سعودي بادشاهت تي قبضي جي ڪوشش ناڪام، 3 شهزادا گرفتار، ڪجهه واپاري اڳ ۾ ئي حراست هيٺ
ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيس ) سعودي عرب جي حڪومت ۽ شاهي خاندان ۾ بغاوت واريون ڪوششون ناڪام بڻجي ويون آهن، پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سعودي حڪومت جي فرمانروا شاهه عبدالله بن عبدالعزيز جي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي سميت ٽي شهزادا بغاوت جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا ته اهڙي اطلاع تي کين گرفتار ڪيو ويو. امريڪي اخبار پنهنجي خبر ۾ چيو آهي ته، شاهه سلمان جي ڀاءُ شهزاد احمد بن نائف سندس ڀائيٽي شهزادا محمد بن نائف پاران خاندان ۽ حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ جي سازش سٽڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش واري سازش جي الزام هيٺ ڪالهه جمعي ڏينهن حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.
آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جي جي دعويٰ هي ته سعدوي شاهي عدالت ماضي ۾ به سعودي جي شاهي بادشاهت / تخت سنڀالڻ جي ممڪنه دعويداري ڪندڙ ٻن ڄڻن تي؛ شاهه ۽ ولي عهد کي هٽائڻ جي بغاوت جي منصوبه بندي ڪرڻ جو الزام لڳائي چڪي آهي، جيڪڏهن اهو الزام مٿن ثابت ٿيو ته عمر قيد/ جيئري رهڻ تائين ، جي سزا ملندي. تازيون ڪيل گرفتاريون، ولي عهد محمد بن سلمان پاران شروع ڪيل ڪريڪ ڊائون جي منصوبي جو حصو آهن، جنهن مشهور مذهبي عالمن ۽ سرگرم اڳواڻن سان گڏ شهزادن ۽ ڪجهه ڪاروباري ماڻهن کي به حراست ۾ وٺي بادشاهت ۽ حڪمراني تي پنهنجي طاقت وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏي آهي.