”اوهان جو ملايل نمبر بند آهي“، ڪنهن به موبائل تي ڪيل فون کانپوءِ جڏهن اهي لفظ ٻڌان ٿو، ته فوري طوور تي تون ياد ٿو اچين ۽ اڻڄاتل خوف تاري ٿي وڃي ٿو. هاڻي ته تنهنجي آفيس جي ٻاهران اهو پپل جو گهاٽو وڻ به اداس آهي. تنهنجي آفيس جي پٽيوالي کان تنهنجي سينئرز تائين ان ڏينهن صبح جو اداس ۽ پنل اکين سان بيٺا هئا. تنهنجي چئمبر مان خاموش به ڪيهون ڪري رهي هئي. ها…! بيروزگار نوجوان به اٻاڻڪا بيٺل هئا، جيڪي ڪنهن نجي ڪمپني ۾ توکان فون ڪرائي وڃي پنهنجي روزگار جو ايڪسٽينشن ڪرائيندا هئا يا وري ڪنهن نئين ڪمپني ۾ روزگار لاءِ فون ڪرائيندا هئا. تنجها ساٿي ۽ ماتحت ملازم جن سان ڪڏهن صاحب بڻجي پيش نه ايندو هئين.
اڄ ته تنهنجي آفيس ٻاهران پپل جو جهوني وڻ مان پکين جا آواز ٻڌڻ ۾ ڪو نه پي آيا. اڄ ته ريگل چوڪ، ڪراچي پريس ڪلب وارو روڊ، پاسپورٽ آفيس وارو عطا ترڪ روڊ به ڄڻ اداس آهن، جتي سنڌ جي ڪنهن به مسئلي بابت ڪنهن به قومپرست پارٽي جو جلسو هجي ۽ ان ۾ تون نه هجين جيڪو ممڪن نه هو.
مٿان 17 جنوري پئي اچي، سن جي آڳنڌ تي جتي تنهنجا سڀ دوست هوندا، پر بظاهر تون نه هوندي. سن جي سيد جا او ڏنگا ٻار تو کي خيرپور، پريالوءِ، پيرجوڳوٺ ۽ ٻٻرلو کان ڪراچي تائين جا سڀ دڳ ۽ پيچرا هاڻي ياد ڪري پل پل کانپوءِ ويران بڻجي احتاج ڪندا. تنهنجا ڀائر ۽ جن گلاب جي گلڙڻ جهڙن پٽن لاءِ چوندو هئي ته يار ڏاڍا ڏنگڙا آهن ۽ مان چوندو هيومانءَ ابا تون وري ڪهڙُ سڌو هئين ته وڏا ٽهڪ ڏيندو هئين. تنهنجا اهي ڏنگڙا پٽ به اداس آهي، تنهنجي گهر ۽ پاڙي ۾ به اداسگي آهي.
ها…..! عزيز ميمڻ تون اسان کان جسماني طور وڇڙيو ضرور آهين پر روحاني طور اڄ ب ه گڏ آهين ۽ رهندي. توکي ڪيئن ٿا وساري سگهون، ڪيئن ٿا وساري سگهون ؛ نه نه نه ائين ٿورئي ٿيندو….