Monday , July 15 2024

حڪومت جي عوام کي عيد کان اڳ عيد مبارڪ، پيٽرول10رپيا 20پئسا سستو

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت پيٽرول وڌيڪ سستو ڪري ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف جي عوام کي عيد الاضحيٰ کان اڳ عيد مبارڪ، پيٽرول ڏه رپيا چاليهه پئسا في ليٽر سستو، ڊيزل جي اگهه ۾ به گهٽتائي. وزيراعظم جي آفيس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، پيٽروليم واري وزارت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي واري تجويز تي وزيراعظم شهباز شريف منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم پيٽروليم شين جي اگهن گهٽتائي ڪندي پيٽرول10رپيا 20پئسا في ليٽر سستو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پڌرائي موجب ڊيزل ٻه رپيا ٽيٽيهه پئسا في ليٽر سستو ڪرفڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. پيٽرول 10رپيا 20پئسا سستو ٿيڻ بعد 258رپيا 16پئسا في ليٽر ٿي ويو، ڊيزل 2 رپيا 33 پئسا في ليٽر سستو ٿيڻ بعد نئين قيمت 267رپيا89پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. وزيراعظم جي مظوريءَ کانپوءِ ناڻي واري واري وزارت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

About Ahmedbilal

Check Also

سپريم ڪورٽ: سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت فيصلو محفوظ

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ، سني اتحاد ڪائونسل پاران مخصوص سيٽن بابت …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *