Wednesday , April 17 2024

۽ ڊاڪٽر حميده کهڙو به وڇڙي وئي…!!

Dr_Hamida_Khuhro4Dr_Hamida_Khuhro1Hamida1

سنڌ جي نامياري دانشور، ليکڪه، عالمي ادب، ٻولي ۽ شاهه عبدلطيف جي پارکو ڊاڪٽر حميده کهڙو ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. ڊاڪٽر حميده کهڙو گذريل ڪجهه مهينن کان بيمار هئي ۽ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ سندس علاج هلندڙ هو.

ڊاڪٽر حميده کهڙو علاج دران آچر ڏينهن صبح جو لڳ ڀڳ ساڍي ڇهين وڳين 70 سالن جي عمر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

ڊاڪٽر حمديه کهڙو پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات سائين جي ايم سيد سان گڏ جيئي سنڌ هلچل ۾ حصو وٺڻ سان شروع ڪئي. ڊاڪٽر حميده کهڙو جيئي سنڌ ناري تحريڪ،، جھي ئي سنڌ تحريڪ ۽ جيئي سنڌ محاذ ۾ سائين جي ايم سيد سان گڏ سياست ڪئي.

ڊاڪٽر حميده کهڙو وڏو عرصو جيئي سنڌ هلڍل سان رهڻ بعد 80 واري ڏهاڪي جي آخري ڏينهن ۾ سائين جي ايم سيد جي سياست کي خدا حافظ چئي پاڪستان مسلم ليگ نواز ۾ شامل ٿي، جنهن بعد مسلم ليگ جي مختلف گروپس ۾ پڻ رهي. آخري ڀيرو 2002 جي عام چونڊن بعد وجود ۾ آيل سنڌ اسيمبلي ۾ قاف ليگ جي حڪومت دوران علي محمد مهر ۽ بعد ۾ ارباب رحيم جي وڏ وزارت دوران سنڌ جي تعليم کاتي جي وزير پڻ رهي.

ڊاڪٽر حميده کهڙو سنڌ جي سياست سميت عالمي ادب، سياست ۽ سماجي علمن تي تحقيقي مقالا لکيا ۽ سندس انگريزي ۾ پڻ ڪيترائي مقال توڙي ڪتاب ڇپيل آهن.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *