Thursday , September 28 2023

احتساب عدالت پاران شرجيل ميمڻ جي وزارت دوران جاري ڪيل اشتهارن جا تفصيل طلب

Sharjeel memon

سنڌ حڪومت جي سُڌسماءَ واري کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پاران پنهنجي کاتي ۾ ڪميشن تي اشتهار ڏيڻ لاءِ مجموعي طور تي وصول ڪيل 5 ارب رپين واري رشوت جا سمورا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. احتساب عدالت شرجيل ميمڻ جي ڪيل ڪرپشن تي هاڻي ايندڙ ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تي ڪندي.

ڪراچي جي احتساب عدالت، 5 ارب رپين جي ڪرپشن ريفرنس ۾ سڌ سماءَ واري کاتي کان جاري ڪيل اشتهارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ڪيل پنج ارب ريپن جي ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران هڪ ٻئي جوابدار جوابدار عاصم عامر جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته سڌ سماءَ جي وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، ميڊيا ڪميشن ۽ ٻين کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي ته جيئن جاري ڪيل اشتهارن جي حوالي سان ڄاڻ ملي سگهي. عدالت اهڙي درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

نواز شريف، آصف زرداري، شهباز شريف، شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيس بحال، نيب ترميمون رد

سپريم ڪورٽ نيب ترميمي بل ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي، ن ليگ، پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *