Saturday , April 20 2024

سنڌهاءِ ڪورٽ جي احاطي اندر پوليس جو سينئر صحافي شوڪت ڪورائي تي تشدد

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ سنڌ پوليس جي اهلڪارن جو سينئر صحافي تي تشدد لٽاليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا، سنڌ پوليس جي اسپيشل يونٽ؛ ڪائونٽر ٽيررزم ڊيپارٽمينٽ جي اهلڪارن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪوريج ڪندڙ سينئر صحافي شوڪت ڪورائي تي ان وقت ڏمرجي پئي، جڏهن شوڪت ڪورائي پنهنجي صحافتي ذميواري نڀائي رهيو هو. جنهن تي سي ٽي ڊي جا اهلڪار مٿس ڏمرجي پيا ۽ کيس مارڪٽ ڪئي. پوليس اهلڪارن مٿس تشدد ڪري سندس لٽا به ڦاڙي ڇڏيا. ان دوران سي ٽي ڊي اهلڪارن صحافي شوڪت ڪورائي کي کنڀڻ جي به ڪوشش ڪئي، ان تي عدالتي عملي ۽ ٻين ماڻهن مزاحمت ڪري شوڪت ڪورائي کي ڇڏائي ورتو. ان ب عد سي ٽي ڊي اهلڪار شوڪت ڪورائي کي نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندي واقعي واري هنڌ تان کسڪي ويا. معاملي جي اڃا تائين ڪنهن به اختياري نوٽيس ناهي ورتو.

شوڪت ڪورائي تي ٿيل تشدد خلاف صحافي برادري سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. صحافين مطالبو ڪيو آهي ته شهوڪت ڪورائي تي تشدد ڪندڙ سي ٽي ڊي جي اهلڪارن خلاف تشدد، اغوا جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪري ان ۾ سيون اي ٽي اي جا به قلم لاڳو ڪيا وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024/ٻه هزار چوويهه

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *