ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ زمين غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ اڳوڻي چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ، عبدالقادر ميمڻ، عبدالرسول ميمڻ سميت ٻين جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. اڳوڻو چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ، عبدالقادر ميمڻ، عبدالرسول ميمڻ سميت ٻين جي ضمانتن واري دخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران درخواست گذار به عدالت آڏو پيش ٿيا. نيب پراسيڪيوٽر دليلن ۾ چيو ته جوابدار ضمانت جا حقدار ناهن، درخواستون رد ڪيون وڃن، جوابدار خلاف پڪا ثبوت موجود آهن. نيب پراسيڪيوٽر دليلن ۾ وڌيڪ چيو ته ڪورنگي واري علائقي ۾ جوابدارن تي 6 ايڪڙ زمين جعلي دستاويزن تي الاٽ ڪري قومي خزاني کي 55 ڪروڙن کان وڌيڪ نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.نيب چيو ته زمين غيرقانوني الاٽ جي انڪشاف بعد 22 جنوري 2016 ۾ رد ڪئي وئي هئي.
Check Also
ڪارونجهر بابت سنڌ حڪومت جا سمورا فيصلا رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو تاريخي حڪم
سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪارونجهر بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو هڪ ٻيو تاريخي فيصلو ڪراچي …