ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) پي ٽي آءِ سرڪار شروعاتي ڇهن مهينن ۾ رڪارڊ قرض کڻي ورتو آهي. ان حوالي سان مرڪزي بينڪ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت پهرين جولاءِ کان 28 ڊسمبر تائين بجيٽ فنانسنگ لاءِ بئنڪنگ شعبي کان 624 ارب رپيا قرض ورتو. اسٽيٽ بئنڪ موجب هلندڙ سال جي پهرين ڇهه مهينن ۾ حڪومت بجيٽ سپورٽ لاءِ مرڪزي بئنڪ کان 1182 ارب رپيا قرض ورتو، جنهن کانپوءِ 28 ڊسمبر 2018 تائين بجيٽ سپورٽ جي مد ۾ حڪومتي قرضن جو ڪاٿو 9907 ارب رپيا ٿي ويو آهي. مرڪزي بئنڪ موجب ڪمرشل بئڪن کي پهرين ڇهه مهينن ۾ اڳ ورتل قرضن جي مد ۾ 557 ارب رپيا واپس ادا ڪيا ويا آهن.
Check Also
شهيد جان محمد مهر جي شهادت کي سال گذري ويو، مک قاتل گرفتار نه ٿيا
شهيد جان محمد مهر جا اصل قاتل ۽ مک سهولتڪارن ڪچي ۾ نه پر سکر، …