Wednesday , September 27 2023
Breaking News

بلوچستان جو وڏو وزير ثناءُ الله زهري لاءِ نئون ڏچو، حاصل بزنجو سندس حمايت ڪري ڇڏي

ڪوئيٽا ( خاص نمائندو    سنڌ سماءَ چار ) بلوچستان جو وڏو وزير ثناءُ الله زهري ڏچي ۾ پئجي ويو آهي، قاف ليگ سندس خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي، ذريعن موجب صوبائي گهرو وزير سرفراز بگٽي ۽ فشريز واري وزير چاڪر خان ڊومڪي استعيفا ڏئي ڇڏي آهي. بلوچستان اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مير قدوس بزنجو سميت  14 ميمبرن  جي صحيحن سان ثناءُ الله زهري خلاف  بي اعتمادي واري رٿ جمع ڪرائي وئي آهي،  قاف ليگ جو چوڻ آهي ته کين نون ليگ جي ميمبرز جي به حمايت حاصل آهي. ذريعن موجب صوبائي گهرو وزير سرفراز بگٽي استعيفي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هو سڀاڻي پريس ڪانفرنس ذريعي استعيفي جو اعلان ڪندو، جڏهن ته فشريز واري وزير سرفراز چاڪر خان ڊومڪي استعيفا ڏيندي استعيفيٰ وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. ٻئي پاسي بلوچستان نيشنل پارٽي وڏي وزير جي حمايت جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

شهيدن جو وارث سڏائيندڙ بلاول ڀٽو زرداري، شهيد فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت به نه ڪئي

“خيرپور جا سمورا جيلاني پير، پير اسد شاهه جي پاسي بيٺل آهن، اندروني طور اليڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *