Sunday , September 24 2023
Breaking News

اڳوڻي ڊي جي آڊٽ غلام اڪبر سوهو ۽ سندس گهر ڀاتين خلاف جاچ شروع

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) نيب ڪراچي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل آڊٽ سنڌ غلام اڪبر سوهو ۽ سندس ڪٽنب جي ملڪيتن جي جاچ شروع ڪري ڏني، ڊي سي خيرپور کان تفصيل طلب، نيب روڊس کاتي جيڪب آباد ۾ ڪرپشن جي شڪايتن جي جاچ شروع ڪري ڏني، نيب سکر جي ٽيم تعمير ڪرايل مختلف نون روڊن جو معائنو ڪيو، نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪاغذن ۾ قائد اعظم روڊ جي تعمير مڪمل ڏيکارڻ بابت شڪايتون مليون، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

نيب اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل آڊٽ سنڌ غلام اڪبر سوهو ۽ سندس ڪٽنب جي ملڪيتن بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي، نيب اختيارين ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي خط لکي سوهو ڪٽنب جي ملڪيتن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. نيب ذريعن موجب اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل آڊٽ سنڌ غلام اڪبر سوهو ۽ سندس ڪٽنب جي ملڪيتن بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي. نيب اختيارين موجب سوهو ڪٽنب جي جن ماڻهن جي ملڪيتن بابت جاچ ڪئي وئي آهي، انهن ۾ مسز روشن آرا سوهو، امتياز علي، مس شفق سوهو، مس ارم ناز، عمران علي ۽ ٻيا شامل آهن. نيب جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي خط لکي غلام اڪبر سوهو ۽ سندس ڪٽنب جي  ملڪيتن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. نيب جو خط ملڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سمورن تعلقن جي مختيارڪارن کي غلام اڪبر سوهو ۽ سندس ڪٽنب جي ملڪيتن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

شهيدن جو وارث سڏائيندڙ بلاول ڀٽو زرداري، شهيد فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت به نه ڪئي

“خيرپور جا سمورا جيلاني پير، پير اسد شاهه جي پاسي بيٺل آهن، اندروني طور اليڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *