ڪراچي(ڪرائيم رپورٽر سنڌسماءَچار) فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري حواله هنڊي جو ڪاروبار ڪندڙ ٽولي جي هڪ اهم جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته جواب دار جي قبضي مان ڏيڍ ڪروڙ رپين جا چيڪس، 40 لک رپيا روڪ به هٿ ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي جي ٽيم ڪراچي صدر واري علائقي جي ڪوهه نور مارڪيٽ ۾ هڪ آفيس تي ڇاپو هڻي حواله هنڊي جي ڪاروبار ۾ ملوث ٽولي جي هڪ اهم جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار محمد خالد جي قبضي مان ڏيڍ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جا هڪ سئو کان وڌيڪ چيڪس، سرٽيفڪيٽس، هڪ ليپ ٽاپ ۽ 40 لک رپيا روڪ به هٿ ڪيا ويا آحن. ايف آءِ اي عملدارن موجب جوابدار محمد خالد حوالا هنڊي ۾ ملوث ٽولي جو اهم ميمبر آهي ۽ سندس واسطو نجي ڪاروباري ڪمپني سان آهي.
Check Also
ڪراچي ۾ دهشتگردي، سينيئر وڪيل اڪرم ابڙو پٽ سميت قتل,2 ڄڻا مرڻينگ
ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد سنڌ سماچار) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ، …