Monday , July 22 2024

اڄ اسان جو سيف سٽي ڏانهن پهريون قدم آهي: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر    سنڌسماءَچار) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ سيف سيف سٽي منصوبو نه هجڻ تي اسان مٿان تنقيد ٿي رهي آهي، اڄ اسان جو سيف سٽي ڏانهن پهريون قدم آهي، عوام کي بدامني کان محفوظ ماحول مهيا ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، وڏي وزير علي شاهه جو سيف سٽي منصوبي بانت تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته، اهي ڏينهن به سڀني کي ياد هوندو جڏهن سنڌ جي ڪنهن به هاءِ وي تي پوليس ڪانواءِ کانسواءِ سفر ڪرڻ ممڪن نه هوندو هو، هاڻي سنڌ جا روڊ رستا محفوظ  آهن، ڪجهه علائقن ۾ امن امان جو مسئلو آهي پر پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڏوهن جي خاتمي ۽ ڏوهارين خلاف ڪم ڪري رهيا آهن، ادارا ۽ حڪومت پنهنجي فرض کان غافل ناهي، وڏي وزير چيو ته  اڄ ڪشمور ۾ اسان جا روڊ رستا محفوظ آهن، 5 پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪندڙ ڏوهاري جڏهن هڪ ٻار کان پڇن ٿا ته، ڇا هُو پوليس ۾ شامل ٿيندو ته اُهو ٻارڙو فخر سان چوي ته هو شهيد ٿيڻ لاءِ پوليس ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو، اها آهي پوليس جي قرباني ۽ وطن سان محبت جو بهترين مثال آهي.

About Ahmedbilal

Check Also

ملڪي سياست ۾ نئون ڀونچال، مخصوص سيٽن بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم، پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن جي حقدار قرار

ملڪي سياست ۾ نئون ڀونچال، مخصوص سيٽن بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم، پي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *