Friday , October 4 2024

سنڌ اسيمبلي جي غريب اسپيڪر، وزيرن ۽ ايم پي ايز جي پگهارن ۾ واڌ

سنڌ اسيمبلي جي غريب اسپيڪر، وزيرن ۽ ايم پي ايز جي پگهارن ۾ واڌ

سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن، وزيرن، وڏي وزير ۽ اسپيڪر جي مراعتن ۽  پگهارن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن جي  سفارش سنڌ اسيمبلي جي سليڪشن ڪميٽي ڪئي آهي.

سليڪشن ڪميٽي وڏي وزير ۽ اسپيڪر جون پگهارون 75 هزار مان وڌائي ڏيڍ لک ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، جڏهن ته ايم پي ايز جون پگهارون 24 هزار مان وڌائي 50 هزار رپيا ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

اسمبلي جي هر ميمبر کي 10 هزار رپيا فون، 45 هزار گهر ۽ 15 هزار رپيا يوٽيلٽي مد ۾ ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

سنڌ اسيمبلي جي سليڪشن ڪميٽي وزيرن کي يوٽيلٽي بل، 5 سئو لٽر تيل، گاڏي ڊرائيور ۽ مينٽيننس ڏيڻ جي به سفارش ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڪارونجهر بابت سنڌ حڪومت جا سمورا فيصلا رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو تاريخي حڪم

سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪارونجهر بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو هڪ ٻيو تاريخي فيصلو ڪراچي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *