Thursday , April 25 2024

5مهينا گذري ويا، ايڪسائيز کاتي  جي وزير ۽ سيڪريٽري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي هدايتن تي عمل نه ڪيو

5مهينا گذري ويا، ايڪسائيز کاتي  جو وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ سيڪريٽري حليم شيخ راضي نه ٿيا، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جون هدايتون ردي جي ٽوڪري حوالي

حليم شيخ سيڪريٽري ايڪسائيز           مڪيش ڪمار چاولا صوبائي وزير

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ( ايس پي ايس سي) جو امتحان پاس ڪندڙ ايڪسائيز کاتي جي 15 اي ٽي اوز کي آفر آرڊر جاري نه ٿيا، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڪسائيز کاتي جي وزير مڪيش ڪمار چاولا آفر آرڊرز جاري ڪرڻ ۾ رونڊڪ بڻيل آهي. گذريل سال ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي ۾ اي ٽي اوز، پراوينشنل مئنيجمينٽ سروس آفيسر، خوراڪ کاتي ۾ فوڊ ڪنٽرولرز ۽ اسسٽنٽ رجسٽرار جي ڀرتين لاءِ سنڌ پبلڪ سوروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن کي 5 مهينا گذرڻ باوجود آفر آرڊرز جاري ناهن ڪيا ويا، جنهن سبب نوجوان سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. گذريل سال سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران مختلف ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ خوراڪ کاتي سميت مختلف کاتن ۾ آفيسرز جي ڀرتين لاءِ ورتل چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ ڪامياب ٿيل امييدوارن پاران مختلف مرحلا مڪمل ڪرڻ کانپوءِ، ايس پي ايس سي پاران ايڪسائز کاتي ۾ اي ٽي اوز جي ڀرتي وارو معاملو پنج مهينن کان رولڙي جي ور چڙهيل آهي.

ڪميشن پاس ڪرڻ بعد آفر آرڊرز جي انتظار ۾ ويٺل متاثر  ذيشان احمد ۽ دانيال سنڌسماءَچار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، هنن چٽا ڀيٽي واري امتحان جا سمورا مرحلا ڪاميابي سان مڪمل ڪيا، جنهن کانپوءِ 15 ڄڻن کي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفيسر طور ڀرتي ڪري آفر آرڊرز جاري ڪرڻ لاءِ ايس پي ايس سي ايڪسائيز کاتي سميت لاڳاپيل اختيارين کي خط لکيو، پر پنج مهينا گذرڻ باوجود کين آفر آرڊرز نه پيا ڏنا وڃن. ان سلسلي ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز حليم شيخ، کي به زباني توڙي لکت ۾ درخواستون ڪيون آهن پر ان جو ڪو ب ه کڙتيل ناهي نڪتو. ذيشان ٻڌايو ته هنن پنهنجو حق وٺڻ لاءِ قانوني دڳ اختيار ڪيو آهي، سيڪريٽري ايڪسائيز سميت لاڳاپيل اختيارين کي ليگل نوٽيس به اماڻيو ويو آهي، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ايڪسائيز کاتي جي سيڪريٽري کي 11هين مارچ تي ليگل نوٽيس موڪليو هو، اختيارين کي هڪ هفتي اندر آفر آرڊرز جاري ڪرڻ جي مهلت ڏني هئي پر اڃا تائين ان جو ڪو به جواب ناهي آيو، انڪري هاڻي ايندڙ جمعي يا سومر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ويندي. چٽا ڀيٽي جو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن جو چوڻ آهي ته ايڪسائيز کاتي جو وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ سيڪريٽري عبدالحليم شيخ اسان کي آفر آرڊرز جاري ڪرڻ ۾ روڙا اٽڪائي رهيا آهن، محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته هُو اسان کي ڪورٽ ڪچهرين جا چڪر ڪٽرائيندا پر اسان پنهنجو حق وٺڻ لاءِ هر قسم جو رستو اختيار ڪرڻ جو حق رکون ٿا.

ان سسلي ۾  موقف معلوم ڪرڻ لاءِ ايڪسائيز کاتي جي وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ سيڪريٽري عبدالحليم شيخ سان ڪيترائي ڀيرا رابطي جي ڪوشش ڪئي پر هنن فون اٽينڊ نه ڪيا، سيڪريٽري جي پي ايس ۽ صوبائي وزير جي پي ايس جي سيڪريٽري فون اٽينڊ نه ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *