Thursday , May 30 2024

سنڌ جو وچولو، ساھت جو سمنڊ – نصير اعجاز

Naseer Aijaz

سنڌ جي ھر علائقي جو پنھنجو رُوپ، سونھن ۽ سڀاءُ، تاريخي اھميت، ادب ۽ ثقافت ۾ ڪردار آھي، جنھن ڪري جيڪو به شخص جڏھن به ھن ڌرتيءَ جي ڪنھن به ھنڌ تان لنگھندو ته کيس ھڪ الڳ قسم جو رومان ملندو، ڪھاڻيون ملنديون پر اڄ دل ٿي چوي ته مان ھتي ساھتي پرڳڻي جون ڪي ڳالھيون ڪريان جو اِھو پرڳڻو منھنجي سڃاڻپ آھي ۽ وري ڀريا جي ذڪر کانسواءِ منھنجو ھيءُ ليک به اڻپورو رھندوـ ڀريا يا عُرفِ عام ڀرين جو شھر منھنجي جنم ڀومي آھي ـ اتي ئي منھنجون پاڙون آھن ـ مونکي به اتي ئي پنھنجي پيارن سان دفن ٿيڻو آھي ـ ڀرين سان گڏ نوشھري فيروز ۽ موري شھر جون به ڳالھيون ٿينديون جتي منھنجي زندگيءَ جا ڪي ورھيه گذريا آھن ـ اھو سمورو علائقو ساھتيه پرڳڻي جو اھم حصو رھيو آھي. ڀرين کان ھڪ ٻه ڪلوميٽر ڏکڻ اولھه ۾ ڪوٽ بھادر منھنجو ناناڻڪو ڳوٺ آھي، جنھن جي ذڪر کانسواءِ به رھي نه سگھندس جو ننڍپڻ ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ جون جھلڪون مون اُتي ئي پسيون ـ

 ساھتي پرڳڻو سنڌ جو وچولي وارو علائقو ۽ علم ادب ۽ ثقافتي ورثي جي لحاظ کان مالا مال آھي ـ ڪجھه محققن جو خيال آھي ته ھن علائقي ۾ قبل مسيح واري زماني ۾ به انساني وسنديون ھيون ـ ساھتي پرڳڻي کي ڪنھن زماني ۾ لُھاڻو پرڳڻو به چيو ويندو ھو جنھن جي خاصيتن ۾ معياري ٻولي، ادب ۽ ثقافت نمايان ھيون ـ ايئن ڪونھي ته سنڌ جا ٻيا علائقا انھن ڳالھين ۾ پوئتي آھن يا انھن جي ايتري اھميت ڪانھي پر ڪتابن ۾ جيڪا سنڌي ٻولي پڙھجي ٿي، ان ۾ ساھتي پرڳڻي جي ٻولي شامل آھي ـ انگريزن جي زماني ۾ جڏھن سنڌي لِپيءَ تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي ٺاھي وئي تڏھن ان ڪميٽيءَ ساھتي پرڳڻي جي سنڌيءَ کي اسٽينڊرڊ يا معياري ٻولي پڌرو ڪيو ھوـ ھونئن به ساھت اکر سنسڪرت ٻوليءَ جو آھي جنھن جي معنى ئي آھي علم، ادب ۽ ثقافت. ھن علائقي تي ساھتي پرڳڻو نالو ڪيئن پيو؟ ڇا صرف ان ڪري جو پراڻي زماني کان ھيءُ علائقو علم ۽ ادب جو مرڪز ھو يا ساھتي نالي پٺيان ٻي ڪا ڪھاڻي آھي؟ ڪن جھونن ليکڪن ۽ خاص طور ھندو برادريءَ جي دانشورن جو خيال آھي ته ساھتي يا ساھتيه نالو ھن علائقي تي سھتا برادريءَ جي ڪري پيو، ڇوته ڪافي تعداد ۾ سھتا ھن خطي ۾ رھن ٿا ـ لوڪ رام ڏوڏيجا پنھنجي ڪتاب “منھنجو وطن، منھنجا ماڻھو” ۾ لکي ٿو ته سھتا قبيلو سھتا سنگھه جي نالي پٺيان سڏجي ٿو جيڪو موڏا سنگھه  يا مورا سنگھه سنڌي راجپوت جو پٽ ھوـ سندس چوڻ موجب جوڌپور جي ٻن شھزادن جو اقتدار تان جھيڙو ٿي پيو جنھن کانپوءِ موڏا سنگھه جوڌپور ڇڏي سنڌ جي ڀرسان واري علائقي تي حڪمراني ڪرڻ لڳو جڏھن ته سندس پٽ سھتا سنگھه سنڌ جي وچولي واري علائقي ۾ پنھنجي جاگير ٺاھي ۽ ايئن ھتي سھتا سنگھه جي نالي پٺيان سھتا قبيلو وجود ۾ آيو ۽ ھيءُ علائقو ساھتيه پرڳڻو سڏجڻ لڳوـ لوڪ رام جو چوڻ آھي ته مورو شھر به سھتا سنگھه جي پيءُ مورا سنگھه جي نالي پٺيان قائم ٿيو. لوڪ رام جي ان خيال سان مان سھمت نه آھيان پر ان کي رد به نٿو ڪريان جو ان تي تحقيق جي ضرورت آھي ـ

ساھتي پرڳڻو ڪنڊيارَي، نوشھرو فيروز ۽ مورو تعلقن تي مشتمل ھو جنھن ۾ ٺارُوشاھه، مٺياڻي، ڀريا، درٻيلو ۽ ھالاڻيءَ سميت 52 ننڍڙا شھر ۽ ڳوٺ شامل ھئا. اڳي اھو سمورو ساھتي پرڳڻو نوابشاھه ضلعي جو حصو ھو ـ نوابشاھه کي ضلعي جو درجو انگريزن جي زماني ۾ 1912 ۾ مليو ھو جڏھن ته 1989 جي آخر ڌاري نوابشاھه ضلعي کي ٻن حصن ۾ ورھائي نوشھري فيروز جي نالي سان نئون ضلعو ٺاھيو ويو جنھن ۾ اڳوڻا ٽي تعلقا نوشھرو فيروز، مورو ۽ ڪنڊيارو شامل ڪري ڀريا جو درجو وڌائي تعلقي جي حيثيت ڏني وئي. ايئن تعلقن جو تعداد چار ٿي ويو پر 2005 ۾ محرابپور کي به تعلقي جو درجو ڏئي ان ۾ شامل ڪيو ويو ـ ضلعي ھيڊڪوارٽر نوشھري فيروز ۾ رکيو ويو ـ  ھن ضلعي ۾ جيڪي ننڍا شھر ۽ ڳوٺ اچن ٿا تن ۾ اُتر ۾ محرابپور ۽ ھالاڻيءَ کان وٺي ڏکڻ ۾ موري تائين ۽ اولھه ۾ درٻيلي ۽ ٺاروشاھه کان وٺي اوڀر ۾ ڀريا روڊ ۽ پڊعيدن تائين سمورا علائقا شامل آھن ـ انھيءَ حساب سان قديم زماني جي ساھتي پرڳڻي جون حدون ٿوري گھڻي فرق سان اھي ئي آھن جيڪي اڄ نوشھري فيروز ضلعي جون آھن ـ پراڻي زماني کان ساھتي پرڳڻو وڻج واپار جو مرڪز ھوـ ھتان جا ميوا، مٺايون ۽ ھٿ جو ھنر مشھور ھئا ـ  جھونا ماڻھو ٺاروشاھه جون موسميون، ليما، بافتي جو ڪپڙو، ڀريا جا پيڙا، ڪنڊياري جا ڀڳڙا، نوشھري فيروز جا انگوڇا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ھٿ جون ٺھيل شيون ۽ آڏاڻي تي ٺھيل ڪپڙو اڄ به ياد ڪن ٿا ـ ڀريا جا پيڙا فرمائشن تي لنڊن تائين تحفي طور موڪليا ويندا ھئا ـ ھاڻ به قومي شاھراھه تي سفر ڪندڙن کي انھن علائقن مان لنگھندي رستي جي ڀر ۾ باغ ۽ ھٿن ۾ موسم جي حساب سان زيتون، مالٽا ۽ ٻيو ميوو کڻي ڪيترائي ڳوٺاڻا نوجوان وڪرو ڪندي نظر ايندا ـ ساھتي پرڳڻو تعليم جي لحاظ کان به مشھور ھو جو نه رڳو ٺاروشاھه ۾ تعليمي ادارا موجود ھئا پر ڀريا ۾ اڻويھين صديءَ جي آخر ڌاري 1886 ۾ نه رُڳو ڇوڪرن جي تعليم لاءِ ڪوڙو مل چندن مل کلناڻيءَ پاران اسڪول قائم ڪيو ويو پر نياڻين جي تعليم لاءِ درسگاھه جو ان وقت بنياد وڌو ويو جڏھن نياڻين جي تعليم جو ڪو تصور به ڪونه ھو ـ اھڙي طرح جڏھن عليڳڙھه ۾ سر سيد احمد خان تعليمي اداري جو بنياد پئي وڌو تڏھن درٻيلي جي سيد الھندي شاھه نوشھري فيروز ۾ مدرسا ھاءِ اسڪول جو بنياد وڌو ھو ـ انھيءَ ئي اسڪول مان شمس العلماءَ عمر بن محمد دائود پوٽي به تعليم حاصل ڪئي ـ لافاني ڪلاڪار ماسٽر چندر جي جنم ڀومي ٺاروشاھه ۾ اينگلو ورناڪيولر اسڪول نوابشاھه ضلعي جي لوڪل بورڊ پاران 1895 ۾ قائم ڪيو ويو جنھن جو درجو وڌائي 1924 ۾ ھاءِ اسڪول ڪيو ويو ـ ھندو پئنچائت 1946 ۾ اتي انٽرميڊئيٽ ڪاليج به قائم ڪرڻ واري ھئي  جڏھن ته 1924 ۾ ئي اتي نياڻين لاءِ مڊل اسڪول قائم ڪيو ويو ھو ـ لوڪل بورڊ ھاءِ اسڪول جي ميدان تي ڪرڪيٽ ۽ ٻيون رانديون کيڏيون وينديون ھيون ـ موسمين ۽ ليمن جي باغن ۾ گھيريل ٺاروشاھه شھر اندر ڀائي گوڌورام جي ٽڪاڻي تي ماسٽر چندر جون محفلون ٿينديون ھيون ۽ ساھتي پرڳڻي جا ٻيا ڀڳت به اچي گڏبا ھئا ـ ٺاروشاھه جي شاھي بازار سموري ڍڪيل ھوندي ھئي ـ شھر ۾ ھڪ سرڪاري اسپتال به قائم ھئي جڏھن ته 1944 ۾ ٺاروشاھه کي بجلي به مھيا ڪئي وئي ـ پنھنجي گذريل ليک ۾ مون ٺاروشاھه ۾ ريلوي اسٽيشن جو به ذڪر ڪيو ھو جنھن جو بنياد 1932 ۾ پيو ھو ـ ڪاڪي ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ پنھنجي ھڪ ڪتاب ۾ لکيو آھي ته جڏھن اھا ريلوي لائين نه پئي ھئي ته انھيءَ علائقي جا ماڻھو ٺاروشاھه جي اولھه ۾ ڀورٽيءَ واري پتڻ وٽان سنڌو درياھه ٽپي پار وڃي اُتان روزگار يا تعليم لاءِ حيدرآباد يا ڪراچيءَ ويندا ھئا ـ

درٻيلو يا ڊڀريو ساھتي پرڳڻي ۾ اھم حيثيت رکندڙ علائقو رھيو آھي ـ اھو ئي درٻيلو آھي جيڪو ساھتي پرڳڻي جو ڪنھن زماني ۾ مرڪز ھو ته شير شاھه سوريءَ ھٿان ڀاڄ کائي مغل بادشاھه ھمايون به اتي اچي پڙاءُ ڪيو ھو ـ سنڌ تي انگريزن جي قبضي کان به گھڻو اڳ انگريز واپاري يا سندن گماشتا درٻيلي کان وٺي ڀريا تائين ٿيندڙ پيداوار جي خريداريءَ لاءِ ايندا رھندا ھئا ـ ھالاڻيءَ وارو علائقو ته سنڌ جي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو جو 1783 ۾ ھتي ٽالپرن ۽ ڪلھوڙن جي جنگ لڳي جنھن ۾ ميان عبدالنبي ڪلھوڙي شڪست کاڌي ۽ سنڌ تي ٽالپرن جو راڄ شروع ٿيو ـ

حقيقت ھيءَ آھي ته موجوده قومي شاھراھه پراڻن وقتن کان ھڪ قدرتي لنگھ رھيو آھي جتان ڪيترائي جارح ايندا ويندا رھيا آھن ـ چيو وڃي ٿو ته محمد به قاسم به اھو ئي رستو اختيار ڪيو ھو ۽ نوشھري فيروز واري علائقي ۾ (ان وقت نوشھري واري موجوده شھر ڪونه ھو) پڙاءَ ڪندو اڳتي وڌيو ھو جنھنڪري ان علائقي ۾ خيرپور جيان کجين جا باغ به جام آھن ـ ھتي احمد شاھه ابداليءَ به پڙاءُ ڪيو ته ايران جي نادرشاھه به لشڪرڪشي ڪئي ۽ جنرل چارلس نيپئر ته حيدرآباد ڏانھن ڪاھه ڪندي فبروري 1843 ۾ لشڪر وٺي ھڪ ھفتي تائين ٽڪيو پيو ھو ـ  محقق لکن ٿا ته موجوده نوشھري فيروز جو بنياد 1681 ۾ ڪلھوڙا حڪمرانن جي ھڪ سپھه سالار فقير فيروز ويراڙ وڌو ھو جنھن ساھتي پرڳڻو فتح ڪري ان علائقي کي پنھنجو ھيڊڪوارٽر ٺاھيو ـ انگريزن ته نوشھري ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر به مقرر ڪيو ھو ۽ سندس سب ڊويزن جي حد سڪرنڊ تائين ھوندي ھئي ـ

ڀريا شھر، جنھن لاءِ ھندستان لڏي ويل سنڌي پاڻ کي ڀرين جو سڏائيندي فخر محسوس ڪندا آھن، تاريخ ۾ بھراور ۽ ڀيلاوا جي نالي سان به سڏيو ويو، جنھن تي به تحقيق جي گھرج آھي ـ چون ٿا ته سنڌوءَ جي ٻوڏن کان بچڻ لاءِ ھتان جا رھواسي عارضي طور ڪوٽ بھادر جي دڙن تي به وسنديون ٺاھي ويٺا ۽ وري موٽي آيا ـ ڀريا نالو ڪيئن پيو، ان تي اڄ به مونجھارو آھي ـ اھو به چيو وڃي ٿو ته اھو نالو ھڪ بزرگ ڀريو فقير جي ڪري پيو ھو ـ ھن شھر کان ڏھه ڪلوميٽر اوڀر ۾ مکيه ريلوي لائين وڇائجڻ کانپوءِ ان اسٽيشن جو نالو ڀريا روڊ پيو جتي اڳي ماڇڪي ڳوٺ آباد ھو ۽ پوءِ اھو وڌي ڀريا جو جاڙو ڀاءُ ٿي ويو ـ

ساھتي پرڳڻي جي اتھاس جي ھيءَ بلڪل مختصر جھلڪ آھي ـ سنڌ جي ھن وچولي علائقي کي ساھت جو سمنڊ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ڇو ته نه رڳو ماضيءَ ۾ ھتان ناليوارا وڏا اديب ۽ تعليمي ماھر جنم وٺي چُڪا آھن پر اڄ به وڏي تعداد ۾ اديب، شاعر، سياستدان، ڪامورا ساھتي پرڳڻي سان تعلق رکن ٿا ـ ديوان ڪوڙي مل چندن مل، حشو ڪيولراماڻي، نارائڻ شيام، لڇمڻ ڪمل، آخوند حاجي فيض محمد، حافظ محمد صادق، سيد نورمحمد شاھه، جسٽس حفيظ ميمڻ، ظفر علي شاھه ۽ ٻين ناليوارن ماڻھن جي لسٽ لکڻ ويھبي ته وڏو ڪتاب تيار ٿي ويندو ۽ وري ساھتي پرڳڻي جي تاريخ تي ته ڪيئي ڪتاب ٺھي ويندا ـ ساھتي پرڳڻي سان پيار ڪندڙ انھيءَ ڪم ۾ ئي جنبيل آھن ۽ کوڙ علمي ۽ ادبي ڪتاب ڇپرائي چُڪا آھن ـ ڪجھه ورھي اڳ نوشھري فيروز ضلعي جي تاريخ تي سيمينار ڪوٺائي اُتي پڙھيل سمورن مقالن کي توڙي مورو شھر واري علائقي بابت سيمينار جي مقالن کي سھيڙي اسلم عباسي ٻه وڏا ڪتاب ڇپرائي چڪو آھي ـ ايئن ئي ٺاروشاھه جو بشير ھيسباڻي بينڪ جي نوڪريءَ تان رٽائر ٿي ساھتي پرڳڻي جي شخصيتن ۽ تاريخ تي ڪتابن کي سھيڙي رھيو آھي ـ ھڪ شاندار ڪم نوشھري فيروز جو اڳوڻو ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر سيد ذوالفقار شاھه ڪري ويو جنھن ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جي ذريعي مومن بُلو کان تحقيق ڪرائي ھڪ وڏو دستاويز تيار ڪرائي نوشھري فيروز ضلعي يا ايئن چئجي ته ساھتي پرڳڻي جي تاريخ کي تصويري شڪل ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو ـ ھن ڪتاب ۾ ساھتي پرڳڻي جي تاريخي ماڳن مڪانن جون تصويرون شامل آھن ـ انھيءَ سان گڏ ساڳئي ڪم کي ٽن ٻولين ۾ دستاويزي فلم جي شڪل ۾ به تيار ڪرائي ورتو جيڪا سي ڊيز جي شڪل ۾ موجود آھي ـ

(ساھتي پرڳڻي تي ھيءُ ڪو تحقيقي مقالو ناھي ـ بس ڪي ڳالھيون دل تي تري آيون ته لکي ڇڏيم)

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *