اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌ سماءُ چار) وفاقي سنڌ جي عوام، سياسي سماجي تنظيمن جي احتجاج رنگ لاتو، وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي نوان شھر اڏڻ واري فيصلي تان هٿ کڻي وئي آهي. رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پاليسي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته، آئين مطابق نوان شھر اڏڻ صوبن جو اختيار آهي. سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي نوان شھر اڏڻ جو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي وفاقي حڪومت ڪيو هو. اسد عمر چيو ته سنڌ جي عوام، سياسي سماجي تنظيمن ۽سنڌ حڪومت ڏنگي ۽ڀنڊار ٻيٽن تي نوان شھر اڏڻ جي مخالفت ڪئي هئي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته اهڙي صورتحال کانپوءِ وفاقي حڪومت ٻيٽن تي نوان شھر اڏڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي.
Check Also
ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد فوجي تحويل ۾، ڪورٽ مارشل شروع
ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد شروع، پاڪ فوج، ليفٽيننٽ …