Tuesday , October 3 2023

ايم پي اي دعا ڀٽو به ڪالاباغ ڊيم ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جي حمايت ڪري ڇڏي

ڪراچي( سنڌسماءَچار مانيٽنرگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سنڌ جي عورت اڳواڻ ۽ ايم پي اي طاهره دعا ڀٽو افغانين، برمين، بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊز جاري ڪرڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مس طاهره دعا ڀٽو سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ايوان ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي خوش نصيبي آهي جو هتي هر ملڪ جو ماڻهو اچي ٿو سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ طاهره دعا ڀٽو چيو ته، جيڪي هتي رهن ٿا انهن جو به حق آهي جيڪو انهن کي ملڻ گهرجي. تحريڪ انصاف جي ايم پي اي دعا ڀٽو هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هوءَ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪري ٿي ۽ اهو ٺهڻ گهرجي.

دعا ڀٽو جي هي وڊيو آواز ٽي وي جي ٿورن سان

About Asghar Azad

Check Also

نواز شريف، آصف زرداري، شهباز شريف، شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيس بحال، نيب ترميمون رد

سپريم ڪورٽ نيب ترميمي بل ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي، ن ليگ، پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *