Friday , April 19 2024

ڳڙهي خيرو ۽ لکي غلام شاهه ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

ڳڙهي خيرو  ويجهو لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي گوليون لڳڻ سبب هڪ نوجوا قتل ٿي ويو، لکي غلام ساهه جي ڪچي واري علائقي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺاڻو مارجي ويو. ڳڙهي خيرو جي ڳوٺ دين محمد لاشاري ۾ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب  نوجوان لياقت لاشاري مارجي ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ  تعلقه اسپتال کڻائي وئي، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو آهي

لکي غلام شاهه جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ ڪالو قادراڻي ويجهو ڦردوران مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن فائرنگ ڪري نوجوان رضا حسين جتوئي قتل ڪري ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.ڳوٺاڻن پاران اطلاع ڏيڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. مڙهه گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.پوليس موجب ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪري جلد گرفتار ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *