Wednesday , September 27 2023
Breaking News

اسٽبلشمينٽ ن ليگ هڪ پيج تي ناهن،حڪومت خلاف هاڻي سازش ڪري سگهون ٿا: آصف زرداري

ملتان(سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي سربراهه ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته ن ليگ جي حڪومت وڃڻ واري نه پر وڃي رهي آهي، حڪومت خلاف هاڻي سازش ڪري سگهون ٿا، نوازشريف جي غلطين سبب ئي اسٽيبلشمينٽ ۽ نون ليگ جي سرڪار هڪ پيج تي نه آهن، نوازشريف فرعونيت جي انتها تي پهتل هو، هاڻي چوي پيو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو. ملتان ۾ پ پ پ جي جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته پرويز مشرف کي آڻڻ وارو به نواز شريف هو پر اسان ملڪ جي ڀلائي لاءِ کيس مکڻ مان وار جيان ڪڍي ڇڏيو. نون ليگ جي حڪومت وڃڻ واري نه آهي پر وڃي رهي آهي، اسان سرڪار خلاف سازش نه ڪئي آهي پر هاڻي متان ڪري سگهون ٿا.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي غلطين جي ڪري سرڪار ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ پيج تي نه آهن، انڪري ئي مسئلا وڌي ويا آهن. عوام پ پ جو ساٿ ڏنو ته ايندڙ حڪومت به عوام کي ٺاهي ڏيکارينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

شهيدن جو وارث سڏائيندڙ بلاول ڀٽو زرداري، شهيد فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت به نه ڪئي

“خيرپور جا سمورا جيلاني پير، پير اسد شاهه جي پاسي بيٺل آهن، اندروني طور اليڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *