Friday , April 19 2024

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ آمريڪا کي ناڪامي- ٽرمپ پاران مخالفت ۾ ووٽ ڪندڙن جي امداد بند ڪرڻ جو اعلان

نيويارڪ(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪا پاران سپر پاور وار ڪنه  به فيصلي کي ويٽو ڪرڻ وارو اختيار به ناڪام کان بچائي ناهي سگهيو، امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران بيت المقدس / ييروشيلم کي اسرائيل جي راڄڌاني وارو شهر تسليم ڪندي پنهنجو سفارتخانو اوڏانهن منتقل ڪرڻ واري تڪراري فيصلي جي سڄي دنيا ۾ عوامي مخالفت کان پوءِ ٻي وڏي ناڪامي کي منهن ڏسڻو پيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي موجب گڏيل قومن/يو اين او جي جنرل اسيمبلي ۾ به آمريڪا کي ناڪامي ڏسڻي پئجي وئي آهي. يو اين او جي جنرل اسيمبلي ۾ والاريل بيت المقدس کي اسرائيل جي گادي واري هنڌ تسليم ڪرڻ واري فيصلي خلاف قرارداد وڏي اڪثريت سان منظور ڪئي وئي آهي. اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ 193 ملڪن جي ميمبرن والاريل بيت القمدس متعلق آمريڪي جي تڪراري فيصلي تي ووٽ ڏنو. ترڪي ۽ يمن طرفان پيش ٿيل قرارداد جي حق ۾ 128 ووٽ وڌا ويا، جڏهن ته 9 ملڪن مخالفت ۽ 35 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو ئي نه ورتو. فلسطين جي صدر محمود عباس جنرل اسيمبلي جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته هڪ دفعو ٻيهر فلسطين کي عالمي برادري طرفان حمايت حاصل ٿي وئي.

ٺهراءَ جي مخالفت ۽ آمريڪي فيصلي جي حمايت ۾ ووٽ ڏيندڙ ملڪن ۾ گواٽيمالا، هُنڊراس، ٽوگو، مائيڪرونيشيا، نورو، پالو، مارشل آئيلينڊز ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن. جن ملڪن ووٽنگ واري عمل ۾ حصو نه ورتو انهن ۾ ارجنٽينا، آسٽريليا، ڪئنيڊا، ڪروشيا، جمهوريه چيڪ، ليٽويا، ميڪسيڪو، فلپائن ، رومانيه ۽ رونڊا سميت ٻيا ملڪ به شامل آهن. يوڪرين انهن 21 ملڪن مان هڪ ملڪ آهي جنهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪا جي حق ۽ قرارداد جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو اهنو به جنرل اسيمبلي جي اجلاس مان ووٽنگ واري عمل وقت غير حاضر رهيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *