Tuesday , June 25 2024

اسٽبلشمينٽ باني پي ٽي آءِ باني کي وزيراعظم ڪرائڻ چاهي ٿي: محمود خان اچڪجزئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي دعويٰ ڪئي آهي آهي ته اسٽبلشمينٽ باني پي ٽي آءِ کي وزيراعظم بڻائڻ چاهي ٿي پر باني پي ٽي آءِ راضي نه ٿو ٿئي. هڪ انٽرويوءَ ۾ محمود خان اچڪزئي دعويٰ ڪئي ته اسٽيبلشمينٽ جو هڪ وڏو حصو باني پي ٽي آءِ کي وزيراعظم بڻائڻ چاهي ٿي پر هُو راضي ناهي.هن چيو ته منهنجي مشاهدي موجب اسٽيبلشمينٽ جا50سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو موجوده صورتحال مان خوش ناهن. محمود خان خان اچڪزئي انٽرويوءَ ۾ چيو ته مان ڪنهن به اداري يا ڪنهن هڪ فرد تي الزام نه ٿو هڻا. اسان کي پنهنجين غلطين کي وڏي حوصلي سان تسليم ڪرڻ گهرجي، هر انسان ۾ ڪمزوريون هونديون آهن، ڪو ان کي سٺو يا خراب سمجهي سگهي ٿو پر اهو مڃڻو پوندو ته باني پي ٽي آءِ هن ملڪ جو مقبول ترين اڳواڻ آهي. جيڪڏهن شهباز شريف سياستدان آهي ته باني پي ٽي آءِ کي آزاد ڪري. باني پي ٽي آءِ ڪيڏانهن ويندو؟ نواز شريف، مونا فضل الرحمان ۽ بلاول ڪميٽي ٺاهي، مسئلو حل ٿي ويندو.

About Ahmedbilal

Check Also

لئنسڊائون پل جي بحالي، هڪ پاسو شهرين لاءِ کوليو ويو

روهڙي ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌو درياءَ تي قائم قديمي لئنسڊائون پل جي بحالي ۽ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *