس پنهنجن پُٽن وانگر ڀائيندو هو. هن سندس بي تڪلف ۽ لطيف مزاج جو ساراهه وارن لفظن ۾ ذڪر ڪيو.

ورسيءَ جي تقريب جي مُک مهمان، سينيئر صحافي ۽ مصنف، نصير اعجاز، ”هلال ميگزين“ جي مديريءَ واري زماني جُون ساروڻيون سليندي ٻڌايو ته مقصودگل جي ساڻس خط و ڪتابت ان حيثيت ۾ شروع ٿي، جڏهن هُن هلال ميگزين لاءِ لکڻ شروع ڪيو. سندن هٿ اکر ايڏا سهڻا موتيءَ داڻا هئا، جو دل چوندي هئي ته سندس تخليقن کي سندس ئي هٿ اکرن ۾ فلم ٺاهي شايع ڪجي ۽ ان کي ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪرائي ان جي سُونهن نه مارجي. نصير اعجاز، مقصود گل جي شاعريءَ ۾ مزاحمت، سنڌ پرستيءَ، رُومان، فطرت پسنديءَ، اعليٰ اخلاقي قدرن جي پرچار ۽ خلوص سميت ٻين انيڪ خوبين جو سندس شعرن منجهان مثال ڏئي ذڪر ڪيو. محفل جي ٻئي مُک مهمان ۽ سينيئر براڊڪاسٽر نثار ميمڻ ٻڌايو ته: ”منهنجي مقصُودگل سان دوستي سندس جيون جي آخري ڏهاڪي ۾ ٿي، پر اهي ڏهه سال اهڙو سڪ، چاهه ۽ خلُوص وارو رابطو رهيو جو اسان  ”ڪي اوڏا ئي ڏور…“ يا ”ڪي وسرن نه مُور…“ جا جيئرا جاڳندا مثال بڻجي پياسين. اسان جو رابطو فون ڪالز کان ايس ايم ايسز تائين هر وقت ۽ لڳ ڀڳ هر روز رهيو.“ نثار ميمڻ چيو ته ”تمثيلي انداز ۾ ايئن ٿو لڳي ته مقصود جي نالي سان جي لفظ ”گل“ لڳل نه هجي ها ته شايد هُو ايترو جلدي نه ڪُومائجي ها!“

پروفيسر الطاف اثيم، مقصُودگل سان پنهنجي ويجهڙائيءَ وارن ٻن حوالن سچل سرمست ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمّد ”حاميءَ“ جو تفصيل سان ذڪر ڪندي ٻڌايو ته :”سڄو سال اسان ٻنهي جي ٻئي ڪنهن هنڌ ملاقات ٿئي، نه ٿئي، پر سچل جي ميلي جي ادبي ڪانفرنس ۽ حامي صاحب جي ورسيءَ تي اسان جو هر سال گڏجڻ اڻٽر هوندو هو. مقصودگل صاحب جڏهن سچل جي مثنوين جو ڳچ حصّو اردو ترجمو ڪري چڪو، ته پوءِ هنن اها ڳالهه سچل چيئر جي تڏهوڪي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ مون کي ٻڌائي. مون کي اهو ڄاڻي بي انتها خوشي ٿي ۽ مُون کين اهو ڪم جلدي اُڪلائڻ جي گذارش ڪئي ته جيئن ان ڪم کي سچل جي ميلي جي موقعي تي پڌرو ڪري سگهجي. مقصود سائينءَ منهنجي چوڻ تي اهو گرانقدر ڪم جلدي مڪمّل ڪري چيئر ڏانهن موڪليو، جنهن کي اسان وڏي خوشيءَ سان ڇاپيو، جيڪو هٿو هٿ وڪامي ويو. ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ٻه سال اڳ پڌرو ته ٿيو آهي، پر ان ۾ منهنجو پهرين ڇاپي ۾ لکيل پبلشر نوٽ شامل نه ڪيو ويو آهي، جيڪا قلمي بدديانتي آهي.“

تقريب جي خاص مهمان، نامياري عالم، پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين، ”سُندر سوچون سرجيندڙ شاعر“ جي عنوان سان پنهنجي مختصر مقالي ۾ مقصُودگل جي ذاتي توڙي تخليقي خوبين جو ذڪر ڪندي چيو ته: ”مقصودگل هر صنف ۾ موزون شاعريءَ جي گُهرجن جي پورائي کي ضروري ٿو سمجهي. وزن، بحر، صنائع، بدائع، يعني تشبيهُون، استعارا، شاعراڻي ٻوليءَ جُون سمُوريون حسناڪيون سندس شاعريءَ ۾ موجود آهن، جن مان ڪجهه به مصنُوعي نه ٿو لڳي يا شعوري تُڪبندي ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي. سندس شاعريءَ ۾ عڪسيت جي خوبي به موجود آهي، جنهن ۾ ڪئين جاين تي سمعي ۽ بصري عڪسَ ٻڌندڙ جي اڳيان منظر کي چٽو ڪري بيهارن ٿا.“

نامياري تاريخدان، شاعر ۽ محفل جي صدر، يُوسف شاهين، پنهنجي صدارتي خطاب ۾، محفل ۾ شريڪ سمُورن مقررن جي خيالن جي اظهار بابت پنهنجي مختصر راءِ ڏيڻ کان پوءِ ”ويندڙ واڳ نه واري“ جي عنوان تحت مقصُودگل بابت پنهنجو مختصر مقالو پيش ڪندي، سندس تخليقن تي جامع انداز ۾ روشني وڌي ۽ چيو ته: ”ورهاڱي کان پوءِ هيل تائين، سنڌ ڏانهن هن وقت تائين پنج وڏيُون هجرتُون ٿيون آهن، جن رستي لکين ڌاريا سنڌ ۾ آباد ٿي چُڪا آهن. اهو درد مقصودگل جيان سنڌ جو درد رکندڙ هر شاعر محسُوس ڪيو ۽ ان جو سربستو اظهار به ڪيو آهي.“ يُوسف شاهين ان بعد مقصودگل جي شاعريءَ مان ڌرتيءَ جي درد جي عڪاسي ڪندڙ اهڙن عڪسن جا مثال پيش ڪيا ۽ گڏوگڏ مقصُودگل جي وڇوڙي تي پنهنجن اُڌمن جو اظهار پنهنجن بيتن جي صُورت ۾ به ڪيو:

ڪنهن وٽ ٿيان دانهين، ڪنهن سان اوريان حال

جن سين گهاريم جندڙي، سي رهبرَ، سي رکوالَ

ڇڏي ڪئين سُوالَ، ويا ولائتُون اُڪري

تقريب ۾ مقصُود گل جي ونيءَ ـ گلنار بدر، ناصر مقصُود گل، نادر علي قاضيءَ، ثمينه نادر، ثقافت کاتي جي اڳُوڻي سيڪريٽريءَ ۽ نامياري دانشور ـشمس جعفراڻيءَ، روزاني ”مُومل“ جي ايڊيٽر ـ حسينه جتوئيءَ، سينيئر شاعر، نصير سُومري، ڪڇّي ٻوليءَ جي نامياري اديب ـ کتري عصمت علي پٽيل، منوهر شيام، ايم. بي. سُومري، راشد سُومري، رياض مسرُور سيال، امتياز سائر چني، تبسّم راشد کوسو، پارس مسرُور، عرفان ميمڻ، عمران نذير، ايڊووڪيٽ طارق يُوسف صوفيءَ، ڪوڙل ڏهراج، اشعر سعيد، سنڌُو سانگيءَ، اسد ممتاز رڏ، ثقافت کاتي سنڌ جي ڊپٽي ڊائريڪٽرن ـ حبيب الله ميمڻ، سليم سولنگيءَ سان گڏوگڏ اديبن، دانشورن، ادب دوستن ۽ صحافين جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

“صدين کان آباد پنهنجا ڳوٺ خالي ڪيو”، ملير جي ڳوٺاڻن کي نادر شاهي حڪم

“صدين کان آباد پنهنجا ڳوٺ خالي ڪيو”، ملير جي ڳوٺاڻن کي نادر شاهي حڪم   …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *