Wednesday , May 22 2024

خراب حڪمرانيءَ باوجود پيپلز پارٽي جي وڪالت ڇو..؟؟ – سهيل ميمڻ

suhail

سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل ضمير گهمري جو ڪاوش ۾ مضمون ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن پيپلز پارٽيءَ حڪومت جي ڏهن سالن کي پورو ڪرڻ واري عمل کي ڪارنامو سڏي ٻڌايو آهي ته، ”سنڌين پنهنجي صوبي ۾ 1843ع کانپوءِ پهريون دفعو لڳ ڀڳ ڏهه سال مسلسل حڪومت ڪئي آهي.“ سمجهه ۾ نه آيو ته ان ۾ فخر واري ڪهڙي ڳالهه آهي ته سنڌين سنڌ ۾ مسلسل ڏهه سال حڪومت ڪئي آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته گهمرو صاحب پيپلز پارٽي جي انهن ڏهن سالن جي ڪارڪردگي بيان ڪري ٻڌائي ها ته سنڌين جي ان حڪومت سنڌ جي ماڻهن تي هي احسان ڪيا آهن. پر جيئن ته پيپلز پارٽي جي حڪومت جا اهي ڏهه سال سنڌ جي تاريخ جا ڪرپٽ ترين حڪمراني جا سال آهن، ان ڪري ان جي ڪارڪردگي ٻڌائڻ لاءِ سنڌ جي ان ايڊووڪيٽ جنرل وٽ ڪجهه ناهي جيڪو صرف سال، ٻه  اڳ تائين هِن ئي اخبار ۾ ساڳي صفحي تي انهيءَ ئي پيپلز پارٽي جي بدترين حڪمراني تي ان کان به وڏا مضمون لکندو رهيو آهي. حد ٿي وئي. گهمرو صاحب الائي ڪهڙي ليول تي وڃي پهتو  آهي، جو تاريخ کي مسخ ڪري پنهنجي مقصد واري ڪري پيش ڪرڻ کان به نٿو مڙي. ضمير گهمري سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ جو هيرو سر شاهنواز  ڀٽي کي قرار ڏنو آهي. اصل ۾  سر شاهنواز ڀٽو سنڌ کي بمبئي کان آزادي جي مخالفت ڪئي هئي ۽ آخر ۾ جڏهن سمورو ڪم تيار ٿي ويو هو ته بلڪل ائين ڪلٽي کائي جدوجهد ۾ شريڪ ٿيو هو، جيئن مولانا مودودي ون يونٽ جي خاتمي جي حمايت ۾ شامل ٿيو هو. جيتو ڻيڪ جدوجهد جي آخري مرحلي ۾ شاهنواز ڀٽو پاران حصو وٺڻ واري عمل کي ساراهي سگهجي ٿو، پر ان سڄي جدوجهد جو تاج سندس مٿي تي وجهي ضمير گهمري سنڌ جي  بمبئي کان آزادي جي اصل  هيروز سان ناانصافي ڪئي آهي. سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ جي  1908ع کان 1936ع تائين وارن 28 سالن جي جدوجهد ۾ سر شاهنواز ڀٽو 1930ع تائين نه صرف شامل نه ٿيو، پر هن ان جي مخالفت به ڪئي. سنڌ جي بمبئي کان آزادي واري  ڊگهي ۽ مسلسل جدوجهد جا اصل هيروز، پهرين مرحلي ۾ هرچند راءِ وشنداس، غلام محمد ڀرڳڙي، مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا محمد صادق کڏي وارو، مولانا تاج محمد امروٽي، جيرامداس دولترام، درگاس آڏواڻي، نارائڻ داس آنندجي، رستم خورشيد سڌوا هئا. اڳتي هلي ان جدوجهد ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، ان جي اخبار الوحيد، ڄيٺ مل پرسرام، سنت رام منگهار، وشنو شرما، جمشيد نسروانجي، سر عبدالله هارون، سائين جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙو ۽ ٻيا شامل رهيا. ان ڳالهه کان قطعي انڪار ناهي ته سر شاهنواز ڀٽو ان جدوجهد ۾ حصو ناهي ورتو پر سندس ورتل حصو انتهائي محدود ۽ ان وقت آهي، جڏهن 24 سالن جي جدوجهد بعد ڪم تيار هو. ان ڳالهه جو ثبوت اهو آهي ته 7 مئي 1929ع تي بمبئي ڪميٽي جي هڪ کان سوا سڀني ميمبرن سائمن ڪميشن کي رپورٽ  پيش ڪئي، جنهن ۾ هنن سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ خلاف راءِ ڏني. ان ڪميٽيءَ جو سربراه سر شاهنواز ڀٽو هو. ان مخالفت لاءِ هنن اهو کل جوڳو جواز ڏنو ته ”جيڪڏهن سنڌ کي جدا صوبو بنايو ويو ته ابتدا ۾ کيس ٻين صوبن جهڙا حق نه ڏنا ويندا، تنهن ڪري سنڌ بمبئي سان گڏ نه رهڻ ڪري وڌيڪ حق ملڻ واري فائدي کان محروم رهجي ويندي. ان ڪميٽيءَ جي هڪ ميمبر ميران محمد شاهه ٻارنهن صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ لکيو ته، سنڌ جدا ٿيڻ گهرجي.

سيپٽمبر 1930ع تي سائين جي ايم سيد پنهنجي لياري ندي جي ڪناري گهر تي جناح صاحب (جيڪو پير صاحب پاڳاري ڪيس جي سلسلي ۾ بطور وڪيل پيش ٿيڻ لاءِ سنڌ آيل هو.) کي شام جي چانهن تي دعوت تي گهرايو، جنهن  ۾ علامه  آءِ آءِ قاضي، حاتم علوي، محمد ايوب کهڙو ۽ ميران محمد شاهه به شريڪ ٿيا. اتي جناح صاحب کي سنڌ جي بمبئي کان آزادي واسطي ڪوشش وٺڻ لاءِ درخواست ڪئي وئي. جنهن تي جناح صاحب ميٽنگ جي شريڪ ٿيلن سان ان سوال ۾ دلچسپي وٺڻ جو واعدو ڪيو ۽ گڏو گڏ اهو به چيو ته ”سر شاهنواز ڀٽي کي ٺيڪ ڪجو، متان اهو حڪومت جي اشاري تي مخالفت نه ڪري.“ ٻئي ڏينهن سائين جي ايم سيد ڪارلٽن هوٽل ڪراچي ۾ جناح صاحب ۽ سر شاهنواز ڀٽو جي مان ۾ ڊنر تي دعوت رکي، ڇاڪاڻ ته هو ٻئي ڏينهن گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ لنڊن وڃي رهيا هئا. مانيءَ بعد محمد ايوب کهڙو پنهنجي تقرير ۾ کين منٿ ڪئي ته اهي لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس ۾ سنڌ جي  بمبئي کان آزاديءَ واسطي ڪوشش  وٺن. اها هئي سر شاهنواز ڀٽو جي ان معاملي ۾ انٽري.

ضمير گهمري پنهنجي مضمون ۾ چوڏنهن ڀيرا ان پيپلز پارٽيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا 1934ع ۾ ٺهي ۽ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اها پارٽي اول ۽ آخر سر شاهنواز ڀٽو جي محنت هئي، جيڪا ڳالهه پڻ درست ناهي. حقيقت ائين آهي ته سائين جي ايم سيد 12 جون 1934ع تي ڪراچي ۾ پنهنجي بنگلي تي هڪ نئين سياسي جماعت ٺاهڻ لاءِ سنگت کي سڏايو. ان اجلاس ۾ خانبهادر الهه بخش سومرو، سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ، ميران محمد شاهه، مولا بخش سومرو، پير بقادار شاهه، چاڪر خان سهرياڻي، حاتم علوي، سر شاهنواز شاهه، سر شاهنواز  ڀٽو، محمد علي شاهه ڊڀري وارو ۽ سائين  جي ايم سيد شريڪ ٿيا. ان اجلاس جي صدارت عزت افزائي ڪندي سر شاهنواز ڀٽو کان ڪرائي وئي. ٻن ڏينهن جي ڪارروائي بعد هڪ پارٽي جڙي راس ٿي، دستور ٺاهيو ويو، پارٽي جو نالو ”سنڌ پيپلز پارٽي“ رکيو ويو ۽ عارضي عهديدار مقرر ڪندي سر شاهنواز ڀٽو  ليڊر- الهه بخش سومرو ۽ ميران محمد شاهه ڊپٽي ليڊر، مسٽر حاتم علوي سيڪريٽري ۽ سائين جي ايم سيد جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيا ويا. تاريخي حوالا ته ماڻهو کي ايمانداريءَ سان ڏيڻ گهرجن. لڳي ٿو سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل صاحب وٽ حڪومت جي ڏهن سالن جي ڪارڪردگي ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، ان ڪري سڄو آرٽيڪل پيپلز پارٽي جي ٺهڻ ۽ سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ تي لکي اچي موجوده پيپلز پارٽيءَ سان جوڙ ملايو اٿس، جنهن جو هڪٻئي سان ڪو تعلق ئي ڪونهي. ليکڪ ٻڌائيندو ته ڇا سنڌ جي سياست ۾ 30ع، 40ع يا 70ع جي ڏهاڪي تائين ويندي محمد خان جوڻيجو جي حڪومت تائين سنڌ ۾ اهڙي لٽ مار هئي، جيڪا ان کان پوءِ پيپلز پارٽي ۽ ٻين حڪمرانن ڪئي آهي؟ گهمرو صاحب ٻڌائيندو ته راحيل شريف واري آپريشن کان اڳ سنڌ ۾ امن امان جي ڪهڙي حالت هئي. اها ايتري ابتر هئي، جو رڳو وزير اعليٰ سنڌ قائم علي شاهه جي ضلعي ۾ هر وقت 30 ماڻهن کان گهٽ اغوا ٿيلن جو انگ نه هو.  اغوا، ڦرون، ڌاڙا، ڪراچيءَ جو قتلِ عام، سرڪاري جاين، پلاٽن، پارڪن، ايستائين جو رستن، گهٽين تي قبضه، نوڪرين جو سرِ عام وڪرو،  اسپتالن، اسڪولن ۽ آفيسن جي تباهي، ميونسپل نظام جي پئسي تي مڪمل  قبضو- ايستائين جو هيپاٽائٽس جي مريضن جا پئسا به نه ڇڏيائون. پيئڻ جي پاڻي تائين تي راتاها، پاڻي صاف ڪرڻ جي پلانٽس ۾ اربين رپين جي ڪرپشن، سڄي سنڌ کي گٽر جو پاڻي پيارڻ اهي سڀ موجوده پيپلز پارٽي حڪومت جي ڪارنامن جون ڪجهه جهلڪيون آهن. گذريل مها ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل غريبن مان به حڪمران پارٽيءَ وارا نه مڙيا، غريبن لاءِ ٻاهرين ملڪن مان آيل ايمبولينسز نوابشاهه کان حيدرآباد ويگن طور ”رئيس“ جو خاص ماڻهو هلائيندو رهيو. مها ٻوڏ ۾ ان حڪومت جي ڪارڪردگي اها هئي، جو خيرپور ناٿن شاهه جهڙي شهر مان ٻوڏ جو پاڻي ٻه سال نه ڪڍي سگهيا. نوڪرين جي بازار اهڙي لڳي، جو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ئي سپريم ڪورٽ ڪرپشن سبب اٿلائي ڇڏيو. ٿر ۾ معصوم ٻارن جي موت جو تعداد سنڌ جي تاريخ ۾ ايترو اڳ ڪڏهن نه هو. ان جو سبب بک ۽ غذا جي کوٽ ثابت  ٿيو. ٿر وارن جو پاڻي، خوراڪ، زمين سڀ حڪمران ڳهي ويا.

ضمير گهمري سمجهه کان مٿي جون ڳالهيون ڪيون آهن. هڪ ڳالهه خوب ڪئي اٿس ته ”پيپلز پارٽي کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ وارا موقعو نه ملڻ ڪري بحراني ڪيفيت مان گذري رهيا آهن.“ گهمري صاحب کي ان معاملي جي وڌيڪ سمجهه هوندي، جو هو پاڻ اهڙي ڪيفيت مان گذري چڪو آهي، کيس موقعو ملي چڪو آهي ۽ هو پاڻ ان بحران مان نڪري چڪو آهي، ڇاڪاڻ جو هو پيپلز پارٽي جي ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني خلاف مسلسل لکندو رهيو هو. ڪرپشن جي جسٽيفڪيشن به واهه جي ڪئي اٿس ته ان خلاف اهو ڳالهائي، جيڪو پاڻ ڪرپٽ نه هجي. معنيٰ قانون وڃي تيل وڪڻي! سنڌ جي موجوده حڪومت جي ڏهن سالن جي ڪارڪردگي اونداهي آهي، تڏهن ته ضمير گهمرو ڪجهه ٻڌائي ئي نه سگهيو آهي ۽ تاريخ جو سهارو وٺي مضمون لکڻ جي ضرورت پوري ڪئي اٿس. گهمري صاحب جي اهڙي پرفارمنس تي اڪبر بادشاهه ۽ بيربل جو قصو ياد ٿو اچي. هڪ ڀيري اڪبر بادشاهه ڀريل درٻار ۾ بيربل کي مخاطب ٿي چيو ته، بيربل ڪالهه وانڱڻ کاڌو، پر طبعيت خراب ڪري ڇڏي اٿس. بيربل اهو ٻڌي وانڱڻ کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ههڙو تهڙو، ڪارو، بادي، واڱڻ به ڪا کائڻ جي شيءِ آهي. اڪبر بادشاهه سُر سان سُر ملندو ڏسي واهه جو خوش ٿيو. ٻئي ڏينهن ساڳي دربار ۾ اڪبر بادشاهه ڳالهه ڪئي ته، اڄ واڱڻ کاڌم، ڏاڍو وڻيو. بيربل ڳالهه ٻڌي هڪدم واڱڻ جي تعريف شروع ڪئي. وانڱڻ واهه جي ڀاڄي آهي، نرم نفيس، رنگ به عاليشان اٿس. مٿس وري بادشاهه سلامت وانگر تاج به آهي، وغيره وغيره. اڪبر بادشاه اها ڳالهه ٻڌي بيربل کي چيو ته، بيربل ماجرا ڇا آهي، اڄ واڱڻ جي تعريف، ڪالهه گلا!؟ بيربل چيو، بادشاهه سلامت مان توهان جو نوڪر آهيان، واڱڻ جو نوڪر ٿورئي آهيان. توهان چوندا صحيح ته صحيح، چوندا غلط ته غلط! سو اسان وٽ سنڌ ۾ بادشاهه سلامت جي نوڪري پئي ٿئي، صحيح ۽ غلط سان اسان جو ڇا وڃي!؟ تعليم ڀلي برطانيه مان حاصل ڪجي، اسان جو ڇا بگاڙيندي!؟

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *