Monday , July 15 2024

سنڌ جي مالي سال2024-2025جي30 کرب56 ارب رپين جي بجيٽ پيش، پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ

سنڌ جي مالي سال2024-2025جي گهاٽي واري بجيٽ پيش، پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار)  سنڌ جي مالي سال2024-2025جي 30 کرب 56 ارب رپين جي 3 کرب رپين کان وڌيڪ گهاٽي واري بجيٽ پيش، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 20 کان 25 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ واڌ 15 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جي تجويز، سنڌ اسيمبلي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه گهاٽي واري بجيٽ پيش ڪئي، سنڌ اسيمبلي ۾ وڏي وزير جي بجيٽ پيش ڪندي چيو ته، مالي ڏکيائين جي باوجودو عاوم دوست ۽ مناسب بجيٽ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيئن عوام تي ڪو به بار به نه پوي. وڏي وزير چيو ته سرڪاري ملازمن ۾ ڪجهه ڪيٽيگريز ۾ ملازمن جي پگهار 28 هزارن کان گهٽ آهي، انهن جي پگهارن ۾ به اضافو ڪرڻ جو فار،ولا جوڙي رهيآ يهون. نئين مالي سال لاءِ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ گريڊ هڪ کان 6هين گريڊ تائين جي ملازمن جي پگهار ۾ 30 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني آهي، 7 کان 16هين گريڊ 25 سيڪڙو ۽ 17هين گريڊ کان 22هين گريڊ تائين جي ملازمن جي پگهار ۾ 22 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي.

سنڌ جي مالي سال 2024_2025 لاءِ مجموعي ڪاٿو 3300 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، سنڌ حڪومت جي مجموعي آمدني جو ڪاٿو آمدني جو ڪاٿو 661 ارب رپيا لڳايو ويو آهي.

سنڌ جي ڪل آمدني جو ڪاٿو 3 کرب رپيا لڳايو ويو آهي، جنهن  ۾ وفاق کان مختلف مدن ۾ 62 سيڪڙو فنڊز جي منتقلي ۽ صرف 22 سيڪڙو سنڌ جون پنهنجون صوبائي وصوليون شامل آهن.

موجوده وصوليون، 22 ارب رپيا به شامل آهن، عالمي مالياتي ادارن ۽ پرڏيهي قرضن ۽ امداد جي منصوبن جي آمدني جو ڪاٿو 334 ارب رپيا آهي، پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ملندڙ رقم ۾ 77 ارب رپيا، پرڏيهي گرانٽس جي مد ۾ 6 ارب رپيا شامل آهن. نئين مالي سال ۾ 3 کر ربين جي آمدني واري ڪاٿي ۾ 55 ارب رپيا ڪيري اوور ڪيش بئلنس (هلندڙ مالي سال يعني 2023-2024جي بجيٽ جا بچيل پئسا ) جي رقم به شامل آهي.

نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ مجموعي طور662  ارب رپين جي صوبائي اوڳاڙين ۾ خدمتن تي سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 350 ارب رپيا، جي ايس ٽي پلس ٽيڪس جي مد ۾ 269 ارب رپيا ۽ 42.9 ارب رپيا صوبائي نان ٽيڪس وصوليون شامل آهن. موجوده ٽيڪس جي مد ۾ 6 سيڪڙو 184 ارب روپيا موجوده سيڙپ لاءِ رکيا ويا آهن.

https://darodeewar.com/collections

About Ahmedbilal

Check Also

سپريم ڪورٽ: سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت فيصلو محفوظ

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ، سني اتحاد ڪائونسل پاران مخصوص سيٽن بابت …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *