Friday , April 12 2024

سنڌ جي سورهيه ۽ سورهين جي بادشاهه جي ورسي _ سهيل ميمڻ

    soreh badshah1

suhailسورهيه بادشاهه جي 74 هين ورسي_سهيل ميمڻ

20 مارچ 1943ع جو سج سنڌ جي سپوت صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جي شهادت واري خبر سان اڀريو هو. کيس گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪرڻ واري قيد جي سلسلي جي اها سندس آخري گرفتاري هئي، جيڪا 24 آڪٽوبر 1941ع تي ٿي ۽ ان کان پوءِ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ميجر رچرڊسن جي سربراهي ۾ قائم مارشل لا ڪورٽ فقط 26 ڏينهن ڪيس هلائي کيس موت جي سزا ٻڌائي. اها مارشل لا ڪورٽ سنڌ اسيمبليءَ جي 20 مارچ 1942ع واري ڳجهي اجلاس ۾ پاس ڪيل حر ايڪٽ IV-1942 تحت وجود ۾ آئي هئي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اُها مارشل لا  عدالت سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاس ڪيل قانون سازيءَ جي نتيجي ۾ ئي وجود ۾ آئي هئي ۽ سنڌ جا ان وقت جا نالي وارا معتبر سياستدان  اهو قانون پاس ڪرڻ واري اجلاس ۾ موجود هئا، سواءِ سائين جي ايم سيد جي، جيڪو ان ڏينهن ان ڳجهي اجلاس ۾ نه صرف شريڪ نه ٿيو، پر اجلاس واري ڏينهن اسيمبلي ۾ ئي نه آيو هو. سورهيه بادشاهه صرف 12 سالن جي ڄمار ۾ گادي تي ويٺو هو، گاديءَ تي ويهڻ سان ئي انگريزن سان سندس پهريون ٽڪراءُ، سندن چاچي پير علي گوهر شاهه کي انگريزن پاران مليل آفرين نامي کي پرزا پرزا ڪرڻ سان ٿيو. چيائين، اسان جا وڏڙا به ڪيتري قدر ساده مزاج آهن، خدا تعاليٰ کين تمام گهڻي عزت بخشي آهي، پوءِ به هي آفرين نامو موجود آهي. انگريزن لاءِ نوجوان پير جو اهو عمل خطري جي گهنٽي ۽ سندس سوچ ۽ ذهنيت جي عڪاسي هئي ۽ انگريز سورهيه بادشاهه تي نظر رکڻ لڳا.

soreh badshah2

ان عمل ۾ پير جا اهي مائٽ جيڪي نوجوان پير تي پنهنجو اثر رسوخ رکڻ ۾ ناڪام ويا هئا، سي انگريزن جا ساٿاري بڻيل هئا. سورهيه بادشاهه کي انگريزن جي ”جي حضوري“ ۾ نه اچڻ ڪري پهريون ڀيرو ناجائز هٿيار رکڻ جي ڏوهه جو الزام هڻي گرفتاري ڪري 10 سال سخت پورهئي سان سزا ٻڌائي پونا جيل موڪليو ويو. اهو به عدالت جو ئي فيصلو هو ته پير صاحب کي سنڌ کان پري قيد رکيو وڃي. انگريز پنهنجي انهيءَ دور انديشيءَ ۾ مار کائي ويا، هو پير صاحب کي پنهنجن ماڻهن کان پري رکڻ جي ڪوشش ۾ کين اهڙن جيلن ۾ قيد ڪندا رهيا، جيڪي اڳ ۾ ئي هندوستان جي انقلابين جا ڳڙهه هئا. انهن سان ملاقاتون، ڊگهيون ڪچهريون، نوجوان پير جي ذهن ۾ پلجندڙ اڻ چٽي انقلاب کي چٽو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيون ۽ کيس وطن يا ڪفن، آزاديءَ يا موت جو نعرو ملي ويو. نوجوان پير جيل ۾ جن ڪتابن کي پڙهي انهن تي فوٽ نوٽ لکيا آهن، انهن مان خبر پئي ٿي ته، اهو ئي اُهو دور آهي، جتي سندس انقلابي روپ چٽو ٿيو. پونا-مدناپور ۽ رتناگري جي جيلن ۾ سورهيه بادشاهه جي جدوجهد هڪ ٽارگيٽ طور سامهون آئي ۽ ڍاڪا ۽ راجشاهيءَ جي جيلن واري دور ان عزم ۽ قوت ۾ اضافو ڪيو. ان کان پوءِ پير صاحب کي 1938ع ۾ اٺ سال جيل بعد آزاد ڪيو ويو، پر انگريز اها آزادي به برداشت نه ڪري سگهيا ۽ ستت ئي پير صاحب کي ڊفينس آف انڊيا ايڪٽ تحت قيد ڪري ناگپور جيل اماڻيو ويو.

soreh badshah4

تاريخ جو ستم چئجي، جو سموري سنڌ جي چونڊيل اسيمبليءَ سپريشن آف حر ايڪٽ بل پاس ڪري حرن کي سنڌين کان ڌار ڪري ڇڏيو هو ۽ قانون سازي ڪندي حر هجڻ کي ڏوهه قرار ڏنو. ان وقت جي ايم ايل اي يعني سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر غلام مرتضيٰ سيد (جي ايم سيد) کي ڇڏي، جيڪو 9 1  مارچ توڙي 0 2  مارچ تي اجلاس ۾  غير حاضر هيو، باقي سڄيءَ سنڌ جا وڏا نالا، معزز، خان بهادر، سر، راءِ بهادر وغيره سنڌ اسيمبلي جي ان اجلاس ۾ موجود هئا، جنهن اهو ڪارو قانون پاس ڪيو هو. ڪافي ڳولها بعد به اها خبر نه ٿي پئي ته ان ڳجهي اجلاس ۾ڪنهن ”حرن“ خلاف پيش ٿيندڙ بل جي حمايت ڪئي ۽ ڪنهن مخالفت؟ رڪارڊ ان معاملي ۾ خاموش آهي، پر حيرت ۽ تعجب جي ڳالهه اها آهي ته صرف ڏيڍ ڪلاڪ ۾ سنگين سزائون ڏيڻ وارو بل 1942ع پاس ڪيو ويو هو. ساڍي ٽين وڳي ڳجهو اجلاس شروع ٿيو ۽ پنجين وڳي تائين بل پاس ٿي ويو. انگريزن جي ننڍي کنڊ تي لڳ ڀڳ ٽي سئو سال جي اقتدار ۾ سنڌ اهو واحد خطو هو، جتي ڪنهن اسيمبليءَ ذريعي باقاعده ايڪٽ پاس ڪري مارشل لا لڳائي وئي ۽ جهازن تان بمباري ڪري  تحريڪ کي ڪچليو ويو هو. سنڌ ۾ ويهه هزار چورس ميلن ۾ مارشل لا لڳائي وئي. 30 هزار لشڪر، سنڌي حر باغين کي ڪچلڻ لاءِ عمل ۾ مصروف رهيو. پير صاحب جي گهر ۽ بنگلي تي بمباري ڪئي وئي.

soreh badshah3

 انهيءَ دور ۾ هندو- مسلم مذهبي فسادن جو اثر پير صاحب پنهنجي علائقن ۾ اچڻ نه ڏنو ۽ هندو- مسلم سک سان رهيا. هندن جڏهن پير صاحب پاران امن قائم رکڻ ۽ سندن حفاظت سان رهڻ واري عمل کي يقيني بنائڻ بابت احوال سکر جي ڪمشنر کي ڏنو ته، ڪمشنر، پير صاحب ڏانهن پيغام موڪليو ته، امن امان قائم رکرائڻ جي بدلي ۾ انگريز سرڪار توهان کي هڪ ترار ۽ هڪ بندوق تحفي طور ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ توهان کي خطاب به ڏنو ويندو. سورهيه بادشاهه اهڙي پيشڪش جي جواب ۾ ڪمشنر سکر کي چوائي موڪليو ته، ”توهان جي آڇ جي مهرباني، اسان وٽ هٿيار ڪافي تعداد ۾ موجود آهن ۽ خطاب ”پير پاڳارو“ ئي ڪافي آهي.“سورهيه بادشاهه جي قيادت ۾ حر اهڙا وڙهيا، جو برٽش لائبريري لنڊن جي انڊيا آفيس رڪارڊ ۾ ليمبرڪ جي اٺ هزار صفحن تي مشتمل رڪارڊ انهن بهادر، آزادي پسند سنڌين (حُرن) جي  ڪارنامن سان ڀريو پيو آهي ۽  صبغت الله شاهه جي بهادريءَ جا رڪارڊ به برٽش لائبريري جي ان ئي اڳ ۾ ڳجهي ۽ هاڻي ظاهر ڪيل رڪارڊ ۾ موجود آهن. مال ملڪيت، اولاد توڙي پاڳاري واري مسند هجڻ باوجود پير صاحب جي ترجيح سنڌ رهي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *