Friday , June 14 2024

اتر وزيرستان ۾ آپريشن، 9 دهشتگرد مارجي ويا، 7 جوان شهيد:آءِ ايس پي آر

راولپنڊي( سنڌسماءِچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران اتر وزيرستان ۾ 9 خطرناڪ دهشتگرد مارجي ويا آهن، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان جهيڙيندي 7 جوانن شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر پاران جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، اتر وزيرستان ۾ آپريشن ردالفساد دوران سيڪيورٽي فورسز ڳجهو اطلاع ميلو ته ڪجهه دهشتگرد افغانستان کان پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيا آهن. اتر وزيرستان جي غر لامئي ۽ سپير ڪنر الگاڊ ۾ سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو ۽ دهشتگردن سان مقابلو ٿيو. آءِ  ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري 9 دهشتگردن کي ماري وڌو. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان جهيڙيندي پاڪ فوج جي ڪئپٽن جنيد سميت 7 جوان شهيد ٿي ويا. شهيد جوانن ۾ حوالدار عامر، حوالدار عاطف، حوالدار ناصر، سپاهي سميع ۽ سپاهي انور شامل آهن. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ وارو عمل جاري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

فلسطين جي نالي تي پ پ پاران ڪڻڪ جي واپارين کي فائدو پهچائڻ جو منصوبو!!

پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت پاران سنڌ ۾ آبادگارن کي بارداڻو مهيا نه ڪرڻ ۽ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *