Tuesday , June 18 2024

انتهاپسندي اسان کي شڪست ڏئي رهي آهي؟ _ اشفاق آذر

 اشفاق آذرAshfaq_Azar_KTN_News

گهڻو پوئتي نٿا وڃون پر رياست کي جيڪڏهن عقل نالي ڪا شيءِ آهي ته ان جي سمجهڻ لاءِ مردان جي مشال خان ۽ حيدرآباد جي نورين لغاري جا واقعا ئي ڪافي آهن ته هي سماج ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي! انهن ٻنهي واقعن ۾ بظاهر ڪا هڪجهڙائي ناهي پر غور سان ڏسجي ته اهي هڪڙي ئي سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ اها ڪا اوچتو پيدا ناهي ٿي پر هوريان هوريان ان پنهنجي جاءِ ٺاهي آهي ۽ رياست ان سوچ جي واڌ ويجهه ۽ تحفظ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هاڻي بنياد پرستيءَ جي اها سوچ، جنهن کي عام طور تي مدرسن سان منسوب ڪيو ويندو آهي سا سفر ڪندي سرڪاري توڻي خانگي تعليمي ادارن تائين ڦهلجي چڪي آهي. هاڻي اهي ادارا جن ڪڏهن اهڙي بنياد پرستيءَ جا نه رڳو بنياد وڌا پر سماج کي پولرائيز ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، تن کي اهو چوڻو پئجي رهيو آهي ته مدرسن ۾ سڌارن سان گڏ تعليمي ادارن ۾ به سڌارن جي ضرورت آهي. افغان جهاد کان وٺي رياستي سرپرستي ۾ انتهاپسنديءَ جو جيڪو ٻج هن ملڪ ۾ ڇٽيو ويو، سو هاڻ وڌي هڪ وڻ ٿي چڪو آهي، جنهن جون پاڙون ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ڦهليل آهن پر اسان اڃان به State of Denial مان نڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. هي معاشرو جنهن جي ذهني تربيت ۾ رياست، استادن، عالمن ۽ والدين جو هٿ هجي ٿو، سي لاڳيتو انهيءَ رويي جا شڪار رهيا آهن. رياست اسان کي ٻڌائيندي رهي آهي ته هتي ڪا به مقامي دهشتگردي ناهي پر اهي پرڏيهي هٿ آهن، جيڪي دهشتگردي ۾ ملوث آهن. استاد Critical Thinking جي حوصلا افزائي ڪرڻ بدران شاگردن کي سدائين سوال ڪرڻ کان منع ڪندا رهيا، عالم چوندا رهيا ته دهشتگردي ڪندڙ مسلمان ناهن، اهي مسلمان ٿي ئي نٿا سگهن. والدين لاءِ نورين جي والدين جهڙن جو مثال ئي ڪافي آهي جيڪي سڀ ڪجهه سامهون اچڻ باوجود به اها ئي راءِ رکن ٿا ته سندن نياڻي کي اغوا ڪيو ويو، سندس ڪنهن دهشتگرد تنظيم سان ڪو واسطو ڪونهي! ڇا اها اسان سڀني جي اجتماعي ناڪامي ناهي، جن گڏجي هڪ اهڙي سماج جا بنياد وڌا، جيڪو ماڻهن جو هڪ بي هنگم هجوم بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ هر  ماڻهو پنهنجي منهن آهي، هر ماڻهو پنهنجي ڳالهه کي سچ چئي ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ کان انڪاري آهي، هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ڪا لٺ، ڪا بندوق آهي ۽ هر ماڻهو جي نشاني تي ٻيو ماڻهو آهي!

زميني حقيقت کان فراريت جو نتيجو ئي آهي، جنهن اسان کي ان صورتحال جو شڪار ڪيو آهي، جتي هاڻ اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته وڃڻو ڪيڏانهن آهي؟ مثال ڪڏهن چيو ويندو رهيو ته ملڪ ۾ طالبان جو ڪو وجود ناهي رهيو، ايڪڙ ٻيڪڙ گروهه آهن جن جي به چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي پر لاهور کان سيوهڻ تائين جا سانحا ڪا ٻي ڪهاڻي ٻڌائيندا رهيا. ڪڏهن چيو ويندو رهيو ته ملڪ ۾ داعش جو ڪو وجود ڪونهي پر پوءِ جيڪي دهشتگرد گرفتار ٿيندا رهيا، تن جو واسطو داعش سان ٻڌايو ويو. روايتي تصور اهو آهي ته عام طور تي دهشتگردي غربت، جهالت يا پسماندگي مان جنم وٺندي آهي پر اهو مڪمل سچ ناهي. دهشتگرد جو واسطو ڪنهن شاهوڪار خاندان سان ٿي سگهي ٿو، اهو مهانگي کان مهانگي تعليم حاصل ڪري سگهي ٿو، فر فر انگريزي ڳالهائي سگهي ٿو، انٽرنيٽ استعمال ڪري سگهي ٿو ۽ انهن سڀني شين باوجود به هو جنوني ٿي سگهي ٿو. توهان کان صفوران سانحي جا اهي ڪردار ڪيئن وسريا هوندا، جيڪي اعليٰ تعليمي ادارن جا پڙهيل هئا، جن ۾  سعد عزيز، آءِ بي اي جو پڙهيل، اظفار عشرت سر سيد انجنيئرنگ يونيورسٽي جو گريجوئيٽ ۽ حافظ ناصر ڪراچي يونيورسٽي مان ايم اي پاس ٿيل هو. هنن جي سامهون ته هڪ پوري زندگي، هڪ پورو ڪيريئر موجود هو، هو وڌيڪ اعليٰ تعليم جي حصول لاءِ پرڏيهه به وڃي پئي سگهيا، پڙهي ڪن معتبر ادارن ۾ سٺي پگهار تي نوڪريون يا پنهنجو ڪاروبار به ڪري پئي سگهيا ته اها ڪهڙي شيءِ هئي، جنهن کين دهشتگرد بڻائي ڇڏيو!؟ هي اهو معاملو آهي، جنهن تي اسان جي سرڪار، پاليسي ساز توڻي اڪيڊمڪ ماڻهو ڳالهائڻ کان لنوائيندا رهيا آهن. داعش جي ڊرامائي انداز ۾ وجود ۾ اچڻ کانپوءِ پاڪستان ڪو دنيا جو اڪيلو ملڪ ناهي، جنهن جا دولتمند يا پڙهيل لکيل نوجوان هن دهشتگرد تنظيم لاءِ ڪشش محسوس ڪن ٿا پر هڪ محتاط اندازي موجب هزارين يورپي توڙي سوين امريڪي شهري پڻ داعش ۾ شموليت اختيار ڪري چڪا آهن. اها ڳالهه انهي دليل جي رد طور ڪافي آهي ته ڪو دهشتگردي لاءِ رڳو غريب ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو ئي دستياب ٿين ٿا. اولهه جا ملڪ پنهنجي شهرين ۽ پرڏيهي دهشتگرد تنظيمن سان رابطن جي حوالي سان انتهائي خبردار هجن ٿا ۽ ان حوالي سان وٽن وسيلا ۽ انفرااسٽرڪچر به هجي ٿو ته جيئن انهيءَ طاعون کي ڦهلجڻ کان اڳ ئي روڪي سگهجي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هنن جو بيانيو به واضح هجي ٿو پر پنهنجي ملڪ جو شمار اولهه جي اهڙن سڌريل ملڪن ۾ نٿو ٿئي، جيڪو ريڊيڪل ازم سان ان انداز سان منهن ڏئي سگهي، اهو ئي سبب آهي، جو هاڻي اها وبا اعليٰ تعليمي ادارن تائين پهچي چڪي آهي. ايئن به ناهي ته ڪو دهشتگرد تنظيمن سان واسطو رکندڙ نوجوان رڳو ملڪي ادارن جا پڙهيل آهن، پر انهن مان ڪي ته اهڙا به آهن جيڪي پرڏيهه جي مختلف تعليمي ادارن مان پڙهي نڪتل آهن، مثال طور  2002ع ۾ وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽر ڊينئل پرل جي اغوا ۽ قتل ۾ ملوث عمر سعيد شيخ پاڪستان ڄائو برطانوي شهري هو جنهن لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس مان تعليم حاصل ڪئي، 2010ع ۾ نيويارڪ جي ٽائمز اسڪوائر ۾ ناڪام ڪار بم حملي ۾ گرفتار ٿيل فيصل شهزاد ريٽائرد فوجي آفيسر جي خاندان مان هو جيڪو برطانيه جي يونيورسٽي آف برج پورٽ جو پڙهيل هو. ڳالهه اها آهي ته جڏهن رياست پنهنجون بنيادي ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندي آهي، تڏهن معاشرن مان سهپ ۽ برداشت به موڪلائي ويندي آهي ۽ وري ڳالهه جتي اسان جهڙي سماج جي هجي جنهن جي اؤسر هٿ وٺي اهڙن نظرياتي بنيادن تي رکي وئي جن جي خاصيت تشدد هجي ته پوءِ اتي دليل سان گفتگو ڪرڻ ممنوع ٿي پوندو آهي، يعني هڪ طرفي ٽريفڪ هلندي آهي، توهان دليل سان ڳالهائيندؤ ته موٽ ۾ گولي سان جواب ڏنو ويندو يا لٺ باٺي ۾ هٿ وڌو ويندو. اهڙي صورتحال ۾ ريشنل ڪلچر جي ڪا گنجائش نه بچندي آهي، اتي رياست جو ڪردار هوندو آهي ته اها ٻنهي ڌرين کي هڪجهڙو ماحول فراهم ڪري، دليل ڏيندڙ جو تحفظ ڪري پر پاڻ کي رياست پاران اهڙو ڪو لقاءُ ڏسڻ ۾ ناهي آيو. ان جي حوالي سان خاص طور تي پنجاب ۾ ٿيندڙ اهڙا ڪيترائي واقعا ڳڻائي سگهجن ٿا جن ۾ مذهب جي آڙ وٺي بنا ڪنهن ڳالهه ٻڌڻ جي ڪڏهن ماڻهن کي جيئرو ساڙيو ويو، ڪڏهن گهلي گهلي روڊن تي ڏنڊا هڻي چٿيو ويو. انهن واقعن تي ڇا ڪنهن ڪو سوال اٿاريو، ڇا ڪنهن پڇيو يا جاچ ڪئي ته اصل معاملو هو ڇا؟ هاڻي جتي سوچ، فڪر نه هجي رڳو جذبات هجن ۽ اهي به طيش وارا ته پوءِ اهڙي سماج ۾ ڪير سوال پڇندو، ڪير سوچيندو، ڪير فڪر ڪندو؟ ظاهر آهي ته پوءِ انهيءَ سماج ۾ هڪڙا جذباتي ۽ جنوني فرد جنم وٺندا، هڪ اهڙو نسل تيار ٿيندو جنهن وٽ هر عقلي ڳالهه جو جواب تشدد هوندو. رياست هڪ عرصي تائين انهيءَ نيريٽو کي هٿي ڏيندي رهي ته هي ملڪ مسلمانن لاءِ ٺاهيو ويو آهي، هاڻي جڏهن ملڪ جي قيام جو بنيادي نقطو ئي اهو هجي ته پوءِ ٻيا مذهب ته رهيا هڪ پاسي، انهن جي حقن جو تحفظ به رهيو هڪ پاسي  پر سماج ۾ Pluralism  لاءِ به ڪا جاءِ نٿي بچي.

سو اها انتهاپسندي جنهن کي هٿي ڏيندي اسان اکيون بند ڪري رکيون، سا جڏهن اسان جي رڳن ۾ گردش ڪرڻ لڳي آهي تڏهن اسان اکيون کولي اهو ڏسون ٿا ته اسان جو نوجوان نسل تيزي سان ان جو شڪار ٿي رهيو آهي. رياست پاران ڪڏهن اها زحمت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي ته ماضيءَ ۾ جيڪي به غلطيون ٿيون آهن، تن کي ڪيئن درست ڪري سگهجي ٿو. ظاهر آهي ته ان لاءِ پاليسيون ٺاهڻ جي ضرورت آهي پر ان جي ابتڙ پاڻ وٽ ٿئي ايئن ٿو، جو واقعاتي بنيادن تي فيصلا ڪيا وڃن ٿا. جڏهن رياستي سطح تي اهو اتفاق راءِ موجود آهي ته مدرسن ۽ تعليمي ادارن ۾  فوري طور تي سڌارا آڻڻ گهرجن ته ڪهڙي شيءِ رڪاوٽ آهي؟ نصاب کي بدلايو ڇو نٿو وڃي ۽  ڪو گڏيل تعليمي سرشتو ڇو نٿو رائج ڪيو وڃي؟ اسان وٽ سرڪاري، خانگي، ڪيمبرج توڻي مدرسائي تعليمي نظام آهن. هاڻي جڏهن هن ملڪ ۾ تعليمي نظام تي ئي اتفاق ناهي ته پوءِ سڌارن جي ڳالهه ڪٿان اچي سگهندي؟ ٻي ڳالهه ته انهن سڀني فيصلن لاءِ ملڪي قيادت ۾ جنهن جرئت ۽ بصيرت جي ضرورت آهي، سا ڇا توهان کي نظر اچي ٿي؟ گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته ان جو پري پري تائين ڪو ڏس پتو نٿو ملي. ايئن  اسين هڪ پاسي سماج اندر تهه در تهه ورهايل آهيون، ٻئي پاسي اسان جي نوجوان نسل جي ذهني اؤسر اهڙن بنيادن تي ٿي رهي آهي، جنهن ۾ سوچيندڙ فردن جي بدران رڳو مشيني روبوٽ پيدا ٿي رهيا آهن ته پوءِ اهڙي عالم ۾ مردان جهڙا واقعا نه ٿيندا، نورينون داعش لاءِ ڪشش محسوس نه ڪنديون ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ اهي روبوٽ ئي ته هئا، جيڪي مشال خان مٿان ٿيندڙ وحشتناڪ تشدد جا تماشائي هئا، جن مان ڪوبه اڳتي وڌي اهو سوال نه پئي ڪري سگهيو ته کيس ڇو پيو ماريو وڃي، جيڪي مزي سان وڊيو ڀري رهيا هئا؟ جيڪڏهن نورين ۽ مشال جهڙن واقعن کي به حادثاتي واقعا سمجهي رڳو وقتي ردِعمل جو اظهار ڪيو ويو ته پوءِ يقين ڄاڻو هن سماج کي تباهي کان ڪير به بچائي نٿو سگهي! ضرورت انهيءَ انتهاپسندي خلاف نيريٽوِ جوڙڻ جي ئي نه، پر هاڻ ان کي ان ئي شدت سان وڌائڻ ۽ سرپرستي ڪرڻ جي آهي، جيئن انتهاپسنديءَ جي ڏس ۾ ڪيو ويو. پاليسيون جوڙڻ جي آهي، سڌارا آڻڻ جي آهي پر اهو ٿيندو ڪيئن، ڪندو ڪير!؟  هي اهو سوال آهي، جنهن جو درست جواب هن ملڪ جا رخ طئي ڪري سگهي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

بلاول ڀٽو زرداري جو گووا ۾ هٿ جوڙي کيڪارڻ؛ چاڪيءَ جا ڏاند ۽ سنڌ – اصغر آزاد

بلاول ڀٽو زرداري جو گووا ۾ هٿ جوڙي کيڪارڻ؛ چاڪيءَ جا ڏاند ۽ سنڌ – …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *