ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو آخري اجلاس ٿيو آهي، وڏي وزير چيو ته هن شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪوبه فرق نه ڪيو ۽ وفاق سان سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهيو آهي. وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو الوداعي اجلاس ٿيو، جنهن دوران صوبائي وزيرن سنڌ سرڪار ۽ خاص طور وڏي وزير جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته مون سنڌ جي عوام جي ڀرپور نموني خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان ڪنهن تي احسان نه ڪيو پر اهو عوام جو حق هيو، جن اسان کي ووٽ ڏئي ايوانن تائين پهچايو. وڏي وزير چيو ته هن 22 مهينن دوران رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾سٺو ڪم ڪيو پر انهن شعبن ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر ٿي آهي، مختلف شعبن ۾ ڪاميابيون ماڻيون آهن.
Tags Murad Ali shah's last speech in SA sindh assembly murad ali shah speech sindhsamaachar
Check Also
شهيدن جو وارث سڏائيندڙ بلاول ڀٽو زرداري، شهيد فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت به نه ڪئي
“خيرپور جا سمورا جيلاني پير، پير اسد شاهه جي پاسي بيٺل آهن، اندروني طور اليڪشن …