Saturday , May 25 2024

دهشتگردي جي باهه اڃا ڪيترا گهر ساڙيندي..!! – ماجد صديقي

ستر جي ڏهاڪي ۾ افغانستان جي ان وقت جي وزيرِ دفاع غلام حيدر رسولي عالمي پريس کي انٽرويو ڏيندي پاڪستان سميت پنهنجي پاڙيسري ملڪن تي الزام هڻندي چيو هو ته: افغانستان جا پاڙيسري ملڪ خاص طور تي پاڪستان، افغانستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، جنهن سان افغانستان اندر صورتحال تيزيءَ سان خراب ٿي رهي آهي. هن خطي جي سمورن ملڪن کي خبردار ڪندي چيو هو ته جيڪڏهن ڪنهن جي به غلطيءَ جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته ان سان خطي ۾ اهڙي جنگ جو آغاز ٿي ويندو، جنهن کي روڪڻ ڏهاڪن تائين به ڪنهن لاءِ ممڪن نه رهندو. هي اهو زمانو هو، جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار تان هٽائي جيل ڀيڙو ڪيل هو ۽ مٿس قتل جو ڪيس هلي رهيو هيو ۽ ملڪ تي هڪ دفعو وري فوجي آمر قابض ٿي چڪو هو، جيڪو آمريڪن انٽيلجينس ايجنسي سي آئي اي سان ملي ڪري افغانستان اندر پراڪسي جنگ جي تياري ڪري رهيو هو. ميجر جنرل غلام حيدر رسولي کي بعد ۾ 1978ع ۾ قتل ڪيو ويو. مون کي اها خبر نه آهي ته سندس بيان کي ان زماني ۾ افغانستان اندر ۽ پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ ڪيترو سنجيدگيءَ سان ورتو ويو پر سندس چيل ڳالهه بهرحال تاريخ سچ ثابت ڪئي. اڄ واقعي صورتحال اها آهي، جو ڪنهن کي به خبر نه آهي ته چاليهه سال اڳ شروع ڪيل ان جنگ جو ڇيهه آخر ڪٿي ٿيندو؟ اها اڳي ئي لکين ماڻهن جو خون وهائي چڪي آهي ۽ شايد ايندڙ ڪيترن سالن تائين ائين ئي وڌيڪ معصوم انسانن جون جانيون کائيندي رهي. ستر جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿيل اها جنگ هڪ اهڙي باهه جيان آهي، جيڪا وڃي ٿي سڀني کي بي رحميءَ سان ڳڙڪائيندي. هاڻ ته اها ايتري سفاڪ ٿي چڪي آهي، جو ماڻهو ته ڇا خود رياستون به ان جي جبر کان بچيل معلوم نه پيون ٿين.

خميس جي شام جو، (جنهن کي اڪثر جمعي جي رات به چوندا آهن) واري شام قلندر لعل شهباز تي ٿيل ڌماڪي کان علاوه ملڪ جي ٻين علائقن ۾ سڄي هفتي دوران ٿيل دهشتگرديءَ جي واقعن جو واسطو اصل ۾ ان ئي چاليهه سال جهوني جنگ سان آهي، جنهن صرف ڇهن ستن ڏينهن ۾ سئو کان مٿي انساني جانيون کائي ڇڏيون آهن. تازن حملن جي ذميداري جماعت الاحرار نالي تنظيم ۽ داعش قبول ڪئي آهي. حملن جي ٽرينڊ تي غور ڪجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته حمله آورن نه صرف چئني صوبن ۾ مختلف جڳهين تي حملا ڪيا آهن، بلڪه انهن فوج، پوليس، ججن، ميڊيا ۽ عام ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪري اهو پڻ ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هاڻ ملڪ جو ڪوبه حصو ۽ ڪوبه ادارو سندن شِر کان بچيل نه آهي. ممڪن آهي ته بلوچستان جي صوبي آواران ۾ فوجين تي ٿيل حملي ۾ وري ڪا بلوچ تنظيم ملوث هجي پر مجموعي طور تي پاڪستان مخالف سمورين دهشتگرد تنظيمن هڪ هفتي اندر مختلف ڪارروايون ڪري نه صرف رياست جي رٽ‌کي چيلينج ڪري ڇڏيو آهي، بلڪه پوري معاشري اندر خوف جي نئين لهر ڪرنٽ وانگر ڊوڙائي ڇڏي آهي. لڳي ٿو ته خيبر ون، خيبر ٽو ۽ آپريشن ضربِ عضب جي نتيجي ۾ جيڪي ٺاپر ٿي هئي ۽ اعتماد جي فضا بحال ٿي هئي، ان تي اچانڪ ئي ڪنهن پاڻي هاري ڇڏيو آهي. سچي ڳالهه اها آهي تي رياست اندر حڪومت، ان جي مقتدر ادارن ۽ عوام وچ ۾ اعتماد، عمل ۽ هم آهنگيءَ جي کوٽ سبب ملڪ سانپ سيڙهي راند جيان اڳتي پوئتي ٿي رهيو آهي ۽ ان جو مستقبل ڪيترن قسمن جي خطرن جي ورچڙهي ويو آهي.

ڪنهن به واقعي ٿي وڃڻ کانپوءِ رياستي مشينري اچانڪ ڦڙڦوٽ ۾ ته اچي وڃي ٿي پر اها ڄڻ نانگ ڀڄي وڃڻ بعد ليڪن کي لٺيوڻ هڻندي نظر اچي ٿي. سندن ايڪشن کي ڏسي اهو محسوس ٿئي ٿو ته رياست ۽ ان جي ادارن وٽ نيشنل ايڪشن پلان جي بجاءِ نيشنل ري ايڪشن پلان هر وقت تيار هجي ٿو، جيڪو ڪنهن به واقعي ٿيڻ شرط تحرڪ ۾ اچي وڃي ٿو، جنهن بعد حڪمرانن جي مذمتي بيانن کان وٺي دهشتگردن کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائڻ وارا عزم ماڻهن جي زخمن تي مرهم ٿيڻ بدران لوڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿا. هن واقعي جي فورن بعد به اها روش ڏسڻ ۾ آئي. وزير اعظم صاحب جو مذمتي بيان ٻڌڻ لاءِ مليو. ملڪ جي قيادت کي سمجهڻ گهرجي ته ڳالهه لفظن جي دائري کان ڪڏهوڪو نڪري چڪي آهي. هن مهل پراعتماد، هم آهنگ ۽ اثرائتي پاليسي ۽ ان تي مربوط انداز ۾ عمل جي ضرورت آهي. غريب قوم گذريل ستر سالن کان پنهنجو پيٽ‌ڪٽي حڪومتن کي به هلائي رهي آهي ته ان جي مهانگن ادارن کي به- اٽي، لٽي، اجهي جي گارنٽي ته پهرين ڏينهن کان ڏنل نه هئي پر هاڻ ڪيتري عرصي کان جان جي ضمانت جي انحصار لاءِ به رياست معذوري طرف مائل آهي. بظاهر لڳي اهو ٿو ته حڪومت ۽ ان جا سمورا ادارا بس صرف لفظي خانه پوري ۽ ڪاغذن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ويٺا آهن ۽ هر واقعي بعد صرف پنهنجي جان ڇڏائڻ ۾ پورا آهن. انٽيليجنس ايجنسيون، سيڪيورٽي ادارن کي مختلف خطرن جي حوالي سان جنرل انفارميشن فراهم ڪن ٿيون، جنهن کي چند لائينن جو خط سمجهي ڪنهن سرڪاري فائل جي حوالي ڪيو وڃي ٿو. ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري به شايد محسوس نه ڪئي وڃي ٿي، جو ادارا ۽ ان ۾ ويٺل ماڻهو پنهنجو پاڻ کي سائيڊ لائين ايڪٽوٽيز ۾ ملوث رکن ٿا، جيڪي خود عوام دشمن هجن ٿيون. ان کانپوءِ جڏهن ڪو به واقعو ٿي وڃي ٿو ته بجاءِ ذميداري کڻڻ جي، اها ذميواري هڪٻئي ڏانهن اڇلائي وڃي ٿي. انٽيلجينس ادارا جنرل انفارميشن فراهم ڪري پنهنجي ذميواري پوري ڪري وٺن ٿا، جڏهن ته پوليس ۽ ٻيا قانون نافذ ڪندڙ ادارا يا صوبائي حڪومتون جنرل انفارميشن جي بنياد تي عمل ڪرڻ جي شايد صلاحيت ئي نه ٿيون رکن، جنهن ڪري هر واقعي بعد دٻيل لفظن ۾ ان ڳالهه جي شڪايت ڪندي نظر اچن ٿيون ته کين حساس ادارن پاران پڪي ۽ پن پوائينٽيڊ معلومات فراهم نه ٿي ڪئي وڃي، جنهن سبب سندن لاءِ پختا قدم کڻڻ ممڪن نه ٿا هجن.

سيوهڻ واقعي جي حوالي سان ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته کين ان سلسلي ۾ ڪا به معلومات فراهم ئي نه ڪيل هئي. بهرحال اهو بيان به پنهنجي ڪلهن تان بار لاهڻ جي مترادف آهي. ماڻهن کي جان جي ضمانت ڏيڻ جي ذميواري صوبائي حڪومت جي به هجي ٿي. صوبن وٽ پنهنجا ادارا به آهن، جن جو ڪم صوبي اندر قانون جي عملداري کي نافذ ڪرڻو آهي. اهي صرف اهو چئي پنهنجي جان نٿا ڇڏائي سگهن ته انهن کي ان حوالي سان ڪا معلومات فراهم نه ڪئي ويئي هئي، ان ڪري واقعو ٿي ويو. عام طور تي هر واقعي ٿي وڃڻ بعد اهي خبرون اچڻ شروع ٿي وڃن ٿيون ته هاڻ سيڪيورٽي هائي الرٽ ڪئي ويئي آهي ۽ انتطامن کي سخت ڪيو ويو آهي. سوال اهو آهي ته سرڪار ۽ ان جي ادارن لاءِ اهو سڀ واقعي کان اڳ ممڪن ڇونه آهي؟ هاڻ ته اسان وٽ ايترا واقعا ٿي چڪا آهن، جو ڪنهن انٽيلجنس ايڊوائزري جي ضرورت به نه آهي. حڪومت ۽ ان جي ادارن کي انهن چند لائينن جي سرڪاري ليٽرن کان علاوه به سنجيده رويو اختيار ڪرڻ گهرجي. نائين اليون کانپوءِ گذريل پندرنهن سورنهن سالن ۾ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح جنگ جي ور چڙهيل عراق ۽ افغانستان ۾ به شايد ايترا واقعا نه ٿيا آهن، جيترا پاڪستان ۾ ٿيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ وفاقي سرڪار يا صوبائي حڪومتون صرف انٽيلجينس يا پن پوائينٽيڊ انٽيلجنس جي نه هجڻ جو بهانو ڪري ذميواريءَ کان آجيون نه ٿيون ٿي سگهن. پاڪستان هن مهل جنگي صورتحال جي ورچڙهيل آهي، اهڙي صورتحال ۾ پنهنجا پنهنجا ڪلها ڇنڊي هڪٻئي جي ڪلهن تي بار وجهڻ واري روش وڌيڪ نقصان ڪندي.

سيوهڻ واري واقعي جي حوالي سان ته صوبائي حڪومت جون الاهي ساريون ڪوتاهيون نظر آيون آهن. مثال طور ٻڌايو پيو وڃي ته مزار جي ٻاهران واڪ ٿرو گيٽس ڪم نه پيا ڪن. مزار جي چئني پاسي پنجويهه کان مٿي ڪيمرائون لڳل آهن، جن مان اڪثر يا شايد سڀئي خراب هيون. واقعي واري جڳهه تي نفري نه هجڻ جي برابر هئي. هڪ اڌ پوليس وارو ماڻهن جي هيڏي ميڙ کي ڀلا ڪيئن ٿو قابو ۾ رکي سگهي؟ ان کان علاوه ڌماڪي ٿي وڃڻ کان پوءِ ايمرجنسي واري حڪومتي ڪم ڪار ۾ به ڪوتاهيون هيون. ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت زخمين کي موٽر سائيڪلن، رڪشائن ۽ خانگي گاڏين تي اسپتال پهچايو، جتي سهولتن جي کوٽ سبب ڪيترن زخمين جو علاج ئي ممڪن نه ٿي سگهيو. جن کي حيدرآباد يا ڪراچي نيڻو هيو پر ايمبولينس جي کوٽ ڪر کڻي بيهي رهي. ڳالهه اها آهي ته مختلف عوامي جڳهين تي مناسب ۽ موثر سيڪيورٽي جي فراهمي صوبائي حڪومتن جو ڪم هجي ٿو ۽ ڪنهن به حادثي جي صورت ۾ انساني جانيون بچائڻ جي ڪم لاءِ به سندن ذميواري هجي ٿي، ان ڪري کوٽ صرف انٽيلجينس معلومات جي عدم فراهمي جي حوالي سان نه، بلڪه ڪيترن مامرن جي حوالي سان آهن.

وفاقي سرڪار جي نيشنل ايڪشن پلان ۽ ان تي عملدرآمد جي حوالي سان به ڪافي عرصي کان بحث هلندڙ آهي. ان حوالي سان به وفاقي سرڪار، مقتدر ادارا، صوبائي حڪومتون، عدليه، سڀ پنگ پانگ راند ۾ مصروف آهن ۽ پنهنجو پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ بدران هڪٻئي کي ناڪامي جو ذميوار قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. حقيقت اها آهي ته ملڪ جو سڄو نظام ذميواري کڻڻ کان ڪيٻائي رهيو آهي ۽ هرڪو پنهنجي جان ڇڏائڻ ۾ پورو آهي. وفاقي حڪومت ان حوالي سان هر وقت مقتدر ادارن ڏانهن نهاري ٿي ۽ صوبائي حڪومتن جي سهڪار نه ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿي. مقتدر ادارا وري سرڪار تي پنهنجي حصي جو ڪم نه ڪرڻ واري حقيقت بيان ڪن ٿا. عدليه ملڪ جي انتظاميه تي غيرسنجيده ۽ ڪرپٽ هجڻ جا الزام عائد ڪندي رهي ٿي. حڪومتون عدالتن تي سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جي شڪايت ڪندي نظر اچن ٿيون. بليم گيم جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو آهي، جنهن ۾ آخر ڪار نقصان ملڪ ۽ غريب عوام جو ٿي رهيو آهي، جن کي نه روزگار، نه تعليم، نه صحت، نه اٽي، نه اجهي ۽ نه وري جان جي ضمانت فراهم ٿيل آهي.

واقعي جي ذميدار قبول ڪندڙ جماعت الاحرار تحريڪ طالبان پاڪستان جو ٽٽل ڌڙو آهي، جيڪو مغربي ميڊيا موجب هن مهل داعش سان گڏجي سرگرميون ڪري رهيو آهي. 2014ع ۾ ملا فضل الله ۽ عمر خالد خراساني وچ ۾ سربراهي واري جهيڙي سبب تحريڪ طالبان پاڪستان ۾ ڏار پيا هئا، جنهن بعد تحريڪ طالبان جماعت الاحرار گروپ وجود ۾ آيو هو. ڳالهه اها آهي ته اهي دهشتگرد ڪير آهن، ڪٿي ويٺا آهن، ڪنهن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جا مقامي ۽ پرڏيهي ساٿي ڪير آهن؟ ان سمورن حوالن سان يقينن اسان جي خفيه ادارن وٽ کوڙ ساري ڄاڻ موجود آهي. ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته رياست ۽ ان جا ادارا ملي ڪري ڪم ڪن. پاڪستان هن مهل غير معمولي صورتحال جي ورچڙهيل آهي، ان ڪري غير معمولي قدم ئي ملڪ ۽ ان جي عوام جي تحفظ جي ضمانت بنجي سگهن ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *