Friday , March 29 2024

گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ سنڌ جو ڪيس! _ سهيل ميمڻ

 سهيل ميمڻsuhail

سي سي آءِ جو اجلاس آئين موجب هر 90 ڏينهن ۾ ٿيڻو هوندو آهي, پر هي اجلاس هن ڀيري پنجن مهينن بعد ٿيو. اجلاس جهڙو ٿيو، تهڙو نه ٿيو. وزيراعظم نواز شريف جو  ليا ۾ جلسو هو، ان ڪري پاڻي ۽ گئس سميت سي سي آءِ جي اڌ کان وڌيڪ اهم ايجنڊا ملتوي ڪئي وئي، پر ڪنهن آهسته ڌيمي آواز ۾ اهو عرض به نه رکيو ته سائين! هي اجلاس اهم آهي، توهان جي پارٽي جو جلسو نه- ٻيو ته جلسو ڪنهن ٻي ڏينهن رکي سگهجي پيو. سنڌ جي حوالي سان ڳالهائجي ته سنڌ ۾ ٻاهر روڊن تي پيپلز پارٽي روز احتجاج ۾ آهي، پر جڏهن وقت آيو ۽ جتي ڳالهه ڪرڻي هئي، اتي نواز شريف کي هڪ جملو ئي کڻي چئجي ها ته، ٻيلي جلسو هن اجلاس کان وڌيڪ ته ناهي!

گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ٿيل اجلاس ۾ پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي، جيڪي پنهنجي عهدن جي حساب سان سي سي آءِ جا ميمبر آهن. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده شرڪت نه ڪئي، جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي. اجلاس جي ايجنڊا 5 نقاطي هئي، جيڪا وڌائي ٻارنهن نقاطي ڪئي وئي هئي، پر ملڪ جا حڪمران عوام جي معاملن ۾ ڪيترا سنجيدا آهن، ان جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان هڻي سگهجي ٿو، جو صوبن جا اهم معاملا ڇڏي وزيراعظم جلسي کي خطاب ڪرڻ لاءِ ليا هليو ويو. پوءِ ٻيا ميمبر فوٽو ڪڍرائي پنهنجن پنهنجن صوبن ڏانهن هلي پيا. اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائڻ کا سواءِ ئي پري کان هٿ لوڏي هليو آيو. نه ته سنڌ ۾ روڊن تي جيڪا ٻولي هو وفاق جي روين تي اڄ ڪلهه ڳالهائين ٿا، ان جو سٺو موقعو ته اهو ئي هو ته سنڌ جو وزير اعليٰ احتجاج ڪري ها ته، هي ڪهڙو اجلاس آهي، جيڪو وزيراعظم نواز شريف آڏو هڪ جلسي کان به گهٽ اهميت رکي ٿو. اجلاس ۾ ڪڇي ڪئنال منصوبي ۾ ڪرپشن مامري جي انڪوائري تي غور ڪري فيصلو ڪيو ويو ته منصوبي جي ڪرپشن ۾ ملوث سرڪاري عملدارن کي مثالي سزا ڏني ويندي. قومي ٻوڏ بچاءُ پلان فيز چوٿين لاءِ مالي حصيداري فارمولي جي منظوري پڻ ڏني وئي، جنھن تحت ٻوڏ بچاءَ وارن منصوبن تي ايندڙ 177 ارب 66 ڪروڙ  رپين جي لاڳت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون اڌو اڌ برداشت ڪنديون. اڳ ۾ ٻوڏ بچاءَ منصوبن جي 100 سيڪڙو فنڊنگ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي هئي۔ معنيٰ ويا مسئلا حل ڪرائڻ ته ويتر نقصان ۾ حصيدار بڻايا ويا. ويا ڪجهه حاصل ڪرڻ ۽ پر حاصل ڪرڻ بدران وڃائي آيا.

ڪائونسل صوبائي نمائندن کي 18 ھين آئيني ترميم بعد ھائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ان قسم جي ادارن جي فنڊنگ ۽ ذميوارين ۾ صوبن جي حصيداري وارو مامرو رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال سان گڏ ويھي طئي ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. ڪائونسل اجلاس ۾ ايل اين جي  جي باري ۾ ڪجهه فيصلا پڻ ڪيا ويا ۽ صوبن کي ملندڙ گيس بابت معاملا پڻ اٿيا. اتي وڏي وزير مراد علي شاهه ڳالهايو، باقي ملڪ ۾ جاري ڇھين گھر شماري ۽ آدمشماري تي سمورن نمائندن مڪمل اطمينان جو اظھار ڪيو. حيرت آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ آدمشماري معاملي تي روڊن تي آهي، ايستائين جو عدالت ۾ ڪيس ڪرڻ جا معاملا کنيو ويٺا آهن، پر سي سي آءِ اجلاس ۾ مڪمل اطمينان جو اظھار ڪيو ويو. احوال مليا آهن ته گئس ۽ قدرتي وسيلن بابت فيصلا توڙي پاليسي سازي سي سي آءِ ۾ ڪرڻ واري معاملي ۾ آئين جي آرٽيڪل 154 تي عملدرآمد جي حوالي سان به سنڌ حڪومت کي فوري طور ڪا موٽ ناھي ملي ۽ ان مامري تي ھڪ دفعو ٻيھر ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آھي. اجلاس ۾ ڪراچي کي پاڻي فراھمي 500 ڪيوسڪ مان وڌائي 1200 ڪيوسڪ ڪرڻ واري سنڌ حڪومت جي سمري تي پڻ  غور نه ٿي سگھيو، ڇو ته وزيراعظم نواز شريف کي ليا ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ وڃڻو هو، جنهن ڪري ايجندا جي ٻين رھيل نقطن تي ايندڙ اجلاس ۾ غور ڪرڻ جو چيو ويو.

مجموعي طور اهو اجلاس خانه پوري هئي ۽ پي ٽي آءِ جي ڪي پي ڪي جي وزير اعليٰ  پرويز خٽڪ کان ويندي پيپلز پارٽي جي سنڌ جي وزير اعليٰ مراد علي شاهه تائين پنهنجن صوبن جو ڪيس هڪ فائيٽر جي حيثيت سان رکڻ ته ديواني جو خواب آهي، پر اهي ايترو به نه چئي سگهيا ته ٻيلي اجلاس پورو ڪري پو ته جلسي ۾ وڃو. سنڌ جي وزير اعليٰ ڪراچي ۾ پاڻي منصوبي ڪي فور جو معاملو اٿاريو. بلوچستان جي وزير اعليٰ پٽ فيڊر ۽ کير ٿر ڪينال ۽ بلوچستان ۾ لوڊشيڊنگ جي ڳالهه ڪئي. ڪي پي ڪي جي وزير اعليٰ بجلي جي خالص منافعي، گيس جي فراهمي ۽ ان جي ڳولا جا معاملا ڳالهايا. ٿڌي ٿڌي ڪچهري ٿي،  وزيراعظم نواز شريف هميشه وارو رٽيل بيان اتي فرمايو ته، صوبن سان ناانصافي نه ٿيندي، سڀني کي حق ملندو. رهيل ايجنڊا تي ٽن، چئن، پنجن يا ڇهن مهينن بعد ڳالهائبو. هڪ آئيني اداري، جنهن ۾ صوبن جي ڪروڙين ماڻهن جي روزگار، ناڻي جي ورڇ، پيئڻ جي پاڻي توڙي نهري نظام جي پاڻي، لوڊشيڊنگ جي عذاب توڙي زندگي ۽ موت جا ٻيا معالا اڪلائڻا هجن ٿا، تنهن اجلاس جي اهميت حڪمرانن وٽ ڪيتري آهي، ان جو اندازو عوام پاڻ لڳائي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *