Friday , March 29 2024

18سالن کان گهٽ ڄمار جي زال سان جسماني لاڳاپا لڄالٽ هوندا:ڀارتي سپريم ڪورٽ

ڀارتي سپريم ڪورٽ  هڪ غير معمولي فيصلو  ٻڌائيندي 18 سالن کان گهٽ ڄمار واري زال سان مڙس جي جسماني لاڳاپن کي لڄالٽ جو ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته 15 کان 18 سالن جي وچ واري عمر جي زالن سان مڙسن جي جسماني لاڳاپن کي لڄالٽ تصور ڪيو ويندو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ننڍي ڄمار واريون زالون پنهنجن مڙسن خلاف ڪيس به داخل ڪرائي سگهن ٿيون. عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن ۽ جاکوڙي ڪارڪنن پاران سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تاريخي قرار ڏيندي ان جي آجيان ڪئي وئي آهي. هنن جو چوڻ آهي ته عدالت جي ان تاريخي فيصلي سان شادي جي نالي تي معصوم ٻارڙين سان ٿيندڙ ظلم کي روڪڻ ۾ وڏي مدد ملندي.

لڄالٽ بابت انڊين پـِينل ڪوڊ يعني تعزيرات هند جي شق 375 ۾ هڪ استثنيٰ آهي، جنهن ۾ شادي اندر جبري جنسي لاڳاپن کي ڏوهه قرار نه ڏنو ويو آهي. پر سپريم ڪورٽ جي هاڻوڪي فيصلي کانپوءِ اها ڏنل ڇوٽ ختم ٿي وئي آهي. عدالتي فيصلي جي روشني ۾ جيڪڏهن ڪو مڙس پنهنجي زال جي مرضي کانسواءِ ساڻس جنسي لاڳاپا قائم ڪندو ته اهو ڏوهه آهي. ڀارت ۾ بالغ هئڻ جي عمر واري حد 18 سال مقرر آهي ۽ سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته ان ۾ گهٽتائي نه ٿي ڪري سگهجي. ڀارتي سپريم ڪورٽ جي هن غير معمولي فيصلي تي ماس ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي نوان بحث شروع ٿي ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *