Thursday , April 25 2024

ڳڙهي خيرو ۾ جوابدار جي 8 ورهين جي بارڙي سان مبينا ڏاڍائي، جوابدار سوگهو

ڳڙهي خيرو(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڳوٺ دائود جهانپور ۾ جوابدار پاران 8 سالن جي معصوم نينگري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش دوران ٻارڙي جي دانهن تي علائقي واسي پهچي ويا، جن جوابدار بابو ميرالي کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. معاملي جو اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ٿيو. ڳوٺ دائود جهانپور ۾ 8 سالن جي نينگري زينت ميرالي سان هڪ جوابدار بابو ميرالي پاران زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن تي معصوم نينگري دانهون ڪيون. نينگري جي دانهن تي پاڙيوارا گڏي ٿي ويا، جن نينگري کي بچائي مبينا جوابدار بابو ميرالي کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدار خلاف ڪيس داخل نه پئي ڪري ۽ ڪارروائي کان لنوائي رهي آهي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *