Friday , March 29 2024

2013جي عام چونڊن جو جائزو-ڪهڙو مينڊيٽ، ڪٿان جو مينڊيٽ – سهيل ميمڻ

سهيل ميمڻsuhail

سنڌ ۾ مينڊيٽ بابت ڇا اها حيران ڪندڙ ڳاله ناهي ته 2013 جي اليڪشن ۾ سنڌ جي قومي اسيمبلي جي 61 جنرل سيٽن تي پيپلز پارٽي جا ووٽ 34 لک 87 هزار 299 آهن ۽ پيپلز پارٽي کي نه ملندڙ ووٽن  يعنيٰ  ٻين پارٽين  ۽ آزاد اميدوارن  جي ووٽن جو تعداد 64 لک 4 هزار 689 آهي ۔

ڪراچي جون 20 سيٽون ڪڍي ، باقي سنڌ جي 41 سيٽن جو حساب ڪتاب به اهو ٻڌائڻ لاءِ ڪافي آهي ته ڪهڙو مينڊيٽ ، ڪٿان جو مينڊيٽ   ، جو پيپلز پارٽي  ان کي بنياد بڻائي سنڌ جي لٽ مار ڪئي آهي۔  2013 جي اليڪشن ۾  ڪراچي کان ٻاهر وارين قومي اسيمبلي جي  41 جنرل  سيٽن تي پيپلز پارٽيءَ مجموعي طور 31 لک 90 هزار 825 ووٽ کنيا آهن ۽ سندس مخالف اميدوارن جا گڏيل ووٽ 32 لک 7 هزار 534 آهن۔

تازو سنڌ جي وزير اعليٰ مراد علي شاه صاحب فرمايو آهي ته اسان جي ڪارڪردگي جي ڪري  اسان کي سنڌ جو عوام تمام وڏو مينڊيٽ ڏيندو آهي اهو ئي سبب هو جو 2013 ۾ اسان کي 2008 کان به وڌيڪ ووٽ مليا۔

مان سندس ان بيان تي ان لاءِ حيران ٿيس جو 2008 جون چونڊون ،بي نظير ڀٽو جي شهادت کان ترت پوءِ ٿيون هيون۔ ان وقت پيپلز پارٽي کي جيڪو ووٽ ملي پئي سگهيو اهو پيپلز پارٽي کي  شايد ڪڏهن نه ملي سگهي پر پو به 2013 جي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي بي نظير جي شهادت واري اليڪشن کان به وڌيڪ ووٽ کنيا ته پوءِ صاف ظاهر آهي  ته 2013 جي اليڪشن ۾ فرشتن ووٽ وڌا۔2010 جي مها ٻوڏ ۽ 2011 جي برساتن جي تباهيءَ بعد سنڌ حڪومت جيڪا سنڌ جي عوامسان تعدي هئي ان کان پوءِ پيپلز پارٽي جي مقبوليت واري ووٽ ۾ کوٽ هجڻ گهرجي ها نه ڪي واڌ۔

صرف  وزير اعليٰ ئي نه پر پيپلز پارٽي جي هر ننڍي وڏي ليڊر وٽ اهو اسٽيريو ٽائيپ بيان موجود آهي ته سنڌ جي عوام اسان کي مينڊيٽ ڏنو آهي اسان سنڌ جو اڇو ڪيون  يا ڪارو ڪيون۔  پ پ ئي نه پر ان جي سهولت ڪار ليکڪن، صحافن ۽ دانشورن هر پليٽ فارم تي ، هر ليک ۾ ، هر اسٽيج تي اها ڳالهه بار بار دهرائي آهي ته سنڌ صرف پيپلز پارٽي جي آهي ٻين کي ووٽ ئي ناهن ملندا۔

2013 جي چونڊن جي نتيجن  جو تفصيلي جائزو وٺڻ کان پوءِ  مون کي ان سوال جو جواب به ملي ويو ته  هر قسم جي ڀوتاري طاقت هجڻ جي باوجود  آصف علي زرداري کي ڪهڙي ضرورت محسوس ٿي ته هو  انهن ماڻهن کي به ڀاڪر پائي پيپلز پارٽي ۾  شامل ڪري جيڪي شايد ڪنهن وقت يا هاڻي به کيس  ڏٺي نه وڻندا هوندا۔ مون کي اها به حيرت ٿي ته پيپلز پارٽي جيڪا سنڌ ۾ پنهنجي بي مثال مقبوليت جي دعويٰ  ڪندي  سنڌ جي ڀينگ ڪرڻ واري عمل کي عوام جي ووٽ حاصل هجڻ سان ڳنڍي سنڌ تباه ڪرڻ پنهنجو حق سمجهندي  آهي ، سنڌ ۾  قومي اسيمبلي جي ڪيترين ئي  سيٽن تي تمام مشڪل سان چونڊون کٽي آهي ۔  ڪافي تڪن تي جيڪڏهن  ساڻس مقابلي وارا ٻيون  ۽ ٽيون نمبر وارا اميدوار پاڻ ۾ ڏئي وٺي چونڊ اتحاد ڪن ها ته پيپلز پارٽي سنڌ2013 جي انهن چونڊن ۾  ڪافي سيٽون هاريل هئي ۔

سنڌ ۾ سڌي ريت اليڪشن  لاءِ قومي اسيمبلي جي سيٽن جو ڪل تعداد 61 آهي۔ جنهن مان ڪراچي جون 20 سيٽون آهن جن مان 17  ايم ڪيو ايم کنيون۔ ايم ڪيو ايم به مينڊيٽ  جو رينگٽ ڪندي آهي پر سڀ کي خبر آهي ته سندن مينڊيٽ ڪيئن حاصل ٿيندو رهيو آهي۔ باقي بچيل ٽن سيٽن مان هڪ پيپلز پارٽي کٽي، ٻي تحريڪ انصاف ۽ ٽين مسلم ليگ جي حڪيم بلوچ کٽي هئي جيڪو تازو پيپلز پارٽي ۾ هليو ويو ۽ ساڳي سيٽ هاڻي پيپلز پارٽي وٽ آئي۔

ڪراچي کان ٻاهر باقي بچيل سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي  41 جنرل  سيٽن مان پيپلز پارٽي سيٽون ته 29 کنيون آهن پر اهي ڪيتري فرَق سان کٽيون آهن ان لاءِ

هڪ هڪ سيٽ جو جائزو ٿا وٺون جيئن خبر پوي ته جنهن مينڊيٽ جي آڌار تي   پيپلز پارٽي  سنڌ ۾ ڪرپشن جي بازار مچائي  ڀينگ ڪئي آهي ان جي اصل  حقيقت ڇا آهي۔

 واضع رهي ته 2013 جي چونڊن جو اهو رزلٽ ، ان نگران حڪومت جي نگراني ۾ ٿيل چونڊن جو آهي جيڪي پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي مقرر ڪيل نگران  وزير اعليٰ زاهد قربان علوي جي حڪومت هيٺ ٿيون هيون۔ جنهن جو ڪردار پڻ  متنازع رهيو زاهد قربان علوي  کي جنهن وقت نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو ان وقت اڳ ۾ ئي هو حڪومتي عهدي تي چيئرمين  سنڌ لينڊ ڪميٽي مقرر ٿيل هو۔  پيپلز پارٽي پاران ٺاهيل سندن مرضي جي نگران حڪومت، جنهن کين  چونڊن ۾ مڪمل مدد ڪئي ان باوجود پيپلز پارٽي جيڪي ووٽ 2013 ۾ کنيا اهي صاف ٻڌائن ٿا ته سنڌ جي ماڻهن تي اهو غلط الزام آهي ته هو پيپلز پارٽي کيئي  ووٽ ڏيندا آهن ڀلي انهن کي پ پ گٽر جو پاڻي پياري۔ سنڌ جي اڪثريت پيپلز پارٽي کي مينڊيٽ ڏنو ڪٿي آهي۔ان جو ثبوت اليڪشن ڪميشن جا هيٺيا انگ اکر آهن۔

اين اي 198 سکر ون

اها سيٽ پيپلز پارٽي جي نعمان اسلام الدين شيخ 52684 ووٽ کڻي کٽي آهي ۔ ٻيون ، ٽيون ۽ چوٿون نمبر اميدوارن جا گڏيل ووٽ 53865 آهن يعنٰي پيپلز پارٽي جي کٽيل اميدوار کان به وڌيڪ آهن۔ اڃان به اڳتي وڌي پندرهن اميدوارن جا ووٽ ڳڻجن ته مجموعي طور تي 74865 ووٽ ٿين ٿا ۔ معنيٰ پيپلز پارٽي جي ووٽن  52684 کان 21 هزار وڌيڪ ووٽ پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ پيا۔

199      اين اي سکر ٽو۔

اها سيٽ سيد خور شيد شاهه 85120 ووٽ کڻي  کٽي۔ سندس مخالف فنڪشنل مسلم ليگ جي عنايت ٻرڙو 52118 ووٽ کنيا۔  تڪ جو هر ماڻهون حيران آهي ته عنايت ٻرڙو ايترا ووٽ ڪيئن کنيا ڇاڪاڻ جو پاڳاري جا مريدان تڪ ۾  آهن ضرور پر ايڏا ناهن ۔  اتي 12 هزار کن ووٽ ٻين اميدوارن به کنيا آهن ۔ معنٰي پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ ان تڪ تي 63 هزار ووٽ پيا آهن۔

 اين اي 200 گهوٽڪي۔

اتي پيپلز پارٽي جي علي گوهر مهر 86579 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي۔ ٻي نمبر تي آزاد اميدوار خالد لونڊ 76615 ووٽ کنيا۔ پنج هزار ووٽ پنج ٻين اميدوارن به کنيا آهن۔ مقابلو سخت هو، اهو ئي سبب آهي جو پيپلز پارٽي  خالد لونڊ کي به پاڻ وٽ آڻي سيٽ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔

 اين اي210 گهوٽڪي۔

 پيپلز پارٽي پاران علي محمد مهر اها سيٽ 124472 ووٽ کڻي واضع اڪثريٽ سان کٽي۔

اين اي 202 شڪارپور۔

اها سيٽ  پيپلز پارٽي جي آفتاب شعبان ميراڻي 54015 ووٽ کڻي کٽي۔ ٻين نمبر جي اميدوار ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي 53785 ووٽ کنيا۔ معنٰي پيپلز پارٽي صرف 230 ووٽ مٿي کنيا۔ ان تڪ تي پ پ سامهون بيٺل ٻين اميدوارن جا ووٽ به ڳڻجن ته مجموعي طور 84 هزار ووٽ ٿين ٿا۔ معنٰي پيپلز پارٽي جي کٽيل اميدوار جي ووٽن  کان به  30 هزار وڌيڪ ووٽ پ پ جي مخالفت ۾ پيا۔

اين اي 203 شڪارپور۔

اها سيٽ مسلم ليگ فنڪشنل جي غوث بخش مهر 77165 ووٽ کڻي کٽي۔ پيپلز پارٽي جي اميدوار 41919 ووٽ کنيا۔

اين اي 204 لاڙڪاڻوهڪ  ۔

 پيپلز پارٽي جو اياز سومرو 50128 ووٽ کڻي کٽيو۔ ٻين نمبر تي مسلم ليگ فنڪشنل جي مهتاب اڪبر راشدي 32006 ووٽ کنيا، ٽين نمبر تي آزاد اميدوار معظم علي 28745 ووٽ کنيا۔ معنٰي هاريل ٻنهي اميدوارن جا  پ پ جي ڪامياب اميدوار کان 10 هزار ووٽ وڌيڪ آهن۔ ايئن به چئي سگهجي ٿو ته لاڙڪاڻي جي  ان تڪ تي پيپلز پارٽي کي 50 هزار 128 ووٽ پيا ته  مخالفت ۾ 82132 ووٽ پيا۔

اين اي 205 لاڙڪاڻو ٻه ۔

اها سيٽ پيپلز پارٽي جي نذير ٻگهيو 65720 ووٽ کڻي کٽي۔ سندس برتري واضع رهي پر پو به پيپلز پارٽي جي مخالفن 48300 ووٽ ان تڪ تي کنيا۔

اين اي 206 لاڙڪاڻو ٽي۔

اها سيٽ پيپلز پارٽي جي عامر مگسي 87279  ووٽ کڻي کٽي۔ سندس برتري واضع رهي اتي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي اميدوار اصغر شاه راشدي کي  22100 ووٽ مليا۔

اين اي 207 لاڙڪاڻو چار ۔

اتي فريال ٽالپر 83916 ووٽ کنيا۔ پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي غنوٰي ڀٽو28191 ۽  جي يو آءِ جي ڊاڪٽر خالد محمود سومرو 20478 ووٽ کنيا۔ ڪجهه ٻين اميدوارن جا ووٽ ملائجن ته ان تڪ تي پيپلز پارٽي مخالفن 58 هزار کن ووٽ کنيا۔

اين اي 208 جيڪب آباد ون ۔

اعجاز جکراڻي پيپلز پارٽي پاران ان تڪ تي 51246 ووٽ کڻي کٽيو مسلم ليگ نواز جي الاهي بخش سومرو 45750 ووٽ کنيا ۽ تحريڪ انصاف 7212 وٽ کنيا۔ مجموعي طور ان تڪ تي پيپلز پارٽي جا 51246 ووٽ ٿيا ته ان جي سامهون بيٺل اميدوارن جا ووٽ 61 هزار کان وڌيڪ آهن ۔

اين اي 209 جيڪب آباد ٽو۔

پيپلز پارٽي پاران ان تڪ تي شبير بجاراڻي 54881 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو۔ ٻي نمبر تي فنڪشنل جي مير حسن کوسو 45660 ووٽ کنيا۔ اهڙا 3 هزار ووٽ ٻين اميدوارن  به کنيا۔

اين اي 210 جيڪب آباد ٿري۔

پ پ جو احسان مزاري 55808 ووٽ کڻي کٽيو۔ سندس برتري واضع هئي پر اجتماعي طور سندس پهرين پنج مخالفن جا ووٽ 41 هزار کن پيا۔

اين اي 211 نوشهرو فيروز ون ۔

ين پي پي جي مرتضٰي جتوئي 83355 ووٽ کڻي اها سيٽ کٽي ۔ پيپلز پارٽي جي

 ذوالفقار بھڻ

 67224 ووٽ کنيا

اين اي 212 نوشهرو فيروز ٽو  ۔

اها سيٽ پ پ جي اصغر شاه 93 هزار 492 ووٽ کڻي کٽي ۔ سندس پهرين پنجن مخالفن جا گڏيل 92 هزار ووٽ  پڻ اهو ٻڌائين ٿا ته اتي به پ پ آساني سان ناهي کٽيو۔

اين اي 213 نوابشاه ون ۔

ڊاڪٽر عزرا پيچوهو 113199 ووٽ کڻي واضع اڪثريت سان کٽيو۔ پوءِ به اتي پيپلز پارٽي سامهون بيهندڙ پهرين پنج اميدوارن جا گڏيل ووٽ 85 هزار جي لڳ

ڀڳ آهن۔

اين اي 213 نوابشاه ٽو ۔

پ پ جو غلام مصطفٰي شاه  135502 ووٽ کڻي واضع اڪثريت سان کٽيو۔  اتي پيپلز پارٽي مخالفن کي  به 45 هزار ووٽ  پيا ۔

اين اي 215 خيرپور ون۔

نواب وساڻ پ پ پاران 91809 ووٽن سان  کٽيو ، اتي پ پ جي سامهون وارن پهرين پنج اميدواران جا ووٽ 75700 رهيا ، جن ۾ غوث علي شاه جا 66هزار 500 ووٽ به شامل آهن۔

اين اي  216  خيرپور ٽو

 اتي پيپلز پارٽي جي ساجد ٻانڀڻ هارايو سندس ووٽ 76941 رهيا۔ مسلم ليگ جي پير صدرالدين شاه کي 86982 ووٽن سان  ڪاميابي ملي ۔

اين اي  217  خيرپور ٿري ۔

مسلم ليگ فنڪشنل  جو ڪاظم شاه 75862 ووٽ کڻي کٽيو۔ پ پ جي جاويد شاه جيلاني 71915 ووٽ کڻي هارايو۔

اين اي 2018 حيدرآباد۔

اتي مخدوم امين فهيم 95724 ووٽ کڻي اليڪشن کٽي۔ فنڪشنل جي عبدالرزاق 72423 ووٽ سندس مخالفت ۾ کنيا۔  پ پ جي سامهون اليڪشن وڙهندڙن   ٽن ٻين اميدوارن  جا ووٽ پڻ 8 هزار کن آهن معنٰي ان تڪ تي 80 هزار کن ووٽ پ پ جي سامهون وارن کي مليا۔

اين اي 219، اين اي 220 حيدرآباد  ايم ڪيو ايم واضع اڪثريت سان کٽيا۔

اين اي 221 حيدرآباد ۔

پ پ جو امير علي شاه ڄاموٽ 59821 ووٽ کڻي کٽيو۔ اتي به پ پ سامهون بيٺلن جا ڪل ووٽ 53 هزار جي لڳ ڀڳ ٿيا۔

اين اي 222 ٽنڊو محمد خان

پ پ جي نويد قمر جي اڪثريت واضع رهي۔ 1 لک 95 ووٽ کنيائين۔ مخالفت ۾ ٻين جا ووٽ 45 هزار رهيا۔

اين اي 223 حيدرآباد ۔

پ پ جي ستار بچاڻي 91956 ووٽ کڻي کٽيو۔  پ پ  سامهون وارن بيٺلن جا 89 هزار کن ووٽ آهن معنٰي ٻن هزارن جو فرق۔ ان ۾ مسلم ليگ جي راحيلا مگسي جا 68 هزار 116 ووٽ آهن۔

 اين اي 224 بدين ۔

اتي پ پ جي  ڪمال چانگ 128723 ووٽ کڻي واضع کٽيو۔ سندس مخالف فنڪشنل جي اميدوار اصغر هاليپوٽو  56 هزار 36 ووٽ کنيا۔ 10 هزار ووٽ ٻين به ان تڪ تي کنيا۔

 اين اي 225 بدين ۔

اتي پ پ جي فهميده مرزا110738 ووٽ کڻي واضع کٽيو۔ سندس مخالف فنڪشنل جي اميدوار ياسمين شاه  65  هزار258 ووٽ کنيا۔

 اين اي 226 ميرپور خاص ۔

پ پ جي شفقت شاه جيلاني 82 هزار 17 ووٽ کڻي کٽيو۔ ان تڪ تي فنڪشنل جي قربان شاه 47450 ۽ ايم ڪيو ايم جي اميدوار 34687 ووٽ کنيا۔ ٻنهي جو ٽوٽل  پ پ جي کٽيل اميدوار کان وڌيڪ آهي ان تڪ  تي پ پ مخالف پهرين چئن اميدوارن جا ووٽ 99 هزار کان مٿي آهن۔

 اين اي 227 ميرپور خاص ۔

ان تڪ تي مير منور ٽالپر 1 لک 13218 ووٽ کڻي واضع کٽيو۔ سندس ٻين ۽ ٽين نمبر  مخالف  گڏيل طور 41 هزار  ووٽ کنيا۔

 اين اي 228 ميرپور خاص ۔

پ پ جو نواب يوسف ٽالپر 99 هزار 700 ووٽ کڻي کٽيو، اتي سندس پهرين چئن مخالفن جا ووٽ 94 هزار 895 بيٺا۔ جن ۾ پي ٽي آءِ جي شاهه محمود جا 86 هزار 134 ووٽ رهيا۔

اين اي 229 ٿرپارڪر ۔

پ پ جو شير محمد بلالاڻي 88 هزار 218 ووٽ کڻي کٽيو،  اتي سندس مخالفن جا ووٽ 89 هزار214  بيٺا۔ جن ۾آزاد اميدوارارباب توڳاچي جا 86 هزار 97 ووٽ هيا۔ پهرين پنج اميدوارن جا ووٽ اتي به پ پ اميدوار کان وڌيڪ يعنٰي 89هزار 214 آهن۔

اين اي 230 ٿرپارڪر ۔

پ پ جونور محمد شاهه جيلاني 61 هزار 903 ووٽ کڻي کٽيو، سندس پهرين ٻن مخالفن جا ئي گڏيل ووٽ ان کان وڌيڪ آهن ۔پي ٽي آءِ جي شاهه محمود 59  هزار 852 ووٽ کنيا ۽ آزاد اميدوار 4815 ووٽ کنيا۔جن جو ٽوٽل 64 هزار 667 ٿي ٿو جيڪو  پ پ جي کٽيل اميدوار کان وڌيڪ آهي۔

اين اي 231  دادو ۔

ان تڪ تي پ پ جو ملڪ اسد 1 لک 29500 ووٽ کڻي واضع کٽيو۔ سندس مخالف جلال محمود شاه 58 هزار ووٽ کنيا۔

اين اي 232  دادو ۔

ان تڪ تي پ پ جي رفيق جمالي 76 هزار 887 ووٽ   کڻي کٽيو۔ سندس پهرين پنج مخالفن جا ووٽ ان کٽندڙ اميدوار کان وڌيڪ آهن جن جو ٽوٽل 77 هزار 187 ووٽ ٿئي ٿو۔ جنهن ۾ آزاد اميدوار ڪريم ڏنو جتوئي 56 هزار 838 ووٽ کنيا۔

اين اي 233  دادو ۔

پ پ جو عمران لغاري واضع کٽيو سندس ووٽ ا لک 292 رهيا۔ مخالف لياقت جتوئي 65 هزار ووٽ کنيا۔

اين اي 234 سانگهڙ تي فنڪشنل جي پير بخش جوڻيجو  90787 ووٽ کڻي کٽيو پ پ جي فدا ڏيرو 65916 ووٽ کنيا۔ اين اي 235 سانگهڙ تي صدرالدين شاهه 74 هزار 62 ووٽ کڻي کٽيو پ پ جي شازيه مري 62231 ووٽ کينا۔

اين اي 236 سانگهڙ ۔

پ پ جي روشن جوڻيجو 1 لک 906 ووٽ کڻي کٽيو پر اتي به سندس پهرين ٽن  مخالفن جا ووٽ 97 هزار کان مٿي رهيا ۔

اين اي 237 ٺٺو۔

پ پ جي صادق ميمڻ 86 هزار 784 ووٽ کڻي کٽيو پر سندس پهرين ٻن مخالفن جا گڏيل ووٽ 1 لک 6 هزار کان مٿي آهن جن ۾ رياض شاهه شيرازي جا 83 هزار ووٽ ۽ ماروي ميمڻ جا 23 هزار 598 ووٽ هيا۔ اين اي 238 ٺٺو پ پ هارايو 88 هزار کان مٿي ووٽ کڻي اياز شاو شيرازي کٽيو ، پ پ جي رميز ميمڻ 79 هزار 181 ووٽ کنيا۔

سنڌ جي 2013 جي اليڪشن ۾  قومي اسيمبلي سيٽن جي جائزي مان ڄاڻ ملي ته ڪراچي جي 20 سيٽن کان علاوه باقي سنڌ جي 41 سيٽن  مان پيپلز پارٽي 32 سيٽون کٽيون  ۽ 9 هارايون۔ انهن کٽيل 32 سيٽن مان صرف 12 سيٽن تي کين واضع برتري يا 20 هزار ووٽن کان وڌيڪ جي ليڊ آهي ۔ باقي 20 تڪن تي مشڪل سان کٽيا آهن۔ ڪيترن تڪن تي ٻين ۽ ٽين نمبر اميدوارن جا گڏيل  ووٽ کٽندڙ پ پ اميدوار کان وڌيڪ آهن۔

جي مينڊيٽ سيٽ کتڻ جو نالو آهي تو پوءِ ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ 2013 جي چونڊن ۾ کٽيو پر جي مينڊيٽ ووٽ جو نالو آهي ته پو پيپلز پارٽي سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي ڪراچي کان ٻاهر وارين 41 سيٽن تي مجموعي طور 31 لک 90 هزار 825 ووٽ کنيا آهن ۽ سندس مخالف اميدوارن  جا  مجموعي ووٽ 32 لک 7 هزار 534 آهن۔  پيپلز پارٽي جي ان فتع ۾ گذريل حڪومت  ۾ اقتدار۾ رهڻ ، سنڌ جي نگران حڪومت پاڻ ٺاهڻ واريون سهولتون به شامل آهن ۔

اهڙي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ جنهن طرح اليڪشن کٽي هئي اها ڳالهه ٻين پارٽين ۽ عوام کان شايد وسري وئي هجي پر زرداري کي ياد آهي ۽ کيس اندازو آهي ته هن ڀيري ته  سنڌ ۾ سندس پارٽي خلاف شديد ڪاوڙ موجود آهي۔ بي انتها ڪرپشن ، عوام کي گٽرن جو پاڻي پيارڻ، اسپتالن ۽ علاج جا پيسا بهکائي وڃڻ ، روڊن رستن جي تباهي، ٿر ۾ ٻارڙن جا بک ۾ مرڻ ، لاڙڪاڻي پيڪج جا اربين رپيا هضم ڪري شهر کي کنڊر بنائڻ،ڪرپٽ ۾اڻهن  کي عهديدار رکي سونا تاج پهرائڻ وارا عمل ڪري سنڌين کي پيغام ڏيڻ ته جيڪو مرضي ۾ ايندو ڪنداسين،  جهڙا معاملا  ته  2018  جي اليڪشن ۾ سامهون ايندا، ان لاءِ هن اڳواٽ تياري ڪئي آهي هر وڏيري کي پارٽي ۾ شامل ڪيو اٿس.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *