Tuesday , April 16 2024

2018جي عام چونڊن جون تياريون، وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۾ نوڪرين تي پابندي

اسلام آباد( رپورٽر    سنڌسماءَچار) اليڪشن 2018 جون تياريون شروع ٿي ويون آهن، اليڪشن ڪميشن وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۾ نيون ڀرتيون ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۽ چئني صوبن جي صوبائي پبلڪ سروس ڪميشنز پابندي کان آجيون هونديون، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته هلندڙ ترقياتي ڪمن جا فنڊز به ڪنهن ٻئي منصوبي تي خرچ نه ڪرچ نه ڪري سگهبا. پابنديون پهرين اپريل 2018 کان لاڳو هونديون. الڪيشن ڪميشن جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتي ادارن ۾ ڀرتين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، پابندي پهرين اپريل تائين لاڳو هوندي.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب پابندي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۽ چئني صوبن جي صوبائي پبلڪ سروس ڪميشنز تحت جاري ڀرتيون پابندي کان آجيون هونديون. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، پهرين اپريل کانپوءِ منظور ٿيل ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد روڪڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب پهرين کان جاري ترقياتي منصوبن جا فنڊز ڪنهن ٻئي ۾ منتقل نه ڪيا وڃن. اليڪشن ڪميشن طرفان پابندين بابت حڪم نامو سمورين وزارتن ۽ کاتن کي پهچايو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڀرتين ۽ ترقياتي اسڪيمن تي پابندي عام چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ لڳائي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *