Tuesday , September 22 2020
uren
Breaking News

ڏورٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا….! حاجي مرزا خان، توهان جي اوطاق ۽ کاهي شال سدا آباد رهن – قاضي آصف

Qazi Asif

رئيس حاجي مرزا خان به موڪلائي ويو. منهنجي ڳوٺ کاهي مينهون جي ڪلاسيڪل سماجي تاريخ جو آخري اکين ڏٺو شاهد هليو ويو. سڀني کي هلڻو آهي، موت مهڻو ڪونهي. هو انهن ماڻهن مان هو، جن ماڻهن جي ڪري سماج ۾ اڃان ڪي چڱايون موجود آهن، انهن روايتن جو امين، رڄ چڱو مڙس، اٿي ويٺي انهن ماڻهن سان جن جو ذڪرپيرحسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب، هو ڏوٿي هو ڏينهن ۾ قمبر جو ذڪر ڪندي ڪيو آهي. قمبر ۾ دوست محمد هڪڙو، جهنڊير، راشدي، شيخ صاحبان، ڪهڙن جا نالا ڳڻايان؟

جنهن زماني جا هي ”رئيس“ هئا، ان جو مطب ڪاٽڪو ڌارڻ، قبضا ڪرڻ، ڳاڙهي ٻوڙ تي واٺا پالڻ، لچاين ۾ تر تپائڻ بلڪل نه هو. ان وقت جو رئيس، يا چڳو مڙس فقط پئسي، دٻدٻي جي ڪري نه، پر ڀل ماڻهائپ، ڳڻ ڳوت، شناس جي ڪري هوندو هئو. هائو، مڃون ٿا زمانو بدلجي ويو، وڏيرپ،رئيس، ظلم جي نشاني بڻجي ويا ، پر رئيس مرزا خان انهن ماڻهن مان هو جيڪي آخري دم تائين روايتن جا امين رهندا آهن. باباسائين قاضي رجب علي کانپوءِ اسان جي ڳوٺ مان روايتن جو آخري امين به هليو ويو.

ڳوٺ سان اهڙي محبت جو، مڇي ماني رسيل ماڻهون هو پرآخري دم تائين پنهنجو تر نه ڇڏيائين، اڄ ڪله جنهن کي ٿورو پئسو آيو، شهرن ڏانهن اڏام ڪئي، جتي زندگي گذري، اسريا نسريا، ان ڳوٺ جون سئو برايون ياد اچي ويون، ويا ته وري ڳوٺ ڏانهن ڪنڌ ورائي نه ڌٺو. پر حاجي مرزا خان جي ڪهڙي ڳاله ڪجي، جيستائين جان ۾ ست هوس، ڳوٺ ۾ ئي رهيو.

هي هڪ سماجي سائنس جو سوال آهي، جنهن تي اڃان تحقيق جي ضرورت آهي ته سنڌ جو سماجي تاڃي پيٽو هئو ڇا؟ هي انحتاط جي هن منزل تي ڇو پهتو آهي؟ هي ڪو پراڻي وقت سان لڳاءَ، يا نسٽاليجيا جو مسئلو نه آهي. واقعي تحقيق جي ضرورت آهي. اسان جيڪي چڱا مڙس ڏٺا، انهن ۾ ته غريبا مار هئي ڪون، انهن جي اوطاق جي در تي ڪو باڊي گارڊ ويٺل نه ڏٺو. ڏک سک ۾ غريب امير جو فرق ڪرڻ بنا، وڃي پهچندا هئا. وليز جيپ جو ڪرايو به گهڻو ڪري پاڻ ڀري، بي پهچ ماڻهن جومسئلو حل ڪرائڻ پهچندا هئا. هي ان سنڌي سماج جو ذڪر آهي، جنهن ۾ اسان جي سانڀر۾. پنجاه سالن ۾ ڪا عورت نه ڪٺي، نه ڪارو ڪاري جو ڪو گهڻو مسئلو ٿيو. هلڪا سلڪا مسئلا ٿيا ته به ڳالهين ذريعي حل ٿيا، ڳوٺ ۾ سيد، جوڻيجا، سومرا، ڪوري، بڙڌي، خاصخيلي، شيخ موجود رهيا ڪڏهن به انهن ۾ ذاتي جهڳڙا، ڪو وڏو کٽراڳ نه ٿيو، ان جو سبب ماڻهن ۾ ماڻهپو، ۽ انهن چڳن مڙسن جو هٿ وس هو، جن ماحول کي حيوانيت ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏنو. حاجي مرزا خان انهن، سنڌ جي ڳوٺاڻي قابل فخر روايتن جو امين هو، جن لاءِ ڪيترن دانشورن جو خيال آهي ته سنڌ ۾ ڪا چڱائي آهي ئي ڪان، ڪو چڱو مثال ملي ئي نه ٿو.

Haji

سنڌ جي اهڙي سماج کي ڊاهي پٽ ڪرڻ، هر چڱي ڳاله کي ڌوڙ ڪرڻ لاءِ گهڻ طرفي منصوبه بندي سان ڊگهي سازش پنهنجو ڪم ڪيو آهي. پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، سائين جي، ايم سيد، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، پوپٽي هيراننداڻي سميت جن به ياد گيريون قلم بند ڪيون آهن اها نسٽالجيا نه، سنڌ جي سماجي تاريخ جا ماخذ آهن. انهن تي تحقيق ٿيڻ گهرجي. حاجي مرزا خان جو سڀني ڳوٺ وارن پراسان جي خاندان سان خصوصي پيار هو، جو ان، اسان جي وڏن کي ڏٺو، انهن کان واقف هو. مان جڏهن اڃان مڪمل طرح ڳوٺ ۾ رهندو هوس ته تقريبا روزانه شام جو حاجي صاحب سان سندس اوطاق تي ڪچهري ڪندو هوس، جو هو مون سان تمام گهڻو شفيق هو. ملڪ، سنڌ ۽ علاقي جي سياست، علم ادب تي ڳاله ٿيندي هئي، منهنجي گهڻي دلچسپي پراڻي زماني جي سياسي تاريخ بابت سندس يادگيريون ٻڌڻ هو. هڪ ڏينهن چيائين ڪو ڪتاب ته پڙهڻ لاءِ ڏي. انهن ڏينهن ۾ حسام الدين راشدي جو ڪتاب هو ڏوٿي هو ڏينهن مون تازو پڙهي پورو ڪيو، اهو کيس ڏنم. هفتي کانپوءِ سڏايائين، چيائين، ابا پيرحسام ته قمبر جي باري ۾ جيڪي لکيو آهي اهو سڀ منهنجي اکين جي آڏو ٿيو آهي.

افسوس اهو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ابتدائي سياست واري زماني ۾ ان سان حاجي مرزا خان جا علاقي ۾ گڏ ڪيل سفر، انهن جون ڳالهيون، جيڪي هن مونکي ٻڌايون هيون، اهي مون نوٽ نه ڪيون هيون، زماني جي هڻ وٺ ۾ اهي منهنجي ذهن مان به ميسارجي ويون آهن. حاجي مرزا خان وڏي جفاڪشي سان شروع ڪيل ابتدائي زندگي ۾ سخت محنت ڪئي. پنهنجا ٻار پڙهايا. ٻي ملڪيت جي ڳاله ته پنهنجي جاءِ پر سندس اصل ملڪيت ان جي پڙهايل صالح اولاد آهي. ڊاڪٽرغلام مرتضي سومرو هجي يا، نذير احمد سومرو، يا منهنجو هم ڪلاسي ۽ پيارو دوست نوراحمد سومرو هجي، يا پٽن وانگر پاليل علي محمد سومرو، سڀ پيار ڪرڻ وارا، قابل احترام، پر خاص طور ڊاڪٽرغلام مرتضي سومرو تمام محبتي ماڻهو، پنهنجي والد جو ساءٌ رکندڙ آهي. هاڻي حاجي مرزا خان نه رهيو، ان جي تقريبا اسي سالن کان آباد اوطاق ان کانسواءِ اداس هوندي. شال ائين ٿئي ته پنهنجي زندگي ۾ آباد اوطاق حاجي مرزا خان کانپوءِ به آباد رهي، ائين نه ٿئي ته حاجي صاحب کانپوءِ اهو پاسو ئي بند ٿي وڃي.

رمضان جي اخر۾ سندس طبيعت وڌيڪ ناساز ٿيڻ ڪري حاجي مرزا خان کي اعلاج لاءِ لاڙڪاڻي شهر منتقل ڪيو ويو. پر اها ان جي پنهنجي ماڻهن سان محبت هئي جو طبيعت سخت ناساز هجڻ جي باوجود عيد جي نمازهو پنهنجي ڳوٺ جي مسجد ۾ ئي پڙهڻ آيو. هلڻ گهمڻ جهڙو نه هجڻ جي باوجود آواز ۾ اهو ئي زور، ماڻهن جي سڃاڻپ، اها ئي محبت جيڪا ورهين کان جيئن هئي، تيئن موجود. سخت گرمي جي گاڏي ۾ پنهنجي عزيزن جي قبرستان تي به ويو. ها، اهو پهريون دفعو ٿيو جو ان جي سڄي فيملي لاڙڪاڻي شهر۾ هجڻ ڪري، اها تقريب نه ٿي سگهي جيڪا هر عيد تي ٿيندي هئي. عيد نماز کانپوءِ پنهنجي اوطاق ۾ دوستن لاءِ دعوت ڪندو هو، اها منهنجي سانڀر۾ پهريون دفعو نه ٿي. خبرپئي ته عيد نماز کانپوءِ حاجي مرزا خان کي واپس لاڙڪاڻي شهر نيو ويو. ائين محسوس ٿيو ته هو پنهنجي ڳوٺ، ماڻهن ۽ ماڳن کان آخري ڀيرو موڪلائڻ آيو هو. مونکي ڏاڍو افسوس ٿيو ته مونکي خبر هجي ها ته اهو بندوبست مان ئي ڪريان هان پر مونکي خبر دير سان پئي، هو وڃي چڪا هئا. حاجي مرزا خان صاحب، توهان هن دنيا ۾ ناهيو، پر توهان جي شفقت، پيار، پنهنجائپ سدائين ياد رهندي. بس دعا آهي، شال توهان جي اوطاق ۽ کاهي سدا آباد هجن.

About Asghar Azad

Check Also

اندر رُوح رهيام، خاڪي جويو کي ڀيٽا – سنڌو جويو

Share this on WhatsAppخاڪي جويي جي ورسيءَ جي موقعي تي سندس وڏور نياڻي پنهنجا احساس …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *