Sunday , October 6 2024

سعودي بادشاهه پاران عيدميلادالنبي صه سرڪاري سطح تي ملهائڻ جو اعلان،30 نومبر تي عام موڪل جو اعلان

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سعودي بادشاهه پاران فڪري طور مخالف فڪر ”عيدميلادالنبي“ ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سعودي عرب جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي تبديلي آئي آهي، سعودي بادشاهه تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي ملڪ ۾ 12 ربيع الاول تي عيد ميلادالنبي صه ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن جو شاهي فرمان به جاري ڪيو ويو آهي، شاهي فرمان ۾ چيو ويو آهي ته 12 ريبع الاول 30 نومبر تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل پڻ هوندي. عيدميلاالنبي صه جو موقعي تي سعدي عرب جا سمورن سرڪاري توڙي نجي ادارن جي عام موڪل بند هوندي، ياد رهي ته سعودي عرب ۾ پهريون ڀيرو 12 ريبع الاول تي عيد ملهائڻ جي نئين روايت قائم ٿيندي.

About Asghar Azad

Check Also

سموري دنيا مان ڪعبته الله شريف پهتل 20 لک کان وڌيڪ مسلمانن حج جو فرض ادا ڪري ڇڏيو

”دعائن جا سڀ کان وڌيڪ حقدار فلسطيني آهن، جن وٽ کاڌو ۽ پيئڻ جو پاڻي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *