پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهيد چيئرپرسن ۽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بلاول هائوس ڪراچي ۾ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يوسف رضا گيلاني، لطيف کوسا، چوڌري منظور ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس کانپوءِ ميڊِيا کي بريفنگ ڏيندي پنجاب جي اڳوڻي گورنرسردارلطيف کوسو چيو ته آصف اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته، شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران آيل فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. لطيف کوسي چيو ته اجلاس ۾ اهو به طئه ڪيو ويو آهي ته، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي خلاف اپيل آصف علي زرداري پاران شهيد بينظير ڀٽو جي شرعي وارث جي حيثيت ۾ داخل ڪراچي ويندي. راولپنڊي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پاران شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي پنجن جوابدارن کي باعزت بري/آزاد ڪرڻ خلاف ۽ پوليس آفيسرز کي گهٽ سزا ڏيڻ خلاف اپيل داخل ڪرائي ويندي.