جيڪڏهن توهان يوناني ڏاهي لونجائس جو پهرين صدي عيسويءَ ۾ لکيل ڪتاب جو 40 هون باب پڙهندا ته توهان جي ملاقات پنهنجو پاڻ سان پهرين صديءَ عيسويءَ ۾ به ٿي ويندي. هو لکي ٿو ته، ”اڄ ڪلهه اسان ننڍپڻ کان ئي غلاميءَ جو سبق سکندا ۽ ياد ڪندا آهيون ۽ پوءِ اسان ان جا هيراڪ ٿي ويندا آهيون. اسان جا دماغ شروع کان ئي غلاميءَ جي رسمن ۽ رواجن ۾ رچي ويندا آهن ۽ اسين آزاديءَ جي نعمتن ۽ لذتن کان محروم ٿي ويندا آهيون ۽ اهڙي ريت اسان ”عظيم چاپلوسن“ کان وڌيڪ ڪجهه نه ٿي سگهندا آهيون. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين ڪو غلام تقرير ڪندڙ مقرر بڻجي نه سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو اظهار جي آزاديءَ کان محروم هوندو آهي ۽ اهو هڪ بند تهه خاني ۾ زندگي گذاريندو آهي. هومر چواڻي: اسان جي غلاميءَ جو ڏينهن اسان جي اڌ مردانگي کڻي ويندو آهي.“ اهو ئي ڏاهو اڳتي هلي چوي ٿو ته، ”جيئن اهي پڃرا، جن ۾ بندري خلق رکي ويندي آهي، ان کي انهن جي ئي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. انهن جي واڌ ويجهه کي اهي پنڃرا روڪي ڇڏيندا آهن. اهڙي ريت هر هڪ جي غلامي روح جي لاءِ هڪ پڃري جي حيثيت رکي ٿي.
دولت جي حوس ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ خواهش آهي، جنهن جا اسان سڀ شڪار آهيون ۽ عيش جي طلب اسان کي پنهنجو غلام بڻائي ڇڏيو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته دولت جي حوس اهڙي بيماري آهي، جيڪا اسان کي تنگ دل ۽ تنگ نظر بڻائي ٿي ڇڏي ۽ عيش پرستي ته وري بنهه خراب گڻ آهي. جيڪڏهن اسان دولت کي ديوتا سمجهون ٿا ته پوءِ ڪيئن اسان انهن برائين کي، جيڪي دولت سان سلهاڙيل آهن، پنهنجي روح ۾ رچي وڃڻ کان روڪي سگهون ٿا؟ ڇو ته تمام گهڻي دولت سان گڏ ان جو اجايو استعمال ۽ فضول خرچي به ايندي آهي ۽ جيئن ئي اها سمورا دروازا کولي ڇڏيندي آهي ته ٻيون برايون به داخل ٿي وينديون آهن ۽ اتي پنهنجا اجها اڏي وٺنديون آهن ۽ ڏاهن موجب، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهي اسان جي زندگين ۾ آکيرا ٺاهي ويهي رهنديون آهن، ٻچا ڏينديون آهن. اجايو غرور، گهمنڊ، آرام طلبي ۽ عيش پسندي ان جا ٻچا آهن. دولت جا اهي ٻچا جڏهن وهيءَ چڙهندا آهن ته اهي اسان جي دلين ۾ سنگدل آقائن جي گستاخي، بدتميزي، لاقانونيت ۽ بي حيائي ۽ بي شرمي کي جنم ڏيندا آهن. پوءِ ان جو لازمي نتيجو اهو ئي هوندو آهي ته ماڻهو نه ڪنڌ کڻي ٻين کي ڏسندا ۽ نه وري نيڪ ناميءَ جو خيال ڪندا. انهن جي زندگي آهستي آهستي برباد ٿيندي ويندي ۽ جڏهن اهي فاني دلچسپين جي لذتن ۾ گم ٿي لافاني قوتن کي پاسيرو رکي ڇڏيندا. روح جي بلندي ڪُومائجي ذلت ۽ خواريءَ ۾ غرق ٿي ويندي.
”هاڻي جتي رشوت اسان جي سڄي زندگي تي حاوي ٿي چڪي آهي ۽ اسان ٻين کي چونڊي چونڊي ماري ڇڏيندا آهيون ۽ ملڪيتن لاءِ هر قسم جي مڪر ۽ فريب جا ڄار پکيڙيندا آهيون ۽ پنهنجي روحن کي مفادن لاءِ وڪڻندا آهيون، ته ڇا عيش جا غلام ٿي اسان اها اميد ڪري سگهون ٿا ته اسان جي زندگيءَ جي برباديءَ ۾ انهن ڪتابن جو، جن ۾ ابدي زندگي موجود هجي، انهن جو ڪو به ڪردار ٿي سگهي ٿو؟ اسان جهڙن ماڻهن لاءِ اهو بهتر آهي ته آزاديءَ جا غلام رهڻ بدران جيڪڏهن اسان کي مڪمل آزادي ملي ٿي وڃي ته آزادي ماڻيندڙ قيدين وانگر پنهنجي پاڙيسرين جي ملڪيت تي اسان جون نگاهون سڄي دنيا ۾ اسان جي برائين سان باهه لڳائي ڇڏينديون.“ لونجائس جي اها تحرير پڙهڻ کانپوءِ اها ڳالهه چٽي ٿي وئي آهي ته پهرين صدي عيسوي ۾ به اسان موجود هئاسون ۽ اڄ به اسان موجود آهيون ۽ آخري صدي ۾ به اسان موجود هونداسين. البت پهرين صديءَ ۾ اسان جو رنگ روپ، ٻولي، شڪل صورت هاڻوڪي رنگ روپ، نسل، ٻوليءَ ۽ شڪل صورت کان مختلف هوندي، پر اسان جي نيت، ڪردار ۽ ڪرتوت ساڳيا هئا. اڄ به ساڳيا آهن ۽ آخري صديءَ ۾ به ساڳيا ئي رهندا. نه اسان ڪالهه پاڻ جهڙن انسانن کي سُک ۽ آرام سان جيئڻ ڏنو، نه اڄ جيئڻ ڏئي رهيا آهيون ۽ نه ئي وري آخري صديءَ ۾ جيئڻ ڏينداسين. دنيا بدلجندي ئي رهي پر اسان ڪڏهن به تبديل نه ٿينداسين. اهو اسان جو پنهنجي پاڻ سان واعدو آهي ۽ جتي جتي ۽ جڏهن جڏهن اسان کي وجهه ملندو رهندو، اسان خرابيون ۽ برائيون پيدا ڪندا رهنداسين. هونئن به هڪ ڳالهه راز جي آهي، پر پنهنجا پاڻ ۾ آهيون، ان ڪري ٻڌائڻ ۾ ڪا خطا نه آهي، ته سڄي دنيا ۾ جتي جتي ڪرپشن، ڦرلٽ، فراڊ، غبن ۽ دوکو ٿي رهيو آهي، ان جي پٺيان جيڪڏهن غور سان ڏسنداسين ته اسان پاڻ ئي بيٺل هونداسين ۽ اسان کانسواءِ ڪو ٻيو ٿي به ڪيئن ٿو سگهي، ڇو ته انهن ڪمن جي مهارت صرف ۽ صرف اسان کي ئي حاصل آهي. جيڪڏهن ڪي ٻيا اهي ڪم ڪرڻ لاءِ ضد ڪندا ته ڪجهه ئي گهڙين ۾ اهي پاڻ کي بنديخانن ۾ موجود ڏسندا.
جيڪڏهن توهان کي منهنجي ڳالهه تي شڪ آهي ته پوءِ توهان ئي ٻڌايو ته 70 سالن ۾ اسان مان ڪڏهن ڪنهن کي ڪرپشن ۽ ڦرلٽ تي سزا ملي آهي؟ ڪو ڪڏهن ان ڏوهه ۾ جيل ۾ ويو آهي؟ ڪڏهن ڪنهن پنهنجن ڪڌن ڪرتوتن تي قوم کان معافي گهري آهي؟ ڪڏهن ڪو پنهنجن ڪرتوتن تي شرمندا ٿيو آهي؟ ڪڏهن ڪو سڳ سوڌو پڪڙيو ويو آهي؟ ڪڏهن ڪنهن لٽيل دولت واپس ڪئي آهي؟ ڪڏهن ڪنهن اڄ تائين دولت کانسواءِ انسانن کي ديوتا جو درجو ڏنو؟ جيڪڏهن نه، ته پوءِ ڇا اها حد نه آهي؟ اهڙو نظام ڪهڙي ڪم جو، جنهن ۾ دولت کي ديوتا جو درجو حاصل ٿي وڃي؟ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ دولت جي پوڄا ٿي رهي آهي پر هڪ ڳالهه اسان سڀني کي ياد رکڻ گهرجي ته، ڪجهه ماڻهن کي دولت خاطر ته ضرور زنجيرن ۾ قيد رکي سگهجي ٿو، پر هميشه لاءِ ائين ڪرڻ ممڪن نه آهي. ڇو ته وقت گذرڻ سان گڏ زنجيرون زنگجي چڪيون هونديون آهن، جو اهي پاڻمرادو ٽٽڻ شروع ٿي وينديون آهن. ٻيو اهو ته، ماڻهو پنهنجي وڌندڙ شعور ۽ ادراڪ جي ڪري ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن نه صرف پاڻ اهي زنجيرون ٽوڙي ڇڏيندا آهن، پر اهي زنجيرون پارائيندڙن کي ئي زنجيرون پارائي ڇڏيندا آهن. توهان سڄي دنيا جي تاريخ ڏسي وٺو، هميشه ائين ئي ٿيندو آيو آهي.