ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌ سماءَ واري کاتي ۾ پوڻان سوا 3 ارب رپين جي مالي گهوٽالي واري ڪيس جي ڀڄي ويل اڳوڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر يوسف ڪابورو کي هڪ اشتهاري ڪمپني جي مالڪ سوڌو گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب ڪراچي ڪرپشن الزام هيٺ سنڌ جي انفارميشن کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر يوسف ڪابورو سميت ٻن جوبدارن کي اسلام آباد مان گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدارن تي 3 ارب 20 ڪروڙ رپيا ڪرپشن الزام آهي. نيب، اسلام آباد ۾ ڪارروائي ڪري انفارميشن کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر يوسف ڪابورو ۽ اشتهار ڪمپني جي مالڪ انعام اڪبر کي 3 ارب 20 ڪروڙ ڪرپشن الزام هيٺ گرفتار ڪيو. نيب ريفرنس 17 ڄڻن تي داخل آهي، جنهن ۾ ضمانتون رد ڪرڻ کانپوءِ 12 جوابدارن کي گذريل سال 23 آڪٽوبر تي گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته هڪ جوابدار انيتا بلوچ فرار ۽ جوابدار فواد فوت ٿي چڪو آهي.
Tags Yousif Kabooro arrested Yousuf Kabooro Arrested in Lahore يوسف ڪابورو گرفتار
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …