Wednesday , April 24 2024

گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس:شماريات کاتي ڇهين آدمشماري جا ابتدائي انگ اکر پيش ڪري ڇڏيا

Adam Shumari 01

اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير پرويز خٽڪ، بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري، وفاقي وزير رياض پيرزاده، اسحاق ڊار، مرتضيٰ جتوئي، شماريات کاتي جي وزير ڪامران مائيڪل سميت لاڳاپيل اختيارين جي عملدارن ۽ ارسا جي چيئرمين مظهر شاهه پڻ شرڪت ڪئي. شماريات کاتي پاران گڏيل مفادن واري ڪائونسل پاران ملڪ ۾ ٿيل ڇهين آدمشماري جا شروعاتي انگ اکر پيش ڪيا ويا. جنهن موجب پنجاب جي سڀ کان وڌيڪ آدمشماري 11 ڪروڙ 12 هزار 442، سنڌ جي 4 ڪروڙ 78 لک 86 هزار 51، خيبرپختونخوا جي آبادي 3 ڪروڙ 52 لک 3 هزار 371، بلوچستان جي هڪ ڪروڙ 23 لک 4 هزار 408، فاٽا جي 50 لک هڪ هزار 67، جڏهن ته اسلام آباد جي 20 لک 6 هزار 572 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، انگ اکرن موجب سنڌ ملڪ ۾ وڏي شهري آبادي وارو صوبو قرار ڏنو ويو آهي، جتي 52.02 سيڪڙو آبادي شهرن ۾ رهي ٿي، 1998ع جي آبادي جي مقابلي ۾ 57 سيڪڙو آبادي ۾ اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته 1981ع واري آدمشماري جي ڀيٽ ۾ آبادي ۾ 146.6 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته آبادي جي واڌ ۾ شرح پنجاب ۽ سنڌ ۾ گهٽ ٿي آهي، جڏهن ته آباي جي شرح ۾ خيبرپختونخوا، فاٽا ۽ بلوچستان ۾ اضافو ٿيو آهي.پاڪستان ۾ مردن جو ڪل تعداد 10 ڪروڙ 64 لک 49 هزار 322 ۽ عورتن جو تعداد 10 ڪروڙ 13 لک 14 هزار 780 رڪارڊ ڪيو ويو، سنڌ ۾ شهري آبادي 2 ڪروڙ 49 لک 10 هزار 458 ۽ ٻهراڙي جي آبادي 2 ڪروڙ 29 لک 75 هزار 593 رڪارڊ ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *