Friday , March 29 2024

۽ رسول بخش پليجو به وڇڙي ويو،سنڌ سوڳوار

 

ڪراچي/ ٺٽو ( رپورٽرز سنڌسماءَچار) عظيم ڏاهو، تاريخدان، اديب ۽ ناليوارو سياستدان رسول بخش پليجو ساهه ۽ دل جي تڪليف سبب 88  ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مڙهه جنگشاهي ويجهو اباڻي ڳوٺ منگر خان پليجو پهچايو ويو، گهارو ۽ مڪلي سميت مختلف هنڌن تي مڙهه کي ڪارڪنن پاران سلامي ڏني وئي، اڄ جنازي نماز بعد سندس مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. رسول بخش پليجو ڪيترن ئي ڏينهن کان ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا هو، ڪجهه ڏينهن اڳ سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب کيس ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، جتي  هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.

رسول بخش پليجو جو مڙهه اباڻي ڳوٺ مُنگر پليجو پهچايو ويو، سندس جنازي نماز اڄ ادا ڪئي ويندي، عوامي تحريڪ پاران 40 ۽ قومي عوامي تحريڪ پاران 15 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويوآهي.عوامي تحريڪ جي سربراهه جو تعزيتي تڏو سندس اباڻي ڳوٺ مُنگر پليجو ۾ وڇايو ويو آهي، اياز لطيف پليجو ۽ پارٽي اڳواڻ به تڏي تي موجود  آهن. مختلف شخصيتن، قومپرست اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ علائقي واسين  جي ڳوٺ مُنگر پليجو ۾ آمد جو سلسو جاري آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، عمران خان، آغا سراج دراني، سينيٽر رضا رباني، نثار کهڙو ۽ ٻين اڳواڻن پاران ڏک جو  اظهار ڪيو ويو آهي.

رسول بخش پليجو جي زندگي جو مختصر خاڪو

ڪراچي: عوامي تحريڪ جو سربراهه رسول بخش پليجو 21 فيبروري 1930 ۾ جنگشاهي ويجهو ڳوٺ منگر پيلجو ۾ پيدا ٿيو، شروعاتي تعليم اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد سيڪنڊري تعليم سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي مان حاصل ڪئي. رسول بخش پليجو سنڌ لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ وڪيل جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. رسول بخش پليجو سڄي زندگي  سماجي نابرابري خلاف، جمهوريت جي بحالي ۽ عورتن جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو.

رسول بخش پليجو ون يونٽ جي خاتمي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت، جهلم، تونسا، پنجند لنڪس ذريعي پاڻي جي چوري جي  خلاف منظم طريقي سان جدوجهد ڪئي.  رسول بخش پليجو عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد وڌو ۽ هن عورتن کي سياست ۾ آندو، سياسي زندگي جا 10 سال جيل ۾ گهاريا. رسول بخش پليجو ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد دوران هڪ ڊائري لکي ۽ سنڌي ٻولي ۾ 26 ڪتاب لکيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *