ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي گورنر ڪراچي ۾ 2 فلاءِ اورز ٺاهڻ سميت ٽن نون منصوبن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي گورن محمد زبير ڪراچي جي منگهو پير روڊ ۽ نشتر روڊ تي فلاءِ اوورز ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. محمد زبير ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪيو آهي. گورنر چيو آهي ته، سخي حسن، فائيو اسٽار چورنگي ۽ فائيو اسٽار چورنگي تي ٽي نيون فلاءِ اوورز ۽ انهن سان گاڏ روڊ به ڄاهيا ويندا. ٽئي ترقياتي منصوبا جلد شروع ڪيا ويندا. سنڌ جي گورنر محمد زبير اليڪشن ڪميشن پاران نوان ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ يا انهن جي اعلانن تي پابندي لاڳو ڪري چڪي آهي. اليڪشن ڪميشن جي اهڙي فيصلي خلاف عدالت ۾ به ڪيس هلندڙ آهي، ان باوجود سنڌ جي گورنر محمد زبير ٽن نون ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪيو آهي.
Check Also
ن ليگ، بشير ميمڻ کي گورنر سنڌ بڻائڻ جو امڪان رد ڪري ڇڏيو
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري کي هٽائڻ لاءِ ڪا به ڳالهه غور هيٺ ناهي نه …