Wednesday , July 17 2024

جي ايم سيد ۽ قومي تحريڪ جو مستقبل

جي ايم سيد ۽ قومي تحريڪ جو مستقبل

عبدالخالق جوڻيجو

سنڌ جي قومي تحريڪ تي اڄڪلهه هڪ نئين ۽ مختلف پاسي کان گفتگو ٿيڻ شروع ٿي آهي. هڪڙن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ”قومي تحريڪ اڳي جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ٿي آهي“. ٻيو خيال اهو آهي ته ”قومي تحريڪ سوچ جي لحاظ کان وڌيڪ وسيع ۽ طاقتور ٿي آهي پر عملي طور اڳي جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ٿي آهي“. اڃا ٽيان ماڻهو ته سواليه نشان لڳائيندي پڇن ٿا ته ”قومي تحريڪ آهي به ڇا“، يا اهو ته ”سنڌي قوم اڳتي نڪري ويئي آهي، قومپرست ليڊر پوئتي رهجي ويا آهن“.

انهن سوالن ۾ جزوي سچائي ضرور آهي. هڪڙا ته قومي تحريڪ جا دشمن آهن (ڌاريا حڪمران توڙي مقامي سنڌي) جيڪي قومي تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ هڪڙو منفي مايوسيءَ وارو ماحول پيدا ڪرڻ خاطر اهڙا سوال اٿارين ٿا پر اها به حقيقت آهي ته انهن تبصرن ۽ تجزين کي رڳو ”سنڌ دشمنن جي سازش“ چئي رد نٿو ڪري سگهجي. انهن ۾ ڪجهه سچائي بلڪل آهي. فڪري طور قومي تحريڪ جي طاقت ۽ وسعت جو ثبوت اهو آهي ته پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ۽ جماعت اسلامي جهڙيون پارٽيون جيڪي پيدائشي ۽ فطري طور سنڌ جي قومي وجود جون مخالف آهن ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ کي ”اسلام ۽ نظريه پاڪستان“ جي خلاف قرار ڏينديون رهيون آهن اهي به اڄ پاڻ کي سنڌ ۾ سياسي طور زندهه رکڻ خاطر سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي ۽ انهن سان ٿيندڙ ناانصافين جي ڳالهه ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ ڪمزوريءَ جو اظهار تڏهن ٿئي ٿو جڏهن انهن پارٽين سان واڳيل قومپرستيءَ جا ازلي دشمن پير، مير، وڏيرا ۽ ڪرپٽ وزير، مشير ۽ اسيمبلي ميمبر اها لٻاڙ هڻندا آهن ته ”اسان کان وڌيڪ قومپرست ڪوئي ناهي“. ماضيءَ ۾ جيڪڏهن غلطيءَ سان به انهن جي نالي سان قومپرست جو لفظ اچي ويندو هئو ته اهي ”قسم قرآن“ کڻي رڙيون ڪندي چوندا هئا ته ”اسان قومپرست ناهيون“.

صحيح ۽ غلط، سچ ۽ ڪوڙ کي ڌار ڪرڻ ۽ حقيقتن کي سامهون آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان سنڌ جي قومي تحريڪ جو ۽ قومپرست پارٽين ۽ ليڊرن جي ڪردار جو ڇيد ڪريون ڇاڪاڻ ته ”مرض جو علاج ڪرڻ لاءِ ان جي ڪارڻن جي تشخيص ڪرڻ لازمي عمل آهي“. اتي ٻه رايا آهن. هڪڙن دوستن جو چوڻ آهي ته ”جيئن ته سنڌ مشڪل صورتحال مان لنگهي رهي آهي تنهن ڪري اختلاف ۽ تنقيد کان پاسو ڪرڻ کپي“ جڏهن ته مان ان راءِ جو آهيان ته ”جيئن ته سنڌ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيئي رهي آهي تنهن ڪري لازمي آهي ته پنهنجو تنقيدي جائزو وٺون ۽ صورتحال تي گهڻ طرفو بحث ڪريون“.

سنڌ ۾ قومپرستي ۽ قومي تحريڪ جو سڀ کان وڏو حوالو سائين جي.ايم.سيد آهي. صحيح ٿيندو ته اسان موجوده صورتحال جو جائزو سندس حوالي سان وٺون. سائينءَ جنهن ”جديد قومپرستي“ جي ڳالهه ڪئي ان يورپ ۾ سماجي ارتقا جي هڪڙي مخصوص مرحلي تي وجود ورتو. مذهب (چرچ)، جاگيرداري، ۽ فوجي سلطنتن جي بالادستيءَ ۽ ڳٺ جوڙ تي مشتمل ”اونداهي دور“ (Dark Ages) واري يورپ ۾ جڏهن ”سجاڳي“ (Renaissance) جي لهر اٿي ته نيون قوتون اڀريون جن اونداهيءَ جي علمبردار عنصرن کي چئلينج ڪيو، انهن سان ڊگهي ۽ خطرناڪ جنگ ڪئي ۽ انهن کي شڪست ڏني، تڏهن نئين يورپ جنم ورتو جيڪو گذريل اٽڪل پنج سئو سالن کان دنيا جي اڳواڻي ۽ ان تي حڪمراني ڪري رهيو آهي. اهي نوان ۽ ترقي پسند عنصر هئا سيڪيولرزم، واپار ۽ صنعت ۽ قومي رياستون.

سائين جي.ايم.سيد جو ڪارنامو اهو هئو ته هن سنڌ جي ماڻهن ۾ لاشعوري طور موجود حب الوطنيءَ جي جذبي کي شعوري شڪل ڏني. يورپ جي تجربي مان فائدو وٺندي اتي سرجندڙ جديد علم کي هن سنڌ جي حالتن تي لاڳو ڪيو. سنڌ جي تاريخ جي مطالعي، سنڌي سماج جي جائزي ۽ سياسي جدوجهد ۾ پنهنجي تجربن کي سموهي هن سنڌ جي قومپرستيءَ کي واضح ۽ مضبوط بنيادن تي بيهاريو ۽ ان لاءِ اقرار به ڪيائين ته ”مان تجربا ڪري، هٿ ساڙائي هنن نتيجن تي پهتو آهيان“. اهي نتيجا اهي هئا ته مذهب جي نالي تي ۽ فوجي طاقت جي بنياد تي بيٺل رياست سنڌ جي قومي نجات ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ ۾ رڪاوٽ آهي ۽ سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي آزاديءَ خاطر جدوجهد ۾ پيرن، ميرن ۽ جاگيردارن مان ڪا اميد نه رکڻ گهرجي. ۽ پوءِ بنگلا ديش واري سڀ کان وڏي ۽ فيصلائتي تجربي کان پوءِ جڏهن هُن آزاد، خودمختار ۽ خوشحال سنڌ لاءِ جدوجهد جي نئين مرحلي جي شروعات ڪئي ته ڪوبه وڏيرو، جاگيردار، مير، پير يا ملا ان جدوجهد ۾ نه رهيو. تحريڪ ۽ تنظيم جو مکيه ڪم سائينءَ اڀرندڙ مڊل ڪلاس جي نئين نسل تي رکيو جيتوڻيڪ ان ۾ تمام گهڻيون اوڻايون، ڪچايون، ڪوتاهيون هيون ۽ اهي غلطيون به ڪري رهيا هئا جن جو ذڪر به سائين پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن ۾ ڪندو رهيو. ان کان علاوه فيصلائتي قوت سنڌي عوام کي سمجهندو هئو جنهن لاءِ نه رڳو ائين چوندو هئو ته ”قومي تحريڪ تڏهن ڪامياب ٿي سگهندي جڏهن سنڌي ماڻهن جي اڪثريت ان ۾ حصو وٺندي“ پر مختلف حڪومتن طرفان مليل ڊگهي قيد ۽ نظربنديءَ کان جڏهن به ۽ جيئن ئي آزادي ملندي هئس ته عوامي رابطي جي دوري تي نڪري پوندو هئو. ان لاءِ نه موسم جي سردي گرميءَ کي ڏسندو هئو ۽ نه ئي عمر جو يا صحت جو خيال ڪندو هئو.

انهن بنيادن تي قومي تحريڪ جو جائزو وٺبو ته ٿلهي ليکي ان جا ٻه پاسا ٿيندا؛ هڪڙو نظرياتي ۽ ٻيو عملي. ۽ ان جائزي ۾ يقيني طور وڌيڪ خبر انهن ماڻهن جي وٺڻي پوندي جيڪي نه رڳو قومي تحريڪ جا سرگرم ڪردار هئا پر سيد جا به ”حامي ۽ پوئلڳ“ هئا. هر باشعور ماڻهو بغير ڪنهن دوربيني يا سرچ لائيٽ جي ڏسي سگهي ٿو ته هتي گذريل چوٿائي صديءَ دوران ”هر ڪم“ سيد جي سوچ ۽ عمل جي ابتڙ ڪيو ويو آهي خاص ڪري انهن ماڻهن جي طرفان جيڪي پاڻ کي ”سيد جو سچو سپاهي“ چورائيندا هئا جن کي ميڊيا وارن جي اڪثريت اڳتي وڌائيندي يا پروموٽ (Promote) ڪندي رهي آهي. اهو چوڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي ته ان ميڊيا جي اڪثريت جي اولين ترجيح سندن مالي مفاد هوندا آهن ۽ ان لاءِ اهي رياستي پاليسين کي سامهون رکي پنهنجون پاليسيون ٺاهيندا آهن. مزي جي ڳالهه ته انهن جي اڪثريت جي.ايم.سيد خلاف سدائين منفي رويو اختيار ڪندي آهي ۽ سندس گلا ۽ گهٽتائي ڪرڻ خاطر ڪوڙيون ڪهاڻيون گهڙڻ کان به نه ڪيٻائيندي آهي.

نيشنلزم جي تاريخي پس منظر ۽ سيد جي تعليم جي روشنيءَ ۾ قومي تحريڪ لاءِ لازمي آهي ته اها سيڪيولر هجي، اها جاگيردار مخالف هجي ۽ اها سامراج دشمن هجي. جتي تاريخ ٻڌائي ٿي ته يورپ ۾ نيشنلزم جي جنگ چرچ سان رهي اتي جي.ايم.سيد ڏيکاريو ته سنڌ ۾ قومپرستيءَ جو مقابلو پئن-اسلام ازم سان رهيو آهي. پر ماضي قريب ۾ قومپرستيءَ جو نعرو هڻندڙ ۽ سيد جي نالي ۾ سياست ڪندڙ ڪيترن همراهن نيشنلزم ۽ پئن-اسلام ازم جي فرق کي ئي مٽائي ڇڏيو. انهن اڄوڪن پئن-اسلام ازم جي سنڌ ۾ سرپرستن کي ”عظيم قومپرست“ قرار ڏيئي ڇڏيو. اهو ته ايئن ٿيو ته ڪير چوي ته نريندر مودي اسلام جو سچو سپاهي آهي يا بنجمن نيتن ياهو فلسطين جو وڏو خيرخواهه آهي. جن مذهبي انتها پسندن کي ”سيد جا سپاهي“ عظيم قومپرست ٿا چون انهن ته ڪڏهن پاڻ کي سنڌي قوم جو حصو نه چيو. اهي ته سنڌين کي قوم ئي ناهن مڃيندا. اهي ته اهي انتها پسند آهن جن جي خطري کان دنيا کي خبردار ڪرڻ لاءِ جي.ايم.سيد 55 سال پهرين يورپ جو سفر ڪيو هئو.

ساڳيو حشر نيشنلزم جي ٻئي جز جاگيردار مخالف جو ڪيو ويو. تاريخي طور جاگيردار وقت جي اسٽيبلشمينٽ ۽ بالادست قوتن جو ساٿاري رهيو آهي. سنڌ جي جاگيردار، پير مير کي ڏسجي ته اهو مغلن جو به ساٿاري رهيو ته انگريزن جو به ايجنٽ رهيو ۽ پاڪستان ۾ فوجي حڪومت هجي ته ان سان گڏ، جيڪڏهن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ هجي ته ان سان، جي مسلم ليگ هجي ته ان سان گڏ. ڪن ته اهڙا به مثال قائم ڪيا جو هڪ ئي وقت حڪومت ۾ به ته مخالف ڌر ۾ به يا هڪڙو ڀاءُ هڪڙي پارٽيءَ سان ته ٻيو ٻيءَ سان پوءِ جيڪا اقتدار ۾ آئي.

ماضيءَ جي شاندار ون يونٽ مخالف تحريڪ جي خوبي اها هئي ته اسٽيبلشمينٽ جي وفادار وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ محب وطن ماڻهن جي وچ ۾ ليڪ چٽي نڪتل هئي. ان ڪري تعداد ۾ گهٽ هجڻ جي باوجود ان تحريڪ ۾ ايتري طاقت هئي جو اقتدار پرستن کي ليڪ جي ٻئي پاسي ڏسڻ جي به همٿ نه ٿيندي هئي جڏهن ته وطن دوست سياسي ڪارڪن، اديب، شاگرد يا هاري وڏيرن وٽ وڃڻ جو سوچيندا به نه هئا. جيڪڏهن اتفاق سان ڪنهن اها ليڪ پار ڪئي ته اهو ڪُڙم جو ڪوڙهيو ليکيو ويندو هئو.

وري جڏهن قومي تحريڪ جو نئون مرحلو شروع ڪندي سائين جي.ايم.سيد سنڌ جي قومي آزاديءَ خاطر جدوجهد ڪرڻ لاءِ جيئي سنڌ محاذ قائم ڪيو ته ان ۾ سڀ هيٺئين طبقي جا ڪارڪن شامل هئا. اهي بسن ۾، بسن جي ڇتين تي ۽ ڏاند گاڏين تي چڙهي يا پيدل سفر ڪري قومي ۽ سياسي ڪم ڪندا هئا. انهن جي ڪم جو ميدان ڳوٺ، واهڻ وستيون، ان جا ديرا، ڪارخانا ۽ مزدورن جون ڪالونيون هوندو هئو. اهي ڇنن ۾، جهوپڙين ۾ تڏن تي يا مسجد جي فرش تي ويهي، باغن ۾ وڻ جي ڇانوَ هيٺان يا پارڪن جي ڇٻر تي ويهي ماڻهن تائين پنهنجو پيغام پهچائيندا هئا. ۽ سندن مخاطب به سڀئي مسڪين ماڻهو، هاري، مزدور، ننڍا دڪاندار، استاد، ڪلارڪ، پوليس وارا، ڊرائيور، ملاح وغيره هوندا هئا. اهڙو ڪم جو طريقو ۽ سلسلو 1980 جي ڏهاڪي تائين جاري رهيو.

1990 جو ڏهاڪو ايندي قومي جدوجهد جي ميدان ۾ نوان ”شهسوار“ داخل ٿيا هئا، اهي به غريب جا ٻار پر اڳ وارا ڪارڪن پنهنجي غريب ۽ غريبن جي ساٿي هجڻ تي فخر ڪندا هئا جڏهن ته نوان آيل غربت کي شرمندگيءَ جو باعث سمجهڻ لڳا تنهن ڪري پهريون ڪم انهن پنهنجي لاءِ دولت گڏ ڪرڻ جو ڪيو. ان لاءِ انهن هر ”جائز ناجائز“ طريقي کي جائز ۽ لازمي قرار ڏنو. ان ڪم ۾ انهن کي جيئي سنڌ محاذ، ان جون پاليسيون ۽ ان جا ڪارڪن رڪاوٽ نظر آيا، تنهن ڪري انهن پنهنجون الڳ الڳ پارٽيون ٺاهڻ شروع ڪيون. پئسي گڏ ڪرڻ ۽ ان جي حفاظت ۽ واڌاري لاءِ انهن کي ڪرپٽ ڪامورن ۽ وڏيرن، جاگيردارن جي ساٿ جي ضرورت پئي. اهڙيءَ طرح انهن جو پنهنجو ۽ انهن جي سياست جو ڪيريڪٽر تبديل ٿيڻ لڳو. هڪ طرف اهي اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري وڏيرن، پيرن ميرن کي ويجها ٿيڻ لڳا ته ٻئي طرف پاڻ جاگيرداراڻا رنگ ڍنگ اختيار ڪرڻ لڳا.

جاگيرداراڻي روايت مطابق پاڻ کان طاقتور جي آڏو اهي پاڻ جهڪندا هئا ته ڪمزور وري انهن جي آڏو جهڪندا هئا. هڪ طرف اهي جاگيردارن جي جرڳن ۾ ويهڻ تي فخر ڪرڻ لڳا ته ٻئي پاسي پاڻ جرڳا ڪرڻ لڳا. انهيءَ چوڻ جي ته ڪا ضرورت ئي ڪانهي ته جرڳن ۾ فيصلا سدائين طاقتور جي فائدي ۾ ۽ غريب جي خلاف ٿيندا آهن. ائين ئي عوام دشمن ۽ انصاف دشمن ”ميڙ منٿ ڪافلن“ جي روايت کي جيئاري انهن ايڪويهين صديءَ ۾ داخل ٿيندڙ دنيا ۾ سنڌ کي قبيلائي دور ۾ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. محاذ جي ڪارڪنن جي ڪم جو مقصد عام ماڻهن کي باشعور بڻائي قومي جدوجهد ۾ حصيدار بنائڻ هوندو هئو جڏهن هي نوان همراهه وڏيرن ۽ پيرن وانگر پنهنجا ”ماڻهو“ ۽ ”عقيدتمند“ ٺاهڻ ۽ پيدا ڪرڻ لڳا. جلسن جلوسن ۾ به ماڻهن کي وڏيرڪي ونگار وانگر شامل ڪيو ويو. عوام کي مالڪيءَ جو شعور ۽ پنهنجي طاقت جو احساس ڏياري انهن کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش بجاءِ انهن جي تعداد کي سوديبازيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويو ۽ اهو تعداد وڌائڻ ۾ وڏيرا جاگيردار انهن جا مددگار هوندا هئا. جاگيردار، پير، مير ۽ ڪرپٽ ڪامورا انهن جي مدد ان لاءِ ڪندا هئا ته جيئن عوام کي باشعور بڻائي هن استحصالي ۽ بدبودار نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ ڪم ڪرڻ مشڪل ٿي پوي.

عوام ته عوام خود پنهنجي ڪارڪنن کي شعور کان وانجهيل رکڻ لاءِ انهن ڪتابن کي بزدليءَ جي علامت قرار ڏيندي انهن کي ساڙيو جڏهن ته سيد پنهنجي سڄي جدوجهد قلم ۽ ڪتاب ذريعي ڪئي.

هاڻي جڏهن هر ڪم، هر عمل جديد قومي تحريڪ جي تقاضائن جي خلاف ۽ جي.ايم.سيد جي تعليم جي منافي هجي ته پوءِ قومي تحريڪ جو حشر اهڙو ئي ٿيندو. اڳي ملا سنڌي سماج ۾ ڪنڊ پاسا ڳوليندو هئو ۽ سماج جي همدرديءَ جو طالبو هوندو هئو اڄ اهو اسان کي ڊڪٽيٽ ٿو ڪري. جاگيردار ۽ پيرمير اڳي قومي ڪارڪنن جي دٻاءَ ۾ دفاعي پوزيشن اختيار ڪندو هئو اڄ اهو قومي ڪارڪنن تي ٺٺوليون ٿو ڪري. اڳي جيڪي سنڌ دشمن ڪم هو لڪي ڪندو هئو اڄ اهي وڏي واڪَ ڪري رهيو آهي.

”قومپرست“ ليڊرن جي اهڙي ڪردار جي نتيجي ۾ ڪجهه وقت اڳ ۾ قومي تحريڪ جي ڪردار بابت سوال اٿاريا ويندا هئا، هاڻي قومي تحريڪ جي وجود تي سوال ڪيا ٿا وڃن. پر ڪنهن کي به اهو نه وسارڻ گهرجي ته قومن جي نجات واري جدوجهد ڪا سڌي ليڪ وانگر ڪانه هلندي آهي. ان ۾ لاها چاڙها ايندا آهن. اهو هڪڙو مرحلو هئو جيڪو پنهنجي مثبت ۽ منفي پاسن سان گڏ پورو ٿيو. هاڻي نئين مرحلي جي ضرورت آهي. حقيقت اها آهي ته معروضي حالتن جي حساب سان اهو نئون مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان کي صحيح رخ ڏيڻ ۽ گهربل رستي تي هلائڻ لاءِ شعوري ڪوششون ڪيو وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

شهيد جان محمد مهر ۽ شهيد فاطمه ڦرڙو جو قتل؛ چيف جسٽس احمد علي شيخ نوٽيس وٺو _ اصغر آزاد

شهيد جان محمد مهر ۽ شهيد فاطمه ڦرڙو جو قتل؛ چيف جسٽس احمد علي شيخ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *