Saturday , May 25 2024

سنڌ جي تعليم کاتي ڪاليج سائيڊ ۾ اربين رپين ڪرپشن

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر   سنڌسماءَچار)  سنڌ جي تعليم کاتي ڪاليج ايجوڪيشن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن، 8 سالن تائين سرڪاري ڪاليجن جي فيس جا ڪروڙ رپيا سرڪاري خزاني ۾ جمع ئي نه ڪرايا ويا. سنڌ جي تعليم کاتي جي ڪاليج سائيڊ تي سنڌ جي سمورن ڪاليجز ۾ 2011 کان 2017-2018 تائين 8 سالن تائين شاگردن کان داخلائن، ٽيوشن ۽ امتحانن سميت ٻين مَدن ۾ وصول ڪيل فِيُن / فيسز جي رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ئي نه ڪرائي وئي. ان سلسلي ۾ نيب معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، نيب جي لاڳاپيل اختيارين ڪاليج ايجوڪيشن کاتي کي نوٽيس جاري ڪندي 2011 کان 2017-2018 تائين 8 سالن تائين ڪاليجز ۾ وصول ڪيل فين جو سمورو رڪارڊ طلب ڪيو آهي، نيب ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته رڪارڊ پيش نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي.

About Ahmedbilal

Check Also

ماحولياتي تبديلين کي سمجهڻ لاءِ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي

ماحوليات بابت رپورٽنگ ڪندڙ صحافين جي لاءِ فورم ھجڻ جي سخت ضرورت آھي، تقريب کي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *