Wednesday , April 24 2024

ڳڙهي خيرو ۾ سُناڻي ۽ ليڙواڻي برادرين ۾ خوني تڪرار جو جرڳو

ڳڙهي خيرو(سنڌ سماءَ چار نيوز)  ويجھو سُناڻي ۽ ليڙواڻي برادرين جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو ضلعي ڪائونسلر جي سرپئينچي هيٺ ٿيو، ٻنهي ڌرين تي  هڪ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 27 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. ڳوٺ گل خان ليڙواڻي ۾ سُناڻي ۽ ليڙواڻي برادرين جي ٻن ڌرين وچ ۾ خوني تڪرار جو جرڳو ضلعي ڪائونسلر جاويد بليدي جي سرپئنچي ۾ هڪ قتل ۽ چئن ڄڻن جي زخمين جي معاملي جو نبيرو ڪندي ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور 27 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. ڳوٺ گل خان ليڙواڻي ۾ ٻه سال اڳ چوري جي مامري تان ٻنهي ڌرين ۾ تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، جنهن ۾ قتل ٿيل نياز سناڻي جو خون، زخمي ظفر سناڻي ۽ سڪندر سناڻي جو ڏوھه ليڙواڻي برادري مٿان ثابت ٿيڻ تي 21 لک 50 هزار ڏنڊ مقر ڪيو ويو.

جڏهن ته ليڙواڻي برادري  جا زخمي ٿيل  عبدالستار ۽ علي جان جو ڏوھه سناڻي برادري مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 6 لک 50 هزار ڏنڊ وڌو ويو. هوڏانهن سُناڻي برادري پاران زمين جو مطالبو ڪرڻ تي ليڙواڻي برادري پاران 8 ايڪڙ زمين جي رقم 16 لک رپين جي صورت ۾ ڏني وئي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *