Saturday , December 7 2024

اسان کي ته اسان جي حال تي ڇڏي ڏيو…!! – مهتاب اڪبر راشدي

Mahtab akbar1مهتاب اڪبرراشدي

تو آنُ قابل که از بهر تماشا خون من ريزي

مَن آنُ بسمل که زيرِ خنجرِ خونخوار مي رقصم.

(تون اهو قاتل آهين، جيڪو تماشي لاءِ منهنجو خون وهائين ٿو ۽ مان اُهو بسمل آهيان جيڪو خونخوار خنجر جي هيٺان نچندو آهي)

نمي دانم که آخر چون دم ديدار مي رقصم

مگر نازم به اِينُ ذوقِ که پَشِ يار مي رقصم

(مون کي خبر ناهي ته آخر ديدار وقت مان ڇو نچي رهيو آهيان پر پنهنجي ان ذوق تي ناز اٿم ته پنهنجي يار جي سامهون نچان پيو.)

                         بي خوديءَ سر شاري ۽ قاتل جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ جو هي انداز، سنڌڙيءَ جي لعل، قلندر شهباز کان سواءِ ٻيو ڪنهن جو ٿي سگهي ٿو؟ هن جي درٻار جي حاضريءَ ۽ سلام لاءِ اَلائي ته ڪيترا ڪٿان ڪٿان ڪهي ايندا آهن، رڳو ان لاءِ ته سندن اندر کي ڪا تسڪين ملي، دل کي سڪون ۽ روح کي راحت نصيب ٿئي.

ان درٻار جي ڪيفيت ئي عجيب آهي، نغاري تي ڏونڪو لڳو ناهي ته بيٺلن جي جسم۾ هڪ ارتعاش پيدا ٿيو وڃي. بيخوديءَ جي ڪيفيت ۾ مبتلا ڪيترا ڄڻا، پاڻ کان بيخبر ”سرِ بازار“ نچڻ لڳندا آهن. شايد اِهو ئي هڪ اهڙو مقام آهي، جتي ايئن هر ڪنهن جو عشق جي درٻار ۾ حاضر ٿي سر بازار رقص ڪرڻ، سڀني لاءِ قابل قبول آهي. جو اِهائي لعل سائينءَ جي سُنت آهي.

اُنهيءَ لعل سائينءَ جي سلاميءَ لاءِ آيلن لاءِ، گذريل جمعي جي رات وحشي قاتلن انهن کي لال لَهوءَ جو تحفو ڏنو. امن، سڪون، پيار ۽ بيخوديءَ جي هن اڱڻ کي وحشت ۾ بدلائي بارود جي بوءِ سان ڀري ڇڏيو، جيڪي، قلندر جي اڱڻ تي سلامتيءَ لاءِ آيا هئا، سي رت جي درياهه ۾ ٻڏي ويا. قبي جون ڪِنگريون ڳاٽ اونچو ڪيون بيٺيون رهيون. سونهري قبو اڄ به سج جي پهرئين ڪرڻي سان تجليون ڏئي رهيو آهي. عقيدت مندن جو رخ اڄ به انهيءَ صوفيءَ جي حاضري طرف آهي، جيڪو پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو مزاحمتي ڪردار هو. انساني حقن جو علمبردار هو، انسانن کي الله سان ناتي ڳنڍڻ لاءِ مُلن، مولوين ۽ دين ۾ منافقن جي منافقت کان آگاهه ڪرڻ وارو ۽ انهن جي چنبن کان آزاد ڪرائڻ وارو شهباز هو، جنهن جي پرواز انساني جسم کان نڪري، روح جي اڻ کٽ بلندين تائين پهچائڻ واري رهي آهي.

ان قلندر ۽ تخيل جي پرواز واري شهباز جي درٻار کي نِوائڻ ۽ ماڻهن کي هيسائڻ ۽ گذريل هڪ هفتي کان ملڪ ۾ آيل دهشت گرديءَ جي لهر کي هٿي ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ جنهن جاءِ جو انتخاب ڪيو ويو، تنهن طرف ته ڪنهن جو ڌيان ئي ڪونه پئي ويو. اسان ته هونئن به پنهنجو پاڻ کان بيخبر قوم آهيون، پنهنجيءَ ۾ پورا، ريڊ الرٽ يا ”هاءِ الرٽ“ وارا پيغام به رڳو حڪمرانن جي حفاظت لاءِ ئي استعمال ٿيندا آهن. سندن حفاظت تي معمور ”دربانن“ جي نفري وڌي ويندي آهي. ٻاهر نڪرندا آهن ته حوارين ۽ پاسبانن جي گاڏين ۾ اضافو ٿي ويندو آهي ۽ هاڻي ته قافلي جي پُڇ ۾ پروٽوڪول ۾ اڳ هڪ ايمبولينس شامل هوندي هئي، اڄڪلهه اُنهن جو تعداد به ٻن ٽن تي پهچي ويو آهي.

ان قيامت خيز شام ۽ ڪربلا جهڙي ڪرب ناڪ رات جا جيڪي منظر سامهون آيا آهن. اُها ڏکي رات جيڪا سيوهڻ جي شهر تي آئي ۽ گذري به وئي پر پنهنجي پويان، هڪ خونريز داستان ڇڏي وئي آهي. اسان جيڪي پري کان ويهي اهو سڀ ڪجهه ڏسون ۽ ٻڌون پيا اسان جا ئي حواس ڄڻ ته پنهنجي جاءِ تي ناهن.

ان واقعي نه رڳو ملڪ ۾ آيل دهشت گرديءَ جي تازي لهر جي سنگينيءَ کي اُجاگر ڪيو آهي، پر سنڌ جي ننڌڻڪي عوام جي بي وسيءَ کي نه رڳو دنيا اڳيان وائکو ڪري ڇڏيو، بلڪه حڪومت جي ڇسيپائي ۽ بي حسيءَ کي اهڙو وائکو ڪري ڇڏيو جو، جيڪڏهن انهن حڪمرانن ۾ شرم ۽ حياءُ جو هڪ ذرو به هجي ته گهٽ ۾ گهٽ، ٽي وي جي ڪئمرائن جي سامهون اچڻ کان پرهيز ڪن.

هر سانحي ۽ دهشت گرديءَ جي هر واقعي کانپوءِ جيڪي بيان هڪدم جاري ڪيا ويندا آهن، سي هن واقعي کانپوءِ به جاري ٿيا. وزيراعظم کان وٺي، سنڌ جي وزيراعليٰ ۽ قابلِ ذڪر شخصيتن موقعي کي نه وڃايو ۽ سڀني جي پگهاردار ”پي آر اوز“ فوري طور بيان جاري ڪيا ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته انهن جا مذمتي بيان هر ٽي ويءَ تي ”ٽِڪرز“ (Tickers) جي صورت ۾ هلن. جيڪي ”فيس بڪ“ جي دنيا جا شهنشاهه آهن، تن سڄو ڏينهن اتان منهن ئي ٻاهر نه ڪڍيو ۽ لفظن جي مار سان دهشت گرد ماري رکيائون. باقي رهيل ڪم، سيل فون جي انهن جوڌن جوانن پورو ڪيو، جن مسخ شده لاشن، ڌڙ کان ڌار ٿيل سِسين ۽ جسم کان جُدا ٿيل ڄنگهن ۽ ٻانهن جا فوٽو ڪڍي، فيس بوڪ ۽ واٽس ايپ تي لڳائي ”صدقه جاريه“ جو ثواب ڪمايو.

ايئن ڪرڻ مهل انهن اِهو بلڪل نه سوچيو ته هي بي جان جسم به ڪنهن نه ڪنهن جا مِٽ مائٽ ۽ جگر گوشه هوندا، تن جي دلين تي ڇا گذريو هوندو؟ مان ته اِهو به سوچڻ تي مجبور ٿيس ته هيڏي وڏي حادثي ٿي وڃڻ ۽ ايتري سنگين المئي کي اکين سان ڏسڻ کانپوءِ هنن جا پنهنجا حواس ايترا سلامت هئا جو هنن کي ان تڪليف واري صورتحال جي تصوير وٺڻ ياد رهيو.؟ اِهو ته چئي نه ٿو سگهجي ته حادثي وقت اتي موجود هئڻ، بچي ويلن ۽ فوٽو ڪڍڻ وارن ان کانپوءِ، ڪو انساني فرض به نڀايو يا نه؟ انهن مصيبت ۾ آيل بي وس انسانن جي ڪا مدد به ڪئي يا رڳو سوشل ميڊيا جو ئي پيٽ ڀريندا رهيا.

قلندر لعل شهباز جي درگاهه تي برپا ٿيل هن حادثي کي اسان هڪ اڪيلي واقعي جي صورت ۾ نه ٿا ڏسي سگهون. ان جو تعلق اسان جي ٽيهن چاليهن سالن جي مُلڪي سياسي پاليسين ۽ تاريخ سان آهي. پاڪستان پنهنجي قيام کان وٺي اڄ تائين اهو فيصلو ئي نه ڪري سگهيو آهي ته آخر هن کي ڪهڙي واٽ تي وڃڻو آهي؟ نام نهاد جمهوريتن ۽ زوري مڙهيل آمريتن جو مزو هن ملڪ ۽ ان جي عوام خوب چکيو آهي. فوجي ورديءَ وارن پنهنجي طاقت جي زور تي نه رڳو، ملڪ جي پاڙن کي کوکلو ڪيو پر اهڙيون پاليسيون اختيار ڪيون، جن جي ڪري اڄ پاڪستان خود انحصاريءَ کان ڪوهين ڏور، عالمي طاقتن جو پٺو ۽ ”اسلامي برادر“ ملڪن جو زر خريد غلام بنيل آهي. ان حقيقت کي معروف ڪالم نگار ۽ دانشور وسعت الله خان پنهنجي هڪ ڪالم ”بخشو“ ۾ هڪ اهڙي ڪردار سان ڀيٽيو آهي، جيڪو هر پاڙي ۾ موجود هوندو آهي ۽ هر ڪو ان بخشوءَ کي چار پئسا ڏئي پنهنجي ڪم لاءِ ڊوڙائيندو آهي ۽ بخشو به ”جي حضور“ چئي سڀني کي راضي رکڻ جي ڪوشش ڪندو وتندو آهي.

سو پاڪستان به هڪ ڊگهي عرصي کان، آمريڪا ۽ سعودي عربيه لاءِ بخشو بڻيو پيو آهي. پراوَن ڦڏن ۾ پوڻ جو هونئن به اسان کي شوق آهي ۽ ”بخشو“ هئڻ ڪري، نه ڪا عزت نفس رهي آهي ۽ نه ڪو قومي وقار، ان ڪري ٻين جي ڊگڊگي وڄائيندي اڄ اهڙي منزل تي اچي پهتا آهيون جو نه ته پنهنجن پاڙيسرين سان ٺهيل آهيون ۽ نه ئي وري ”بخشو“ ڪري هلائڻ وارا سنئين منهن ڳالهائڻ لاءِ تيار آهن.

ملڪي سطح تي ڏيهي ۽ پرڏيهي پاليسي ته پنهنجي جاءِ تي، ان جو هن ڪالم ۾ مان گهڻو ذڪر نه ڪنديس، پر سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز جي درگاهه تي پيش آيل هن سانحي کانپوءِ جيڪي تڪليف ڏيندڙ حقيقتون سامهون آيون آهن، انهن تي ڳالهائڻ ازحد ضروري آهي. هن واقعي کانپوءِ اسانکي بيهر ان ڳالهه جي پڪ ٿي وئي ته جيترو حقير، بي وس ۽ نڌڻڪو سنڌ جو ماڻهو آهي، تنهن جهڙو پاڪستان جو ٻيو ڪو شهري نه هوندو. آسماني ۽ قدرتي آفتون هجن، زلزلا يا ٻوڏ، ڏڪار هجي يا بيماريون يا وري دهشت گرديءَ جا واقعا، روڊ حادثا هجن يا احتجاجي مظاهرا، انهن سڀني جي نتيجي ۾ جيڪو رَويو، حڪومت پنهنجن شهرين سان روا رکي ٿي، تنهن کانپوءِ، جيڪڏهن ماڻهو، سوچ، غيرت ۽ احساس ڌارن ته سندن ردِ عمل جي خوف کان نه ئي ڪو وزير، پنهنجي بند قلعن مان نڪري عوام وٽ وڃڻ جي جرئت ڪري سگهي ۽ نه ئي وري سنڌ جي دعويٰ ڪندڙن وٽ ڪو دليل ۽ لفظ بچندا جو هو پنهنجي ”ڪاغذي“ ڪارامن کي ڳڻائي سگهن.

ڪاغذي ڪارنامن ان ڪري ٿي چوان جو سنڌ جي صوبائي حڪومت جيڪا پوين نَوَن سالن کان پيپلز پارٽي وٽ آهي، سا هن مهل تائين سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جي نالي ۾ 10 کرب روپيا خرچ ڪري چڪي آهي. ايتري وڏي رقم خرچ ڪرڻ واري اطلاع کانپوءِ هاڻي هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي شهر، ڳوٺ، ضلعي ۽ يونين ڪائونسل جو جائزو وٺي ۽ ڏسي ته سندس علائقي ۾ ڪهڙا فلاحي مرڪز، اسپتال، ريسڪيو سينيٽر، فائر برگيڊ سسٽم، پيئن جي صاف پاڻيءَ جو انتظام، ”معياري“ تعليم وارا اسڪول ۽ روڊ رستا موجود آهن. اهو جائزو وٺڻ ان ڪري ضروري آهي ته، سرڪاري ڪاغذن ۾، عوام لاءِ اِهي سڀ سهولتون مُهيا ٿي چڪيون آهن.

ٻين سڀني شهرن کي ڇڏي، اچون ٿا سيوهڻ شريف تي اڄڪلهه اِهوشهر، ”قلندر جي نگري“ سنڌ جي وڏي وزير جي تڪ ۾ اچي ٿي وڃي. اِهو به اتفاق چئبو ته جڏهن قلندر جي درگاهه جي ڇت ۽ قبو ڪريو هو ته سنڌ جو وزيراعليٰ سيد عبدالله شاهه مرحوم هيو، جيڪو هاڻوڪي وزيراعليٰ جو والد بزرگوار هيو. ان واقعي کانپوءِ قلندر جي مزار جي تعمير ۽ تزئين جي نئين سر رٿابندي ٿي. نوان نقشا ٺهيا، سونهري گنبذ ۽ ايراني طرزِ تعمير ۽ تزئين و آرائش جا اهتمام ٿيا. ان وچ ۾ 8 حڪومتون مَٽيون، آيون ۽ وَيون. هر اچڻ ۽ وڃڻ واري پنهنجي مرضيءَ جا ڪنسلٽنٽ ۽ ٺيڪيدار آندا. محمد ميان سومري به ان دؤر ۾ بحيثيت گورنر ۽ پوءِ چيئرمين سينيٽ گهڻا جاوا ڪيا. خاص طور تي صدر صاحب جي عيرملڪي دؤري تي وڃڻ کانپوءِ وقتي صدر جي چارج سنڀالڻ تي هو ”صدارتي“ پروٽوڪول سان درگاهه جي ڪم جو جائزو وٺڻ ضرور ايندو هو.

اِها ٻي ڳالهه آهي ته ايترا جائزا وٺڻ کانپوءِ به، درگاهه جو ڪم ڪِوِليءَ جي رفتار سان اڳتي هلندو رهيو ۽ ويهن سالن کان به مٿي عرصو گذرڻ کانپوءِ به ڪم اڃا تڪميل تائين نه پهتو آهي ان ۾ ڏهه ٻارنهن سال ته اسان جي پياري پيپلز پارٽي جا ڳيڻون 16 فيبروريءَ واري واقعي جي روشنيءَ ۾ زميني حقيقتن کي ڏسندي اِها خبر پئي ته شام جو پوڻين ستين بجي کانپوءِ درگاهه جي بجلي بند ٿي ويندي آهي. سبب ان جو لوڊشيڊنگ آهي. ان کان به وڌيڪ افسوسناڪ حقيقت هيءَ آهي ته راجا پرويز اشرف جي وزيراعظم هئڻ دؤران جڏهن هو سيوهڻ شريف آيو ته لوڊشيڊنگ جي شڪايت تي هن درگاهه لاءِ هڪ ڌار فيڊر منظور ڪري ڏنو. ان جي شروع ٿيڻ سان درگاهه ۾ چوويهه ڪلاڪ بجلي ايندي هئي. پوءِ بقول خبرن پهچائڻ وارن ذريعن جي آس پاس جي ”بااثر“ درگاهه وارثن پنهنجي سُک لاءِ، قلندر کان مدد گهري ۽ اتان تارون ڇڪرائي پنهنجي گهرن کي روشن ڪيو، جڏهين بجليءَ جو بل ٽن ڪروڙن کان به مٿي چڙهي ويو ته قلندر جي درگاهه جو لحاظ ڪرڻ بنان ۽ ”بااثرن“ تي وس نه هلڻ سبب بجلي سپلاءِ ڪرڻ وارا بل ته وصول نه ڪري سگهيا باقي بجلي ڪٽڻ سندن وس ۾ هو سو ڪٽي هليا ويا.

گلشن جي ڪاروبار کي جاري رکڻ لاءِ درگاهه جي ذميوارن به اهو ئي طريقو اختيار ڪيو، جيڪو سڄي قوم ڪندي آهي. يعني قلندر جتي درگاهه لاءِ به ”ڪنڊو“ استعمال ڪرڻ، ان ڪري جڏهين شهر جي بجلي بند ته درگاهه ۾ به اوندهه ۽ انهيءَ اوندهه جو فائدو وٺي اهو خودڪش حملي آوار درگاهه اندر داخل ٿيو. پر کِل جي ڳالهه اِها آهي ته هن بي پناهه رش ۾ جتي، سيڪيورٽي عملو نه هجي، جتي نصب ٿيل ڪيمرائون ناڪارا هجن، اُتي پنهنجي سِرَ تان اُهو کڻي ايندڙ کي اوندهه جي ڪهڙِي پرواهه ٿيندي ۽ ڪنهن روڪ ٽوڪ جو هن کي ڪهڙو ڊپ هوندو؟ ان ڪري ان سلسلي ۾ اختياريءَ وارا اهڙا بيان نه ڏين ته هنن جي لاءِ ئي بهتر ٿيندو؟

انهن سڀني کان وڌيڪ خوفناڪ ۽ بيحسيءَ جي حد کان ٽپيل اُهي حالتون سامهون آيون آهن، جن کي ڏسي هاڻي ته اِهو يقين ٿي چڪو آهي ته سنڌ جي سڄڻ حڪمرانن وٽ، عوام کي ذليل ۽ خوار ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا ايجنڊا ناهي. هنن وٽ پنهنجي صوبي جي ترقيءَ جو نه ڪو تصور (Vision) آهي نه ڪا حڪمت عملي ۽ نه ئي منصوبا بندي، نه انهن پنهنجي لاءِ ڪي حدف مقرر ڪيا آهن ۽ نه ئي انهن کي عوام جي اهنجن ۽ آزارن کي دور ڪرڻ جي ڪا ڳڻتي ئي آهي. سندن حفاظتي دستي ۾ ته ٽيهه پنجٽيهه گاڏيون هونديون، باقي عام ماڻهو کي ڦورن ۽ ڌاڙيلن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.

خودڪش ڌماڪي کانپوءِ فوت ٿي ويلن جا لاش جهڙي نموني ميرن ڪپڙن جي ڳنڍين وانگر، اسپتالن جي تنگ ڪاريڊورن ۾ پيل هئا، ان کان بدتر ڪنهن فوت ٿي ويل جي مڙهه جي توهين نه ٿي سگهي. اُتان انهن لاشن کي گهِلي ڪڍڻ جا منظر انتهائي تڪليف ڏيندڙ هئا ۽ اِها مهرباني به انتظاميا جي آهي جو انهن عير لاڳاپيل ماڻهن کي اها اجازت ڏني ته هو فوٽو ڪڍن. اُن شهر ۾ جتي هر وقت سَون ۽ هزارن ۽ ميلي جي موقعي تي لکن جي تعداد ۾ ماڻهو موجود هوندا آهن، اُتي هڪ اهڙي اسپتال جنهن ۾ رڳو هڪ ڊاڪٽر ۽ نرس هجي، حيرت انگيز آهي. ٻه ايمبولينسز جيڪي ٻڌو آهي ته سِرُن تي بيٺل هيون. حالتن جي بدتريءَ جو اندازو لڳايو ته زخمين کي علاج لاءِ، نوابشاهه، ڄامشوري، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي موڪليو ويو. اُتي علاج جون ڪهڙيون سهولتون آهن، انهن تي بحث ڪرڻ بنا، رڳو ان تي سوچيو ته ٻن کان ٽن ڪلاڪن جي پنڌ تي انهن شهرن ۾ پهچڻ تائين ڪيترا زخمي سَتُ ساري سگهيا هوندا؟ جن جون زندگيون بچي پئي سگهيون، اُهي به انتظامي بدحواسي ۽ بيحسي ۽ بدترين حڪمرانيءَ جو شڪار ٿي ويا.

اِن ڪري اچو ته ملڪ ۽ صوبي جي سنڀاليندڙن، حاڪمن، بااثر دعويدارن، حڪمت عملي واضح ڪرڻ وارن بقواطف، فوجي جوانن، سياسي بادشاهن، جمهوريت جي چئمپينز کي جُهڪي سلام ڪيون، سندن مهربانين جو شڪريو ادا ڪري پوءِ وينتي ڪيون ته توهان جي گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ ئي اسان هن منزل تي پهتا آهيون. اِها حقيقت پڌري پٽ اسان جي سامهون آهي ته اسان جي مسئلن جو نه توهان کي شعور آهي نه ڳڻتي ۽ نه وري انهن جو ڪو حل ئي توهان جي وس ۾ آهي……..

هاڻي بس اسان کي معافي ڏيو، رڳو اسان جي جند ڇڏيو، اسان کي اسانجي حال تي رهڻ ڏيو.اسان مري جهري به توهان جي نام نهاد جمهوري نظام ۾ تباهه ٿيل تعليم، بدترين صحت جي حالتن، بي انصاف ڪورٽن ۽ بي اَمان مارجي وڃڻ وارين حالتن مان نڪرڻ جا سانباها ڪنداسين. توهان جو هئڻ يا نه هئڻ اسان لاءِ ڪا معنيٰ نه ٿو رکي ته پوءِ توهان جي شڪلين ڏانهن ڇو ڏسون؟

توهان! جن وٽ زندگيءَ جو مقصد رڳو اقتدار کي چنبڙي رهڻ آهي…. بس! ڪرم ڪيو، اسان جي جان ڇڏيو……ته اسان ٿڙي ٿاٻڙي پنهنجي سِر پنهنجي منزل حاصل ڪيون….. اسان کي اسان جي حال تي ڇڏيو. قلندر شهباز جي لفظن ۾ اسان جي طاقت جو اندازو لڳايو ۽ ياد رکجو ته عوام جڏهن چاهيندو ته توهان کي ٿڏي ڇڏيندو.

اگرچه قطره شبنم نه پوئيد بر سرِ خار

مَنم آن قطرهء تبسم به نوڪِ خار مي رقصم

(جيتوڻيڪ ماڪ جو ڦڙو ڪَنڊي ته نه ٽِڪي سگهندو آهي، پر مان ماڪ جو اُهو قطرو آهيان جيڪو ڪنڊي جي نوڪ تي نچندو آهيان)

About Asghar Azad

Check Also

قبيلائي ۽ ڪاروڪاري تڪرارن جا جرڳا؛ چيف جسٽس سنڌ، توهين عدالت جو نوٽيس وٺي _اصغر آزاد

ڪنهن کي به خبر نه هئي ته 20سال اڳ پسند / عدالتي پرڻو ڪندڙ ڏهرڪي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *