Tuesday , September 26 2023
Breaking News

جوهي ۾ سيشن جج جو بند پيل اسڪول تي ڇاپو،گوسڙو/غير حاضر استاد گرفتار، ايٽي سي تحت ڪيس داخل

دادو (سنڌسماءَچار نيوز) دادو جي سيشن جج پاران جوهي جي بند پيل اسڪول تي ڇاپي دوران غير حاضري جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل ٻه استاد دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش، 4 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي، استاددن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو. دادو جي سيشن جج اشوڪ ڪمار جوهي جي يو سي ڪمال خان ۾ اسڪول بند هجڻ تان تي غير حاضر استادن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرايو هو. پوليس ٻنهي استادن کي گرفتاري ڪري، دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوشهرو فيروز ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت پرائمري استاد غلام عباس لنڊ ۽ سپروائيزر غلام نبي مستوئي 4 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي دادو جيل اماڻي ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ مقامي سطح تي مليل ڄاڻ مطابق ڳوٺاڻا ڪنهن مزار تي باس ڏيڻ وڃي رهيا هئا، جنهن تي انهن اسڪول جي موڪل ڪرڻ لاءِ استادن کي چيو هو، جنهن تي استادن موڪل ڪري ڇڏي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

شهيدن جو وارث سڏائيندڙ بلاول ڀٽو زرداري، شهيد فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت به نه ڪئي

“خيرپور جا سمورا جيلاني پير، پير اسد شاهه جي پاسي بيٺل آهن، اندروني طور اليڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *