عرفان علي شاهه
ننڍپڻ کان آئون مشڪلاتن ۾ رهيو آهيان، مون کي ڪڏهن به شيون آسانيءَ سان سمجهه ۾ نه اينديون هيون ۽ اها ڏکيائي مون کي اڄ تائين پيش ايندي رهندي آهي. اهو ئي سبب هو جو آئون اسڪول ۾ به Average شاگرد رهيس. ننڍپڻ کان مون کي ڪتاب پڙهڻ جو ته جنون رهيو آهي، پر اسڪول جي نصاب پڙهڻ سان ڪڏهن به دلچسپي ناهي رهي. مثال طور جيڪڏهن اسڪول ۾ استاد اهو چوندو هو ته هي پاڻي آهي ته مون لاءِ اها ڳالهه ايٽم بم ٺاهڻ کان به وڏو مسئلو هوندو هو. منهنجو ذهن هڪ منٽ ۾ سئو سوال پيدا ڪري وٺندو هو، پاڻي؟ پاڻي ڇا آهي؟ ڪيئن آهي؟ ڇو آهي؟ ڪيئن ٺهيو؟ ڪٿان آيو؟ اڄ به مون کي اها ئي ڏکيائي پيش ايندي آهي، جيستائين ڪا ڳالهه مون کي مڪمل سمجهه ۾ نه ايندي آهي، تيستائين آئون ان کي مڃڻ لاءِ تيار ناهيان ٿيندو. درگاهن جي باري ۾ منهنجو ذهن سدائين منجهيل رهيو آهي. دوست قلندر، ڀٽ شاهه، سچل سرمست يا ٻين خدا جي درويشن جي نالي تي ائين جهومندا آهن، ڄڻ اجهو هاڻ سندن محفل مان اٿي آيا هجن. جڏهن آئون کانئن ڪجهه سمجهڻ لاءِ ڪجهه سوال ڪندو هئس ته پهرئين، سوال تي هو مونکي حيرانگي سان ڏسندا هئا ۽ ٻئي سوال تي مون کان نفرت جو اظهار ڪندا هئا ۽ ٽئين سوال تي مون کي ڪافر قرار ڏنو ويندو هو. آئون کين چوندو هئس ته، يار توهان ته صوفي آهيو، پنهنجو مذهب انسانيت ٻڌايو ٿا ته پوءِ ڪو اهڙو الزام لڳايو، جنهن جو تعلق انسانيت سان هجي.
آئون تمام گهٽ درگاهن تي ويو آهيان، پر جڏهن به ويو آهيان ته منهنجي جنگ پنهنجي پاڻ سان شروع ٿيو وڃي. عبدالله شاهه غازي هجي يا ڀٽائي جي درگاهه، درگاهن جي آس پاس جو ماحول ڏسي، ماڻهن جون درويشي لباس ۾ يا درگاهن تي ويندڙن جي عام زندگيءَ ۾ انهن درويشن جي پيغام جو ڪو اثر ٿيندو نه ڏسي، منهنجي ذهن ۾ هميشه جيان هزارين سوال پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ اهڙا سوال دوستن کان پُڇڻ تي وري ڪنهن ڪاوڙ جو منهن ڏسڻو پيو آهي.
آئون خدا جي وحدانيت ۽ ان کان گهرڻ تي يقين رکان ٿو، اهو رڳو ان ڪري نه ته آئون مسلمان آهيان، مسلمان جي گهر ۾ پيدا ٿيو آهيان. خدا جي باري ۾ منهنجي ذهن ۾ هزارين سوال پيدا ٿيڻ کانپوءِ هر سوال جو جواب مون کي بغير پڇڻ جي نه رڳو رسالن مان مليو پر جانورن، پکين، ٻوٽن سميت ڪائنات جي هر شيءَ مان مليو. ڪڏهن ڪنهن مذهبي عالم پنهنجي جوابن سان مونکي مطمئن ناهي ڪيو ۽ نه ئي انهن جي ڪري مون ڪڏهن خدا کي ڄاتو آهي.
هاڻ تازوئي ڪراچي ۾ ادبي ميلي ۾ وڃڻ ٿيو. اتي هڪ فنڪار کي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻو هو. هو پنهنجي فن کان وڌيڪ انسانيت تي ليڪچر ڏيندي نظر آيو. سندس ڳالهين ۾ مٺاس نه پر حد کان وڌيڪ ڪڙاڻ هئي. منهنجي ذهن وري هزارين سوال گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، انسانيت ڇا آهي؟ ڇا انسانيت رڳو ڪجهه ماڻهن جي ڳالهه مڃڻ جو نالو آهي؟ جيڪڏهن انسانيت مان مراد سموري ڪائنات جي انسان هئڻ وارو آهي ته ڇا نفرت جو اظهار پکي، پکڻ ۽ ٻين جاندارن لاءِ آهي؟ جيڪي ماڻهو مذهب جو نالو وٺي ٻين کي ڪافر قرار ڏين ٿا، انهن کي مارين ٿا، اهي به ته نفرت جو اظهار ڪن ٿا، انهن ماڻهن سان جيڪي ساڻن متفق ناهن ته پوءِ هي ڪير آهن؟ ڇا انتها پسند ناهن؟ جيڪڏهن اوهان منهنجي ڳالهين سان متفق ناهيو ته اوهان به ڪافر آهيو. اسان جي فنڪار جي تقرير جو اهو اثر هو جو مون سميت اڌ مجموعو 10 منٽن ۾ ئي اُٿي هليو ويو.
علم سفر ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ غور و فڪر ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿو. جڏهن علم اچي ٿو ته انسانيت ڪر موڙي ظاهر ٿئي ٿي. دنيا جي مذهبن، صوفي ازم ۽ انسانيت پرستن ۾ ڪجهه شيون هڪ جهڙيون آهن، اهي انسانن لاءِ آهن. انسانن سان محبت ڪرڻ، انهن جو خيال رکڻ، پاڻ کان وڏن، بزرگن ۽ علم وارن جي عزت ڪرڻ ۽ سندن محفلن ۾ ويهڻ جي هو تلقين ڪندا آهن. ڪمزورن جو ساٿ ڏيڻ، ظلم کي روڪڻ ۽ ان جي مذمت ڪرڻ سيکارين ٿا. هو نفرت ڪڏهن ناهن سيکاريندا.
جنهن ڏينهن سيوهڻ سانحو ٿيو، ان ڏينهن اسان سڀني تي سڪتو طاري ٿيل هو، رات جو جڏهن سوشل ميڊيا تي نظر وڌي ۽ نوجوانن جا رايا پڙهيم ته، يقين ڪريو آئون سانحو ڀُلجي ويس. منهنجي ذهن وري سوچڻ شروع ڪيو. ڪنهن تي ماتم ڪريان، انهن 90 لاشن تي يا منهنجي هنن نوجوانن جي سوچ تي؟ 90 جي لڳ ڀڳ شهيد ٿيلن جي اسان کان وڇڙڻ جو غم ڪريان يا اسان مان سندن جان ڇُٽڻ جي خوشي ملهايان؟ رڳو گٿا لفظ، مذمتون، لعنتون، يقين ڪريو، مونکي اڄ پنهنجي اپاهج پُڻي تي روئڻ ٿو اچي. مونکي انسان هئڻ ۽ هن قوم جو فرد هئڻ تي روئڻ ٿو اچي. ڪنهن ڪيڏي نه ڀلي ڳالهه ڪئي آهي ته ”گذري هين آج عشق ۾، ڪُڇ ايسي مقام سي، نفرت سي هو گئي هئي، محبت ڪي نام سي“ اسپتالون ناهن، ايمبولينسون ناهن، رت ناهي، حڪومت تي لعنتون، هُن تي لعنت، فلاڻي تي لعنت، افسوس صد افسوس!
ادبي ميلي ۾ ليکڪ محمد حنيف چيو ته، جيڪڏهن اوهان کي ڌمڪين وارا فون نه ٿا اچن، اوهان کي اغوا جون ڌمڪيون نه ٿيون ملن ته، سمجهو ته اوهان سچ نه پيا لکو! هي ڪهڙا رويا آهن؟ اسان پنهنجي ڪمري مان اٿي، اڱڻ ۾ اچڻ لاءِ تيار ناهيون. فيس بڪ تي ويهي پنهنجي روين سان پنهنجي اصليت ٻڌائي ٿي وڃي. اکين جي اشارن سان محفلن ۾ ٺٺوليون ڪريون ٿا، ڪنن ۾ ويهي ڳالهيون ڪريون ٿا، پر پُٺ گلائون ڪريون ٿا پر سامهون ڳالهائڻ جي جرئت ناهي. ڪيترا ماڻهو شهيد ٿيا؟ ڪيترا زخمي؟ پنج سئو يا هزار، 2 هزار؟ جن سياستدانن کي اسان گهٽ وڌ ڳالهايون ٿا، انهن جي عام ريلين ۾ ٻن هزارن کان وڌيڪ گاڏيون هجن ٿيون، ڇا اهي گاڏيون اسان منجهان ئي ڪن ماڻهن جون ناهن هونديون؟ ڇا چار ڪروڙ عوام وٽ 2 هزار گاڏيون نه هيون، جنهن ذريعي اسان انهن زخمين کي فورن اسپتال پهچايون ها.
جنهن کان پُڇو اهو چوندو ته، اهو اسان جو ڪم ناهي. جيڪڏهن اهو اسان جو ڪم ناهي ته پوءِ مري ويندڙ به اسان جا نه هئا. مرڻ ڏيو، ڪهڙو فرق پوي ٿو. ثقافتي ميلن لاءِ اسان ماڻهو ٻاهر نڪري اچون ٿا، پوءِ قلندر تي ٿيل حملي دوران پهچڻ لاءِ اسان وٽ نه گاڏي هئي، نه ئي جسم ۾ ست ۽ رت هو. يقينن ڪيترائي ماڻهو پهتا هوندا، پر آئون ڳالهه هڪ قوم جي ڪري رهيو آهيان، قلندر جو حق ۽ انسانيت جو حق تڏهن ادا ٿئي ها، جڏهن اسان هزارن جي تعداد ۾ گاڏيون کڻي پهچون ها ۽ زخمين کي اسپتالن تائين پهچايون ها ته شايد ايترو نقصان نه ٿئي ها.