Friday , March 29 2024

41 ماڻهن کي قتل ڪرڻ بعد تبليغ ڪندڙ متحده جو ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ جي راڄڌاني شهر ۾ 41 ماڻهن جي زندگين جا ڏيئا اجهائڻ بعد تبليغي جماعت ۾ چلا ڪٽيندڙ متحده قومي موومينٽ جو ٽارگيٽ ڪلر نيٺ گرفتار ٿي ويو آهي، ايس ايس پي اظفر مهيسر چيو آهي ته جوابدار هڪ اهم شخصيت جي قتل ۾ نبه ملوث آهي، جوابدار کان جاچ ڪرڻ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙي ويندي. ان حوالي سلسلي ۾ بهادرآباد پوليس شاهراهه فيصل ڀرسان ڪراچي واٽر ائنڊ سيوريج بورڊ گيٽ سروس روڊ تي ڳجھي اطلاع تي ڇاپو هڻي ايم ڪيو ايم لنڊن سان تعلق رکندڙ سيريل ڪلر ساجد عرف ڇوٽا عرف بونا کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار، دستي بم ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي اوڀر غلام اظفر مهيسر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گرفتار ٽارگيٽ ڪلر ساجد عرف ڇوٽا عرف بونا صحت کاتي جو ملازم آهي، سندس تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي. هن پنهنجي زندگي ۾ پهريون قتل 1995 ۾ پوليس اهلڪار نبي بخش جو ڪيو. ايس ايس پي موجب ٽارگيٽ ڪلر پوليس اهلڪار انوارالحق کي جيل ۾ قيد پنهنجي ساٿي سليم ٽينشن جي حڪم تي قتل ڪيو هو. سندس چوڻ تي مقرريون بدليون نه ڪرڻ جوابدار ايجوڪيشن کاتي جي ڊائريڪٽر شميم خان کي آفيس ۾ گھڙي قتل ڪيو هو. ايس ايس پي موجب ٽارگيٽ ڪلر ايڪسائيز انسپيڪٽر محمد امين کي ان لاءِ قتل ڪيو جو کيس قيادت طرفان سرڪاري آفيسرن کي قتل ڪرڻ جو حڪم مليو هو. اهڙي ريت هن سياسي مخالف جماعت ايم ڪيو ايم حقيقي جي ٽن ڪارڪنن، سني تحريڪ جي 15 ڪارڪنن، پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ 8 بلوچ ۽ سنڌي ڪارڪنن کي گوليون هڻي قتل ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *